Thursday, August 8, 2019

فيس بڪ جا رنگ - ھمير گاد


فيس بڪ جا رنگ
ھمير گاد
هڪ ڀيري ڪنهن دوست چيو؛ ”اسان وٽ، سڀ کان ڪامياب اداڪار، صرف سياست ۾ آھن ۽ اداڪاري ڪرڻ جو گهڻو معاوضو به سياست ۾ ملندو آھي.“
۽ مون ان کي جواب ۾ چيو؛ ”جيڪڏهن تو کي بهترين ڊراما ڏسڻا آھن ته ٽي وي بند ڪري، فيس بڪ کولي ڏس! ماشاءَ الله سان تو کي ايترا ڊراما ڏسڻ لاءِ ملندا جو تون خود حيران ٿي ويندين.“


جي ها! روز نوان نوان ڊراما! ڪافي ماڻھن ته فيس بڪ تي دنيا کي سُڌارڻ جو باقائده ٺيڪو کنيو آ! هر وقت نيڪيءَ جون ڳالهيون، يا قيامت جون ڳالهيون ڪري ماڻھن کي ڊيڄاريندا آھن. هي اهي ماڻھو آھن جيڪي، مسجد کان ٻاهر نڪرندي ئي يو ٽرن وٺندا آُهن. فيس بڪ تي باقي وڏيون نصيحتون ڪندا آھن.
گذريل سال فيس بڪ تي فادرز ڊي تي محبت ۽ شفقت جا وڏا جذباتي منظر ڏٺا. هڪ همراھ، جنهن پنهنجي پيءُ کي ڪجھ سال پهريان گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو، پنهنجي پيءُ سان گڏ نڪتل تصوير رکي ڪيپشن ۾ لکيو؛ ”منهنجو پيارو والد صاحب، جنهن کان بغير آ ڪجھ به نه آھيان.“
ٿوري ئي دير ۾ ايترا ڪمينٽس آيا جو هن عظيم پُٽ کي خراج تحسين پيش ڪيائون.
ڪجھ ڏينهن پهريان، هڪ ڇوڪريءَ پوسٽ رکي ته؛ ”فرينڊس، اڄ ڏاڍو مٿي ۾ سور پيو آھي، دعا ڪريو مٿي جو سور، جلد ختم ٿي وڃي.“
بس پوءِ ته ڪمينٽس ۾ الائي ڪٿان ڪٿان فيس بُڪي ڊاڪٽرز ۽ حڪيم گڏ ٿي ويا.
۱- نيو ڊسپرين کائي ڇڏيو! انشاءَ الله آرام اچي ويندو.
۲-اڙي منهنجي بيبيءَ کي مٿي ۾ سور پيو آ، مان صدقو! اهو سور مون کي ڇو نه پيو؟!؟!
۳-ڦودني ۾ ٿوري ڏَھي وجهي کائو! انشاءَ الله سڪون ملي ويندو.
۷۵۸ لائيڪ ۳۷۰ ڪمينٽس اچي ويا.
۽ جيڪڏھن ساڳي پوسٽ ڪا ڇوڪرو لکي رکي ھا ته ان تي ڪمينٽس وري ڪجھ هيئن اچن ها.
۱-نڀاڳا! مٿي ۾ سور اٿئي ته فليجل ٽيبليٽ کائي ڇڏ! اسان کي ڇو ٿو مٿي ۾ سور وجهين.
۲-سڄي رات جو فلمون ڏسندين ته مٿي ۾ سور ته پوندئي نه.
۳-ڇورا! کنگھ جو سيرپ پي ڪري، خودڪشي ڇو نه ٿو ڪرين. مر ته اسان سڀ تنهنجو ڀَت کائون.
ان ويچاري جا ڇِڪي ڇِڪي صرف ۸ لائيڪ ايندا. جن مان ڇھ لائيڪ ته هن جا فئملي ميمبر ڪندا ۽ رڳو ۳ ڪمينٽس ايندا، جيڪي هن جي دوستن جا هوندا.
ڪي ته وري اهڙا به آھن؛ جيڪڏھن انهن جو ڪو دوست، رشتيدار يا دوست جو ڀاءُ فوت ٿي ويندو ته ان جي ميت سان گڏ وڏي فخر سان سيلفي ڪڍي، فيس بڪ تي رکي ڇڏيندا آھن. قبرستان جون تصويرون رکڻ ۾ به دير نه ڪندا آھن.
ڪن ماڻھن کي وري اها شڪايت هوندي آ ته هن جي پوسٽ کي نه گهڻا لائيڪ ٿا ملن ۽ نه ئي ڪمينٽس. انهن وري نوان طريقا ڳولي لڌا آھن. جيڪي پهريان کان انهن جا رشتيدار وفات ڪري ويا آھن، انهن کي ٻيهر ماريندا.
۱-منهنجي ماسي، جيڪا صفا منهنجي ڏاڏيءَ جهڙي هئي، موٽر جي پَٽي ۾ ڦاسي پئي ۽ گُذاري وئي.
۲-منهنجو سڳو سئوٽ، جيڪو پاڙيوارن جي ڪُڪڙ کي بچائيندي بچائيندي موٽر بائيڪ سميت بدبودار کَڏ ۾ وڃي ڪِريو، مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو.
۳-منهنجي چاچيءَ، رات ماکيءَ ۾ کنڊ وجهي، پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.
ڪن کي وري ساڙ جي پيدائشي بيماري هوندي آ. اُھي ساڙ کان نه لائيڪ ڪندا آھن ۽ نه ئي وري ڪمينٽس ڏيندا آھن. ھر ڪنهن جي سُٺي ۽ معلوماتي پوسٽ تي به سڙندا رهندا آھن. اِهي آخري وقت تائين، ڪاري ڪوئلي وانگر، ڪارا ئي رهندا. اهڙن ماڻھن جو سُڌرڻ مشڪل آ.
