Monday, August 19, 2019

نيوٽن جي لکڻ کان رھجي ويل ست قانون


نيوٽن جي لکڻ کان رھجي ويل ست قانون
۱. منتظر قطارن جو قانون:
جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي هڪ کان وڌيڪ قطارون آهن، ان صورتحال ۾ توهان هڪ قطار ڇڏي ٻي قطار ۾ وڃي بيهو ته پهرين قطار تيزيءَ سان هلڻ شروع ٿي ويندي آهي.
۲. مڪينڪي قانون:
ڪنهن مشين جي مرمت ڪندي جڏهن توهان جا هٿ تيل سا گريس سان ڀرجي وڃن ته اچانڪ توهان کي نڪري فوري خارش ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.


۳. ٽيليفون جو قانون:
جڏهن به ڪو رانگ نمبر ملي وڃي ته اهو ڪڏهن به مصروف ناهي ملندو، آزمائش شرط آهي.
۴. ورڪشاپ جو قانون:
جيڪڏهن توهان جي هٿ ۾ هڪ کان وڌيڪ شيون کنيل هجن ته هميشه ايئن ٿيندو آهي جو انهن مان ڪا قيمتي ۽ نازڪ شئي زمين تي ڪري پوندي آهي.
۵. آفيس جو قانون:
جيڪڏهن توهان پنهنجي آفيس ۾ دير سان پهچڻ تي پنهنجي باس کي “ٽائر پنڪچر” ٿي وڃڻ جو ڪوڙ هڻي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٽائر لازمي طور تي پنڪچر ٿي ويندو آهي.
۶. ڳجهي ملاقات جو قانون:
جيڪڏهن توهان ڪنهن سان ڳجهي نموني ملي رهيا هجو ۽ توهان کي اهو فڪر هجي ته ڪير ڏسي نه وٺي، اهڙي صورتحال ۾ ضرور ڪو واقفڪار ملي ويندو آهي ۽ توهان کي ڏسي وٺندو آهي.
۷. کير ڪاڙهڻ جو قانون:
کير ڪاڙهڻ وقت توهان ڀلي ڪيتري دير بيٺا رهو پر کير نه ڪڙهندو آهي، پر جيئن ئي توهان هڪ اڌ منٽ هيڏانهن هوڏانهن ٿيندا ته کير ڪڙهي ديڳڙي مان نڪري ويندو ۽ چلهه ۾ ڪري پوندو.

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۱۸ آگسٽ ۲۰۱۹ع تان کنيل)

No comments:

Post a Comment