Friday, August 23, 2019

خوابن جي تعبير


خوابن جي تعبير
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارو بابا، پڙھندڙن کي درخواست ٿو ڪري ته؛ جيئن ئي اوهان کي ڪو ئي خواب اچي ته اهو مهرباني ڪري وٽس جمع ڪرايو. بلڪ ڏسڻ کان پهريان ئي اهو خواب کيس موڪلي ڇڏيو. ائڊريس، خوابن جي تعبير ٻڌائڻ کان پوءِ، ٻڌائي ويندي.

جناب الف عين لکي ٿو:
خواب: مان خواب ۾ ڏسان ٿو هڪ ٿلهو جِن منهنجي کٽ جي ڀرسان بيٺو آھي. مون کي ٻانهن کان لوڏي چئي ٿو؛ اُٿ! پنهنجي جنازي جي نماز پڙھ. مان شرڪ ڀري يڪدم اٿان ٿو.
مهرباني ڪري مون کي ان ڀوائتي خواب جي تعبير ٻڌايو.


تعبير: پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي، اهو جِن نه شيطان هو. صبح جو جيئن ئي ننڊ مان اُٿو ته بنا منهن ڌوئڻ ۽ ناشتي ڪرڻ جي، آئيني جي سامهون بيهي ۸۰۰ ڀيرا لاحول ولا قوة پڙهو. انشاءَ الله شيطان توهان کان بدلو وٺڻ روز نه ته هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور ايندو.

جاني سانڍو پراڻي بس اسٽينڊ کان لکي ٿو:
خواب: مون ڏٺو ته؛ صبح جو وقت هو. مان اکين ۾ سُرمو پائي، پنهنجي وارن کي تيزاب سان مالش ڪري، بوٽ پائي، سبزي وٺڻ وڃان ٿو ته سبزي منڊيءَ ۾ وڏو ڌماڪو ٿئي ٿو ۽ مان ان ڌماڪي ۾ الله سائينءَ کي پيارو ٿي وڃان ٿو.
تعبير: ادا، صبح جا خواب سچا هوندا آھن. ان جي ڪري اوهان جو خواب به ضرور سچ ٿيندو. ان لاءِ پهريان کان تياري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ نه چئجو ته؛ توهان ٻڌايو به نه.

حاجي خان ڳوٺ لڌو ڳوليو کان لکي ٿو:
خواب: مون رات خواب ۾ ڏٺو ته؛ هڪ باغ ۾ مان اڪيلو ويٺو آھيان. هڪ سهڻي ڇوڪري، منهنجي ڀرسان اچي ويٺي آھي. مون سان ڪچهري ڪري، آخر ۾ چئي ٿي؛ ”مون سان شادي ڪندين؟.“
جڏھن ته هن وقت منهنجي عمر ۷۵ سال آھي. جيڪڏھن اها ساڳي ڇوڪري، ٻيهر منهنجي خواب ۾ آئي ته ان کي شاديءَ لاءِ ها ڪريان يا نه.؟
تعبير: حاجي صاحب توهان جي عمر ۾ ته ماڻھو “موت جو منظر” ۽ “مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو” ڪتابن جو مطالعو ڪندا آھن ۽ اوهان آھيو جو نوجوانن جي حق تي ڌاڙو ٿا هڻو.
هن عمر ۾ شادي؟!؟! ڪجھ ته شرم ڪريو! هاڻي وڃي پنهنجي قبر جي سائيز پڇا ڪريو.

راڻي بانو شھر پرائي نسوار کان لکي ٿي:
خواب: مان خواب ۾ ڏسان ٿي ته؛ مان ڊرامن جي تمام وڏي اداڪاره آھيان. پنهنجي ڪمري ۾ ميڪ اپ ڪري رهي آھيان ته اچانڪ دروازو کُلي ٿو. دروازي کُلڻ سان ئي، تيز هوا سان، خطن جا ڍير اندر داخل ٿين ٿا. هر رنگ ۽ سائيز جا خط، ڪمري ۾ موجود آھن. سڀ خط منهنجي مداحن جا موڪليل آھن. انهن مان جيئن ئي هڪ خط، هٿ ۾ کڻان ٿي ته اهو خط، نچڻ شروع ڪري ٿو.
تعبير: اوهان کي مبارڪ هجي. اوهان ڏانهن ٽپاليءَ جو رشتو ايندو. جيڪو اوهان قبول ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندئو.

اُداس تنها حَجمن جي ڳوٺ کان لکي ٿو:
خواب: رات خواب ۾ ڏٺو ته؛ منهنجي شاديءَ کي ۵ سال ٿي ويا آھن. شاديءَ کان پوءِ، ڏاڍو قرض چڙھي ويو آھي. گهر جو اڌ سامان کپائي ڇڏيو آ. پر قرض آ جو لهڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. مهرباني ڪري ٻڌايو ته منهنجو قرض ڪڏھن لهندو.؟
تعبير: توهان جو قرض تڏھن لهندو، جڏھن توهان پنهنجي زال کي طلاق ڏيندئو.!!

(پنهنجي اخبار ۾، بتاريخ ۲۳ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment