Monday, August 26, 2019

حاضر جوابي


حاضر جوابي
نواز علي شوق
امير تيمور گورگان، ايران جي شهرن کي تباهه ۽ برباد ڪندو، اچي شيراز پهتو. حافظ شيرازيءَ کي سڏرايائين. جڏهن حافظ اتي آيو ته کانئس پڇيائين ته: هي شعر تنهنجو آهي:
اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ مارا،
ترجمو: جيڪڏهن شيراز جو اهو خوبصورت محبوب، منهنجي دل پنهنجي هٿ ۾ وٺي ته مان ان جي ڳل جي تِر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان؟


حافظ جواب ڏنو ته؛ ”اي اميرن جا امير! هائو اهو شعر منهنجو آهي.“
تنهن تي تيمور ڪاوڙ مان کيس چيو ته؛ ”مون سمرقند کي سهڻو بڻائڻ لاءِ وڏي دولت ۽ دنيا جو ساز ۽ سامان صرف ڪيو ۽ تون هڪ معمولي شاعر، اهو سهڻو شهر پنهنجي محبوب جي ڪاري تِر تي قربان ڪرڻ ٿو چاهين!؟!؟“
حافظ جواب ڏنو ته، ”اي اميرن جا امير، اهڙي سخاوت جي ڪري ئي ته منهنجو ههڙو مسڪيني حال ٿي ويو آهي.”
تيمور اهو جواب ٻڌي کِليو ۽ حافظ کي مالامال ڪري ڇڏيائين.

No comments:

Post a Comment