Thursday, August 8, 2019

ڏٻرا ۽ عاليشان گڏھ - دريا خان شنباڻي


ڏٻرا ۽ عاليشان گڏھ
دريا خان شنباڻي
Image result for donkey hard worker
اسان کي پرائمريءَ ۾ پڙھائيندڙ استاد، ناراض ٿيڻ پڄاڻان، چوندو هو؛ “ڇورا! صفا ڪو گڏهه جو دماغ اٿئي!”
اهو جملو مڊل، هاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ ان کانپوءِ واري زندگيءَ ۾ به سڌي يا اڻسڌي طرح پيڇو ڪندو رهيو. مثال طور؛ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائيندڙ ميڊم ذڪيه چوندي هئي؛ “صفا ڪو سادو آھين!” اسان سمجهي ويندا هئاسين ته ميڊم جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي؟


يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺي نڪتاسين. نوڪري نه ملي، سو واندڪائيءَ ۾ مطالعو ڪرڻ لڳاسين ته گهر وارا چوڻ لڳا؛ “يونيورسٽيءَ مان به پڙھي نڪتين، پوءِ به پڙھڻ مان ڍءُ ڪو نه ٿو ٿيئي. هاڻ ڪهڙو وري ڪليڪٽر ٿيندين”. گهروارن جو به مقصد ساڳيو هوندو هو.
بهرحال، اسين جيڪي ڪتاب پڙھندا هئاسين سي سڀ شاعريءَ، ناولن، ڪهاڻين ۽ فلاسافيءَ وغيره جا هوندا هئا. هڪ ڀيري هڪ بڪ اسٽال واري وٽ وڃي چيم؛ “ادا! فلاسافيءَ جا ڪي ڪتاب ڏيکار”.
مرڪندي چيائين؛ “سائين! ڇڏيو فلاسافيءَ کي! مان اوهان کي ٻيا سٺا ڪتاب ٿو ڏيکاريان”.
هن همراهه به اڻسڌيءَ ريت چيو ته؛ ”فلاسافي توهان کان زور آھي.“
ڪتاب پڙهي، ٿورو گهڻو لکڻ به لڳس ۽ لکڻيون ڇپجڻ به لڳيون پر پئسو ته نيٺ کپي نه. سو بابا جي هڪ دوست ڏانهن ويس. عرض ڪيومانس؛ “چاچا سائين! بيروزگاريءَ مان ڏاڍو تنگ ٿي پيا آھيون. ڪٿي ڪا پرائيويٽ نوڪري ئي ڏياريو”. هن رحم کائي هڪ واقفڪار ڏانهن فون ڪيو ۽ پوءِ چيائين ته؛ “جي اتي دل سان ڪم ڪيئي ته واهه واهه، نه ته پوءِ سڄي عمر بيروزگار رهندين.” ۽ وڌيڪ هدايت ڪندي چيائين؛ “پٽ! انهن ڪتابن يا ادب ٻدب مان ڪجهه به نه ورندئي. سٺو ٿئي ته محنت ڪر ۽ اهي شوق ڇڏي ڏي”.
خير آئون صبح جو ان ايڊريس تي هڪ آفيس ويس. خبر پئي ته جنهن ماڻھوءَ وٽ آيو هئس سو هن اداري جو ايم ڊي آھي. اندر ويس. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ ان صاحب ڊاڪيومينٽ گهريا ۽ ڏسڻ شرط ئي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين؛ “ڀلا، ڪٿي ڪنهن ڪم جو ڪو تجربو به آھي؟”
چيم؛ “نه سائين”.
چيائين؛ “يعني صفا واندو آهين”.
