Saturday, September 14, 2019

اوهان جو هي هفتو ڪيئن گذرندو.؟


اوهان جو هي هفتو ڪيئن گذرندو.؟
(طنز ۽ مزاح)
همير گاد


حمل ( ARIES)
سومر تي اوهان لوڊ شيڊنگ جي عذاب جي ڪري  ذھني دٻاءَ محسوس ڪندئو.
اڱاري ڏينهن اوهان جي دل مٺا سموسا کائڻ تي چوندي جيڪي شگر وارا مريض وڏي شوق سان کائيندا آھن.

ثور (TAURUS)
اربع ڏينهن ۸ لڳي ۳۰ منٽن تي اوهان جي محبوبہ اوهان ڏي پان ۽ گٽڪا کڻي ايندي. ٺيڪ ۸ لڳي ۴۰ منٽن تي، محبوبہ جو پيءُ ڇاپو هڻي توهان کي اندر ڪرائيندو. جمعي جي ڏينهن اوهان جيل ۾ عشق کان توبہ توبہ ڪندئو ۽  پنج ئي وقت جون نمازون گڏ پڙھندئو.


جوزا (GEMINI)
هي هفتو اوهان جي لاءِ تمام گهڻيون خوشيون کڻي ايندو.
اوهان کي جنهن سچي پيار جي تلاش آھي اهو اوهان کي هاڻي ڪٿي بہ نہ ملندو ڇاڪاڻ تہ سچو پيار هاڻي اسان کي ڪتابن ۾ ملندو يا تہ شاھ رخ خان جي فلمن ۾.

سرطان (CANCER)
توهان جو اسٽار ڪينسر آ ان لاءِ اوهان کي ڪينسر تہ نہ ليڪن فالج ٿي سگهي ٿو
جيترو ٿي سگهي پاڻي خشڪ استعمال ڪريو ۽ جمعي جي ڏينهن اوهان کي قبضي بہ ٿي سگهي ٿي.ستارن جي روشنيءَ ۾ هي هفتو اوهان جو مڪس رهندو.

اسد (LEO)
اوهان جو برج اسد آ ليڪن اوهان حسد ۾ رهندئو اوهان جي دل رڙيون ڪرڻ ۽ اوور ايڪٽنگ ڪرڻ تي چوندي خميس ڏينهن اوهان پنهنجي پسنديدہ اداڪار اسد جون ٽيلي فلمون ڏسي گهر جو سامان ڀڃندئو خاص ڪري ٽي ويءَ کي.
ڇنڇر تي ٽماٽا اُس تي سُڪائي پوءِ کائيندئو. آچر ڏينهن اوهان جي طبيعت خراب ٿي ويندي اوهان جي گهر وارا اوهان کي گدوءَ ۾ اڇلائي ايندا.

سنبلا  (VIRGO)
اوهان ڏاڍا ضدي انسان آھيو، مگر هن هفتي اوهان جا سڀ ضد پورا ٿيندا.
اوهان جو ضد هو تہ اوهان جي ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ٿئي جيڪا گونگي ۽ ٻوڙي هجي ستارن جي روشنيءَ ۾ اوهان ڏي هن هفتي ئي ڦولن ديويءَ جي سڳي ماسيءَ جو رشتو اچي سگهي ٿو.

ميزان (LIBRA)
آچر ڏينهن اوهان ڏي هڪ ڇوڪري شربت کڻي ايندي جنهن ۾ گهوڙي جو جُلاب مليل هوندو. اڱاري ڏينهن اوهان ان ڇوڪريءَ سان ٻاهر سفر تي هليا ويندئو جيڪو اوهان جي زندگيءَ جو آخري سفر هوندو.

عقرب (SCORPIO)
اوهان پنهنجي وڌيل وزن کان پريشان آھيو هن ئي هفتي اوهان سمارٽ بڻجڻ جي لاءِ ڇھ ست دوائون گڏ استعمال ڪندئو ائين ستارن جي روشنيءَ ۾ صاف نظر اچي رهيو آھي تہ اوهان جمعي تائين باٿ روم ۾ ئي قيام ڪندئو.جڏھن ٻاهر ايندئو تہ ڪو ڪتاب لکي پوءِ ئي نڪرندئو.

قوس (SAGITTARIUS)
فيس بڪ تي ڇوڪريءَ جي نالي سان فيڪ آءِ ڊي ٺاهڻ کان پاسو ڪريو.
تمام پري کان اوهان ڏي هڪ رشتيدار ايندو جيڪو ويجهي کان اوهان جي بي عزتي ڪري هليو ويندو.

جدي (CAPRICORN)
هن  هفتي اوهان صرف سمهيا پيا هوندئو ۽ خواب ڏسندئو.پورو هفتو جسم ۾ سُستي محسوس ٿيندي. ننڊ ۾ بہ سمهيا پيا هوندئو. ميڪ اپ ڪري سمهي پوڻ کان پاسو ڪريو.

دلو (AQUARIUS)
سَتن ٻارن جي ماءُ سان اوهان جو نئون رومانس ڪامياب ويندو. اوهان جي ان سان ايتري محبت آھي جيتري سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ.
آچر ڏينهن اوهان سڄو ڏينهن بي سُرن فنڪارن جا ڪلام ٻڌي پنهنجو ٽائيم برباد ڪندئو.

حوت (PISCES)
هن هفتي اوهان سان اوهان جو هڪ وڇڙيل دوست نہ ملندو. اوهان نصيبو لعل جا مزاحيہ گانا ٻڌي ٽائيم پاس ڪندئو.
محبوبہ ڏي ايزي لوڊ موڪلڻ کان پاسو ڪريو.
اربع ڏينهن اوهان کي پُٺيءَ ۾ خارش ٿيندي جيڪا خميس ڏينهن شام جو ۷ لڳي ۱۵ منٽن تائين ڪاميابيءَ سان جاري رهندي.

No comments:

Post a Comment