Saturday, August 10, 2019

ناڪام شاعره جو انٽرويو - ھمير گاد


ناڪام شاعره جو انٽرويو
(مزاحيه)
ھمير گاد
صحافي: پنهنجو تعارف ڪرايو.؟
ناڪام شاعره: منهنجو نالو وليمه، ادبي نالو ناڪام شاعره، منهنجي تعليم اي ايم(AM) سنڌي ادب، پي ايم (PM) اردو ادب.
صحافي: ادب ڏانهن اوهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو.؟
ناڪام شاعره: ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق هو اسڪول جي امتحاني ڪاپي تي ڪنهن سوال جو جواب نه ايندو هو ته فلم جو ڪو گانو جيڪو سڄو ياد هوندو هو اهو لکي ايندي هيس ۽ ماشاءَ الله سان مارڪون به سڀ کان گهڻيون ان جواب تي ئي ملنديون هيون.


صحافي: شاعري ڇا آھي.؟
ناڪام شاعره: شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آ هڪ جيڪا لکڻ آسان ۽ پڙھڻ مشڪل هجي ٻي اها جيڪا پڙھڻ آسان ۽ لکڻ مشڪل هجي.
شاعريءَ مان جيڪڏھن عورت کي ڪڍي ڇڏجي ته باقي وقت وڃي بچندو.
جيئن علامه اقبال جي شاعري قوم کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ايندي آھي ائين منهنجي شاعري به ماڻھن کي سمهارڻ جي لاءِ ڪم ايندي آ.
صحافي: سوشل ميڊيا تي اوهان جيڪا پنهنجي شاعري رکندا آھيو اگر ڪوئي ان جي تعريف ناهي ڪندو ته اوهان ان کي اَنفرينڊ ڪري ڇڏيندا آھيو.؟ ائين ڇو.؟
ناڪام شاعره: ڏسو جڏھن ڪابه خوبصورت شيءَ اسين ڏسندا آھيون ته يڪدم ان جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آھيون، بلڪل ائين شاعري منهنجي سونهن آ سونهن جي تعريف جيڪڏھن ڪوئي به نه ڪندو ته تڪليف ته ٿيندي نه.
صحافي: اڇا شاعري اوهان جي سونهن آ ته پوءِ بيوٽي پارلر اوهان ڇو ويندا آھيو بس پنهنجي شاعريءَ جون ٻه سِٽون پڙھي پاڻ تي ڇوڪاري ڇڏيندا ڪريو.
ناڪام شاعره: هڪ ڀيرو اهو تجربو پهريان پهريان پنهنجي مڙس تي ڪيو هو، پر ان جو اهڙو اُبتو اثر ٿيو جو منهنجي مڙس جو رنگ ئي ڪارو ٿي ويو .اڄ ڏينهن تائين هو رنگ ڀوري ڪرڻ واريون ڪِريمون ٿو هڻندو ورتي.
صحافي: ڪهڙن فنڪارن اوهان جي شاعري ڳائي آھي.؟
ناڪام شاعره: تقريبن سڀني بي سُرن فنڪارن جن کي راڳ جي ڪا خبر نه آھي.
صحافي: ڪو شعر ٻڌايو جيڪو اوهان تازو لکيو هجي.؟
ناڪام شاعره: هو مون کان هٿ ڇڏائي جلدي هليو ويو،
چلو ٺيڪ آ ٿي سگهي ٿو ان کي ڪو ضروري ڪم هجي.
صحافي: اوهان جي ڪاميابيءَ پٺيان ڪنهن جو هٿ آھي.؟
ناڪام شاعره: ڪو هڪ هجي ته ٻُڌايان، ٻه ٽي ڄڻا آھن سڀ کان پهريان ته منهنجو مڙس پي ايڇ ڊي (PHD).
صحافي (حيران ٿي)؛ پي ايڇ ڊي (PHD) اهو ڪهڙو نالو آ.
ناڪام شاعره: هونئن نالو ته ڌڻي بخش اٿس پر مان پيار مان ان کي پي ايڇ ڊي (PHD) پَري هَٽ ڌَنو سڏيندي آھيان.
صحافي: واندڪائيءَ ۾ ڇا ڪنديون آھيو.؟
