Sunday, August 25, 2019

بَڊَو، بدنام - مير اعظم علي ٽالپر


بَڊَو، بدنام
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ اوهان هي سٽون پڙهي رهيا آهيو ته هندي مهيني بَڊَي جي ۴ تاريخ آهي. سنڌ ۾ قديم زماني کان رائج هلندڙ واڻڪي ٻوليءَ وارو سانوڻ (برسات جو مهينو)، ڪانهوڙو، درياءَ (پاڻي) ۾ ٻوڙڻ کانپوءِ، موڪلائي ويو. ٻين لفظن ۾؛ جنم اشٽمي (ڀڳوان ڪرشن) جو ڏينهن، سانوڻ جي مينگهه ملهاري ۽ وسڪارن جو آخري ڏينهن هوندو آهي، جنهن مهيني ۾ ٿڌڙي جا مٺا مٺا لولا به پچائي کاڌا ۽ کارايا ويندا آهن. (پر شگر وارن کي نه) بقول حڪيم نذير صاحب جي ته شگر هڪ انتهائي وفادار (دوست) مرض آهي، جيڪو ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي. سانوڻ جو مهينو ختم ٿي وڃڻ جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ان کانپوءِ مينهن نه وسندا. مينهن ته پوءِ به وسندا رهندا آهن پر سانوڻ جو مهينو ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ خاص مشهور بدنام زمانه مهينو ”بَڊَو“ شروع ٿي ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي زميندارن وٽ گفتگو ۽ ڪچهري ۾ هن بڊي مهيني جو اڪثر ذڪر ٿيندو هو، ڇو ته بڊو معنيٰ ٺَڙَ ٺَڙَ گوپال. آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾ زميندار ۽ آبادگارن وٽ آمدني ۽ ڪمائي جو ذريعو زرعي آبادي ۾ وونئڻ، ڪڻڪ، ساريون هو. وسيلا گهٽ هئا. ان ڪري هن مهيني بڊي کي کوٽ کاتي وارو مهينو چيو ويندو هو پر هاڻ هر هنڌ تبديلي اچي چڪي آهي. ان ڪري زميندارن ۽ آبادگارن پنهنجي زرعي ڪمائي ۽ آمدني جا ذريعا به تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ڇو ته زراعت ۾ زرعي فصل بدران باغات (انب، ٻير وغيره) جو عمل دخل وڌي ويو آهي. جنهن ڪري هاڻي ڇا سانوڻ ته ڇا بَڊو، سڀئي مهينا ساڳيا سانوڻ جهڙا وسندڙ آهن ۽ سنڌ واسي زميندار توڙي آبادگار مول ۾ بيٺا آهن. حالانڪ آڳاٽي دور ۾ بڊو اوڌر گهرڻ ۽ قرض کڻڻ جو مهينو سمجهيو ويندو هو. ان ڪري سانوڻيءَ جي مُند ختم ٿيندي ئي هر ڪنهن جي وات تي اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته؛ ادا بڊو آهي. ان ڪري هن مهيني دوران شاديون ۽ ٻيون تقريبون، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي لحاظ کان، نه ٿينديون هيون. انهيءَ ڳالهه جي شاهدي، ناري ۽ لاڙ جا آبادگار اڄ به ضرور ڏيندا ته؛ ”ادا بڊو اچي ويو هاڻ خير لڳو پيو آهي.“ يا ”ادا بڊو هلي پيو ڪجهه نه ٿيندو.“ يعني اٿندي، ويهندي اردو گاني ”مُني بدنام هوئي“ وانگر بڊو بدنام هوندو هو. حالانڪ لفظ بڊو مهينو نه هوندي به سڄو سال ٻولي ۾ ڳالهه ٻولهه طور، عقل جي اشاري طور، استعمال ٿيندو هو ته ”بڊو آهي.“ معنيٰ ته پئسو ڏوڪڙ نه آهي.