بهرحال، نوڪري به ملي وئي. ڪجهه ڏينهن ته وقت سر پهتس پر پوءِ ڪجهه ليٽ وڃڻ لڳس. ان مجبوريءَ کي ته ايم ڊي صاحب سمجهي ويو ته همراهه جو گهر پري آهي، پر منهنجو ٻيو ڪم، يعني اداري ۾ ويهي ڪو ڪتاب پڙھڻ يا ڪالم، مضمون، ڪهاڻي لکڻ، آفيس وارن کي صفا نه وڻيو. انهن مون کي ايم ڊي صاحب جو ڊپ ڏنو. اداري جي سهڻي ڇوڪريءَ کي ته اها عادت صفا نه وڻي. هڪ ڀيري چيائين؛ “توهان ڪتاب پڙھڻ وارو شوق گهر ۾ ڪريو. ادارو اوهان کي ڪم لاءِ پگهار پيو ڏئي ... ڀلا ڪتابن ۾ رکيو به ڇا آھي. هاڻي توھان کي اسين ڇا سمجهايون؟”
ان به اڻ سڌي ريت ايئن چيو؛ “گڏهه آهين! تو کي ڇا سمجهايان”. ڇوڪريءَ جي ان جملي تي، اها نوڪري ڇڏي ڏني ۽ گهر اچي ادبي ڪم کي گهڻو وقت ڏيڻ لڳس.
هڪ ڀيري، هلندي هلندي، گڏھن جي پڙيءَ ۾ داخل ٿي ويس ۽ ڏٺم ته ڪن گڏھن تي سنج چڙھيل. ڪن گڏھن جي ڳچيءَ ۾ رنگ برنگي ڳانا، ڪي اڇا، ڪي ڀورا، ڪي ڪارا ته ڪي ناسي پر مينديءَ لڳل. سينگاريل ۽ پاليل اهڙا جو اصل چئي بس ڪر ۽ وڪڻندڙن جا هوڪن مٿي هوڪا ته؛ “او ادا، هي عاليشان گڏهه، هي زبردست گڏهه، هي گهوڙي جهڙو گڏهه ...” جيئن جيئن وڪڻندڙ، پنهنجي گڏهه کي ساراهي رهيا هئا، تيئن تيئن گڏھن جون ناسون ڦونڊارجي رهيون هيون ۽ رقم ڪيتري؟ هڪ لک، ٻه لک، ٽي لک، پنج لک... آئون ته رقم ٻڌي پريشان ٿي ويس ته ويچارن بازاري گڏھن کي ته ڪو اٺن ڏھن هزارن ۾ به نه وٺي، جيڪي سڄو ڏينهن بار به ڍوئين ۽ مالڪ جون سونٽيون به جهلين. اڳتي وڌي، هڪ گڏهه جي ڀرسان بيهي، ان جي مالڪ کان پڇيو؛ “ڀائو، ڀلا ڏيو خبر، هيڏي ساري رقم پيا ٻڌايو، انهن گڏهن ۾ ڪهڙي خصوصيت آهي؟” کلندي چيائين؛ “صفا ڪو بي سمجهه آھين”. اتي به سمجهي ويس. وڌيڪ چيائين؛ “ادا هي گڏهه در ۽ گهر جي سونهن آھن. هي جي هينگ ڪن ته به مالڪ خوش ٿئي. هنن کان ڪو به ڪم ڪو نه ورتو ويندو آھي. بس شوق ۽ هينگ”.
تعجب ۾ ويڙھجي ويس ته صرف هينگ ڪرڻ جا ايترا پئسا؟! پريشان ڏسي پڇيائين؛ “ڇا ڪندو آھين”.
چيم؛ “اديب آھيان.”
پڇيائين؛ “ڪا پوسٽ، ڪا ڪرسي اٿئي؟”.
وراڻيم؛ “نه ادا”.
چيائين؛ “پوءِ ته تون گاڏي ۾ جوٽيل گڏهه آھين جو لٺيون به کائين ٿو ته گاهه به ڍءَ تي نه ٿو ملئي”.
ٻيهر سوچ ۾ پئجي ويس ته؛ “همراهه آخر چوي ڇا ٿو؟”
نيٺ گڏھن جي پڙيءَ مان نڪري، شھر جي مک بازار ۾ داخل ٿيس. ڏٺم ته؛ هڪ ڏٻرڙو گڏهه جنهن گاڏيءَ ۾ جوٽيل هو، ان تي سامان به تمام گهڻو رکيل هو ۽ مالڪ جي سونٽين جو زيپٽ به لڳو پئي آيس. ساڻس، الائي ڇو همدردي ٿي پئي. ايئن لڳو؛ ڄڻ پاڻ سان ٿيندو هجي!


(روزاني پنھنجي اخبار، بتاريخ ۹ آگسٽ ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment