Friday, August 16, 2019

جيستائين سَسُ ۾ ساهه آھي، تيستائين سسيءَ ۾ ساهه ناهي


جيستائين سَسُ ۾ ساهه آھي،
تيستائين سسيءَ ۾ ساهه ناهي.
درياھ خان شنباڻي


اسان ڪيترن ماڻهن کي زال جي امان يعني سس کي “امان” چوندي ته ٻڌو آھي پر زال کي مڙس جي امان يعني “سس” کي امان ڪڏھن به نه چوندي ٻڌو هوندو. هوءَ کيس “ڪُراڙي يا پوڙھي” چوندي آھي. ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آھي تڏھن ته شايد انهن پيرن کي شادي شده ماڻھو چمڻ ته ٺھيو پر سرديءَ گرميءَ ۾ چپل به آڻي ناهن ڏيندا. اها ڳالهه ياد رکو ته ماءُ جي پيرن هيٺيان ڀلي جنت هجي، پر سس جي پيرن هيٺيان وري اوهان جي زال جي جنت آھي ۽ ان جنت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته اوهان پنهنجي جنت لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندا آھيو.


زال پنهنجي مڙس کي پنهنجي ماءُ لاءِ حڪم ڪندي آھي ته هو به پنهنجي سس کي امان سڏيندو، ته هوءَ مڙس کي اڌ جنت ڏيڻ جو دلاسو ڏيندي آھي. تڏھن شايد ڪيترائي پٽ زال جي طرفان مليل دلاسي تي پنهنجي جنت کي گهران ڪڍي ڇڏيندا آھن. ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي ته زال سان ئي گهر جنت آھي پر اها به ڳالهه آھي ته ان جنت کي ٺاهيندي ٺاهيندي ڪافي ماڻھو اڳئين جهان جي جنت کي ٺڪرائي ڇڏيندا آھن. جيڪي سمجهن ٿا ته زال هن دنيا جي جنت آھي ۽ ماءُ ٻئي جهان جي جنت آھي، تن کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته ٻن ٻيڙين تي پير رکڻ وارن سان ڪهڙي حالت ٿيندي آھي. جيستائين سس ۾ آھي ساهه، تيستائين سسيءَ ۾ ناهي ساهه. ان کان اڳ جو اوهان جي گهرواريءَ جو موڊ خراب ٿئي، تنهنڪري ماءُ سامهون اوهان پنهنجو موڊ خراب ڪري ڇڏيو. اوهان جيڪڏھن پنهنجي بيڊ تي ستا پيا هجو ۽ سس ڪمري ۾ داخل ٿئي ته کيس امان چئي مرڪندي مخاطب ٿيو پر جڏھن ماءُ داخل ٿئي ته ان کي ٿڪجي پوڻ جو چئي پنهنجي ڪمري وڃڻ لاءِ چئي ڇڏيو. امان ته هونئن به آخر ڪيترا ڏينهن جيئري رهندي سو پنهنجي گهرواريءَ کي راضي رکندا ڪريو جو پوري حياتي ان سان ته گذارڻي هوندي آھي.
زال کان هميشه سندس ماءُ جي طبيعت بابت پڇندا ڪريو باقي پنهنجي ماءُ لاءِ هرگز نه پڇو ته هن ماني کاڌي آھي يا نه! جيڪڏھن زال مڙس هڪ گاڏيءَ جا ٻه ڦيٿا آھن ته مڙس جي ماءُ ان گاڏيءَ مان نڪتل ڪنهن خراب ٿيل پرزو آھي ۽ زال جي ماءُ ان گاڏي جي ڊرائيور آھي. زال کي ته هر هفتي پنهنجي ماءُ جي سڪ لڳندي آھي ۽ هوءَ کيس گهرائي وٺندي آھي پر اوهان جي ماءُ کي اوهان جي سڪ لڳي ته هوءُ اوهان کي گھرائي به نه ٿي سگهي. اوهان جي ٻارن کي اوهان جي زال نانيءَ ڏانهن ته خوشي خوشي اماڻيندي آھي، باقي ڏاڏيءَ ڏانهن وڃڻ ناهي ڏيندي جو ڏاڏيءَ جون ته سدا اکيون ڀريل هونديون آھن ۽ ناني ته آکاڻيون ٻڌائيندي آھي. اوهان کي ڪهڙي خبر ته امان اوهان لاءِ ننڍي هوندي ڪجهه ڪيو به هو يا نه پر زال ته هر گھڙي اوهان جي لاءِ ڪندي رهندي آھي. ان کان اڳ جو اوهان جي زال اوهان جو گهر ڇڏي وڃي، بهتر آھي ته پنهنجي ماءُ کي ڪنڊ وارو ننڍڙو ڪمرو ڏئي ڇڏيو. امان لاءِ هٿ وارا ٻه ٽي پکا ڀلي کڻي اچو پر باقي گهرڀاتين لاءِ بجلي جو انتظام هجڻ سان گڏ سولر جو به انتظام لازم آھي. جڏھن به گهرواري اوهان جي ماءُ لاءِ ماني کڻي وڃي اها چيڪ نه ڪندا ڪريو جو سڀاڻي پليٽ ۾ رکيل هڪ ٻوٽي به نه ملي. جڏھن به پنهنجي سس لاءِ ڪپڙا وٺي اچو ته گهرواريءَ کان اهو نه پڇو ته پراڻا ڪپڙا هوءَ ڪنهن کي ڏيندي ۽ اهي ڪپڙا هوءَ اوهان جي ماءُ کي ئي ڏيندي. ماءُ ماءُ آھي، پر زال به زال آھي.

No comments:

Post a Comment