ناڪام شاعره: اردو شاعرن جي شاعري چوري ڪري لکندي آھيان.
صحافي: فنڪار ڪهڙا پسند آھن.؟
ناڪام شاعره: جيڪي تيز رانڀاٽ ڪري ڳائن.
صحافي: هن وقت ڪيترن ئي ڪتابن،اخبارن يا مئگزين ۾ رڳو اوهان جون ئي تحريرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون ڪيئن ٿا فيل ڪريو.؟
ناڪام شاعره: مان تمام وڏي ليکڪه آھيان ظاهر آ منهنجون تحريرون به جيڪڏھن نه ڇپجن ته باقي ٻيو ڪنهن جون ڇپجنديون. مان خوشبوئن جي شاعره آھيان منهنجو ستارو بلند آ.
صحافي: عشق ۽ شاعري جو پاڻ ۾ ڪيترو گهرو تعلق آھي.؟
ناڪام شاعره: تمام گهرو تعلق آ. ايترو جيترو ڌانڌلي جو اليڪشن سان.
صحافي: هن وقت تائين اوهان جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آھن.؟
ناڪام شاعره: هڪ ئي مارڪيٽ ۾ آيو آھي ”مردن ڀوڳيو آ“ جي نالي سان ۽ تمام جلد منهنجو نئون ڪتاب به اچڻ وارو آھي ”خوفناڪ محبوبه“ جي نالي سان.
صحافي (حيران ٿي): خوفناڪ محبوبه... هي ڪتاب جو نالو آ يا ڪنهن هارر فلم جو؟
ناڪام شاعره: اڄ ڪلھ اهڙن ئي عجيب ۽ غريب قسم جي نالن جا ڪتاب جلدي وڪرو ٿا ٿين... اهو به ڪٻاڙين وٽ.
صحافي: اسان ٻڌو آھي ته اوهان مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ کان پهريان ڏاڍو نخرو ڪندا آھيو، بعد ۾ جڏھن اوهان کي ايلاز منٿون ڪيون وينديون آھن پوءِ اوهان وڃڻ جي لاءِ راضي ٿيندا آھيو.؟
ناڪام شاعره: ڏسو جنهن مشاعري ۾ منهنجي چمچاگيري گهٽ ٿئي ۽ ماڻهو مون سان سيلفي به نه ڪڍرائن ته ڪوشش ڪندي آھيان اُتان بهانو ڪري جلدي نڪري وڃان.
ٻيو ته مشاعري ۾ شل نه ڪا مون جهڙي سهڻي سيبتي اعليٰ پائي جي ليکڪا اچي بس پوءِ ته گهڻن جون واڇون ڏسو ڪيئن ٿيون ڦري وڃن.
مان ته ايترا غزل به نه لکيا هوندا جيترو مون کي مشاعرن ۾ گهرايو ويندو آ.
صحافي: (آهستي چوي ٿو) واقعي ايتري سهڻي شاعره جي چمچاگيري ته فرض ٿئي ٿي، اوهان ڀلي داڦ ھڻو ته به ماڻھو واھ واھ ضرور ڪندا.ماڻھو عادت کان مجبور آھن.
ناڪام شاعره: جي ڇا چَيوَ؟
صحافي: ڪجھ نه اوهان جي تعريف ڪئي.
اڇا اهو ٻڌايو پيار ۽ محبت جي باري ۾ ڇا چونديون.؟
ناڪام شاعره: محبت پهريان انڌو هوندي هئي ليڪن هاڻي ان پنهنجو علاج ڳولي لڌو آ.هاڻي اها فيس (Face) به ڏسي ٿي ۽ بينڪ بئلينس (Bank Balance) به.
عورت کي پهريون پيار هميشه ياد رهندو آ، رڳو شرط اهو آ ان سان ئي ان جي شادي ٿيل نه هجي.
صحافي: ڪا خواهش.؟
ناڪام شاعره: منهنجي ورسي منهنجي زندگيءَ ۾ ئي ملهائي وڃي.
صحافي: آخر ۾ پڙھندڙن جي لاءِ ڪو پيغام؟
ناڪام شاعره: وقت تمام قيمتي آھي جيترو ٿي سگهي هميشه ٻين جو ضايع ڪريو.

(روزاني ”ارادو“ اخبار ۾ شايع ٿيل، بتاريخ ۹ آگسٽ ۲۰۱۹ع)

No comments:

Post a Comment