ڪي ته وري فيس بڪ کي صرف پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو ڏيکارڻ جي لاءِ استعمال ڪندا آھن. روز اُبتي بليڊ سان شيو ڪري، تصويرون رکندا آھن.
۽ شل نه ڪا شاعره پنهنجي شاعري پوسٽ ڪري. بس پوءِ ته خير ناهي.
ساڳي شاعري، ۴۹ رنگن سان ڊزائين ڪري، ان خاتون شاعره ڏي انباڪس ڪندا.
۽ هيٺان لکندا؛ ”خوبصورت، حسين ۽ سمارٽ شاعره جي لاءِ جنهن جو مان صدين کان فين آھيان. مان اوهان جي شاعريءَ جو ڪتاب ”مان مجبور هُيس هو ظالم هو“ پنجاھ ڀيرا پڙھيو آھي ڇا ته شاعري آھي، واھ واھ!“
ڪجھ ذھني بيمار ڇوڪرا وري ڇوڪريءَ جي فيڪ آءِ ڊي ٺاهي، ڇوڪرن کي ئي بليڪ ميل ڪندا آھن. اهڙن ڇوڪرن کي نيشنل ايوارڊ ملڻ گهرجن. انهن جا نالا به وري عجيب هوندا آھن جيئن: ڪِيوٽ پَري، تنها بلبل، بيوٽي ڪوئين وغيرھ وغيرھ.
سلام آ وري اهڙن معصوم ۽ مظلوم ڇوڪرن تي، جيڪي بيوقوف بڻجي، اُن فيڪ آءِ ڊي ڏي انباڪس ۾ وڏي خوشيءَ مان لکندا آھن؛ ”مون کي اوهان جي پروفائيل پڪچر ڏاڍو متاثر ڪيو آھي، هي منهنجو واٽس ايپ نمبر آھي. پليز! ان تي رابطو ضرور ڪجو ته جيئن مان اوهان کي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ ڪجھ ٻڌائي سگهان.“
۽ جڏھن ان فيڪ آءِ ڊي واري جو ريپلاءِ ايندو اٿس ته همراھ جون واڇون ڦري وينديون آھن، هڪ ڄنگھ تي بيھي ڊانس ڪرڻ لڳندو آھي. ٽي ڏينهن ڪمري ۾ اوندھ ڪري، جگجيت سنگھ جا غزل، وڏي شوق سان ويٺو ٻُڌندو آھي.
فيڪ آءِ ڊي ٺاهڻ ۾ رڳو مرد ئي نه، پر ڇوڪريون به مردانگي تي لهي آھيون آھن. ڇوڪريون ڪوشش ڪنديون آھن ته ڪنهن کي خبر نه پوي ته اها ڪنهن ڇوڪريءَ جي آءِ ڊي آھي. پر چوندا آھن؛ ”عادت کان مجبور ماڻھو، ڪيڏانهن وڃي.“ ان جا لائيڪس جيڪڏھن چيڪ ڪندئو ته خبر پئجي ويندي ته نياز رفيق نالي هي صاحب جيولريءَ جو ڏاڍو شوقين آ ۽ نوان نوان کُڙيءَ وارا سينڊل پائڻ جو به کيس ڏاڍو شوق آھي.
منهنجو هڪ دوست، پهريان جڏھن به پنهنجي تصوير رکندو هو، ان کي ۲۰ کان وڌيڪ لائيڪ ۽ ڪمينٽس نه ايندا هئا. هڪ ڏينهن ان ڪاوڙ ۾ اسٽيٽس رکيو؛ ”جيڪو به منهنجي تصوير کي لائيڪ ۽ ڪمينٽس نه ڏيندو، ان کي مان ٻن ڏينهن جي مھلت ڏيان ٿو. اگر ٻن ڏينهن ۾ نه سڌريئو ته سڀني کي اَنفرينڊ ڪري ڇڏيندم.“
جيئن ئي ان اها پوسٽ شيئر ڪئي، ڏھن منٽن ۾ لائيڪ ۽ ڪمينٽس جي باھ ٻري وئي.
خبر ناهي ڇو اسان اهو سمجهندا آھيون ته جيڪو هڪ ڀيرو فرينڊ لسٽ ۾ اچي ويو، اهو اسان جو هاڻي نوڪر ٿي ويو. اسان ڪجھ به پوسٽ ڪريون، ان کي يڪدم ڏسڻ کپي ۽ ري ايڪشن به ڏيڻ گهرجي.
ڪي ته وري اهڙا به آھن، جيڪي باٿ روم جي دروازي تي تصوير ڪڍرائي، فيس بڪ تي اپلوڊ ڪري، مٿان وري ڪو غمگين شعر لکي ڇڏيندا آھن.
فيس بڪ تي، ماشاءَ الله، شاعرن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي.
هڪ همراھ، پنهنجو شعر، ڪجھ ھيئن لکي رکيو.
”آ تو کي چاهيندو رهندس آ،
چاهي مون کي موت ڇو نه اچي.“
ڪنهن ڪمينٽس ۾ لکيس؛ ”واھ! توهان ته بلڪل مير تقي مير وانگر لکو ٿا! ڏسجو هڪ ڏينهن فيض کان به اڳتي نڪري ويندئو.“

(روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ بتاريخ ۸ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو)

No comments:

Post a Comment