هن بڊي جي مهيني جي حوالي سان زرعي ماهر ۽ ليکڪ سائين مٺل جسڪاڻي اڄڪلهه جي لحاظ کان سنڌ ۾ سانوڻ کانپوءِ بڊي جي مهيني جي حقيقت تي روشني وجهندي هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته؛ ”هن زماني ۾ به بڊو پنهنجي اصل حيثيت ۽ حقيقت ۾ جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم آهي. آبادگارن ۽ زميندارن جي پوکيءَ جو مزاج ڀلي تبديل ٿي چڪو هجي ۽ فصلن ۾ عام طرح سان روايتي فصل؛ ڪڻڪ، وونئڻ ۽ سارين، ڪمند جي جاءِ تي ڀلي باغات والاري هجي، پر ان جي باوجود به سانوڻيءَ جي سخت بارشن سبب عام ريت روزمرهه ۾ استعمال ٿيندڙ ڀاڄيون زبردست تباهيءَ جو شڪار ٿين ٿيون. مٺل جسڪاڻي ان سلسلي ۾ وڌيڪ چيو ته تيز برسات سبب، ڀاڄين جي فصلن ۾ ڀينڊي، توري، پالڪ، ٽماٽو، بصر وغيره سڀ جا سڀ متاثر ٿين ٿا ۽ ڪنهن حد تائين گل ٻاٽي ڇڻي وڃڻ جي ڪري بازار ۾ کاڌي جون ڀاڄيون اڻ لڀ ٿي وڃن ٿيون. ايتري حد تائين جو قدرتي طور برسات جي پيداوار مليرڙو، لولر، لوڻڪ به کائڻ لاءِ نه ملندا آهن. ان ڪري هن زماني ۾ تبديلي اچڻ کانپوءِ به حالتون ضرور تبديل ٿيون آهن. ان لحاظ کان بڊو به پنهنجو رنگ روپ ضرور بدلائي چڪو آهي. پر سانوڻ جي برساتن کانپوءِ، برسات جي نتيجي طور مختلف علائقن ۾ ڏڪار ته ختم ٿئي ٿو پر وقتي حالتون خراب ٿين ٿيون. انهن کي ئي بڊو چئي سگهي ٿو. مطلب ته بڊو ڪالهه به هو ته اڄ به بڊو موجود آهي. صرف ان ۾ ڪجهه ڦير ڦار ٿي آهي. باقي ڳالهه ساڳي هاڻي آهي ته ”ادا بڊو هلي پيو ۽ بڊو آهي“ خاص ڪري جتي ڪجهه پاڻي لاڙ ۽ شڪارپور ۾ آهي.
راقم جو نانو مرحوم، پنهنجي وقت جي ڳالهه ڪندو هو ته؛ سانوڻ کانپوءِ بڊو ايندو هو ته شام جي وقت ڪانگ پنهنجن ٻچن سميت، وڻن مان اڏامي گهرن جي ڀتين ۽ ڇتين مٿان ٽولن جي شڪل ۾ اچي ويهندا هئا. ان دوران بڊي جي مهيني ۾ ڏينهن جو سخت گرمي محسوس ٿيندي هئي. جنهن کي چٽ جي گرمي سڏيندا هئا ۽ هر هنڌ بازار وغيره ۾ هر ڪو چوندو هو ته؛ ”ادا بڊي جا چٽ آهن“. ان پگهر ڪڍندڙ گرميءَ ۽ سج جي تپش سان پوکيل ٻاجهري ۽ جوئر جو ان وارو فصل، پچندو هو ۽ ان کانسواءِ ٻاجهر ۽ جوئر مال جي چاري طور، سُڪل گاهه طور، لڻي رکبو هو. اهڙي سڪل گاهه کي اڄڪلهه حيدرآباد ۾ پڪي قلعي ۽ ٽئين نمبر تلاءَ جي ڪتر جي ڪارخانن تي ڏسي سگهجي ٿو (جتي سڪل ڪانا پيل آهن). ان کان سواءِ نانا سائين، شام جي وقت سر اولهه طرف وڏا وڏا ڪڪر (ڪڏهن سج کي سامهون ايندي ڪارا) ڏيکاريندو هو ۽ انهن مان سج لهڻ کانپوءِ (سانجهي سج لٿي) کنوڻ نظر ايندي هئي ته نانا چوندو هو ته؛ اها کنوڻ هاڻي درياءُ جو پاڻي چٽي (پيئي) ڇڏيندي ۽ هاڻي درياءُ سڪي ويندو. سانوڻ جو مهينو پڄاڻي تي پهچڻ ۽ بعد ۾ بڊو جو مهينو شروع ٿيڻ کانپوءِ آڳاٽي زماني ۾ اسان جي باغن ۾ ٻيرن ۾ ٻير ٿيندا هئا ته بابا مرحوم چوندو هو ته ”هي ماچوڪڙي جا ٻير آهن“ جڏهن ته سياري ۾ ٿيڻ وارا ٻير باقاعده فصلن جا ٻير ٿيندا هئا. برسات کانپوءِ هن بڊي جي مهيني ۾ زيتون به عام طرح ٿيندا آهن، پر ٻئي فروٽ، ٻير ۽ زيتون، کائڻ جي قابل نه هوندا آهن. بهرحال هن سال سنڌ ۾ سانوڻ جي بارش سانوڻ جي پهرين تاريخ تي يعني ۲ جولاءِ تي شروع ٿي هئي، جيڪا حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ تمام گهڻي پئي هئي. ۲۲ جولاءِ (هندي مهينو) تي، سانوڻ جي پهرين تاريخ هئي ۽ اڄ هندي ڪئلينڊر موجب (رائج) چوٿين بڊو آهي. يعني سانوڻ کي ختم ٿئي چار ڏينهن ٿي چڪا آهن. البته وري برسات جي حوالي سان اميد آهي ته سڀاڻي ۲۷ آگسٽ کان حيدرآباد، ميرپورخاص وغيره ۾ برسات جو امڪان آهي. ان ۾ تيز بارش بدران وچولو مينهن وسڻ جي اميد آهي.
هن سال سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جي بيت؛ مندائتي مينهن جي کنوڻ ناهي کوٽي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سراسري طرح سان سڄي سنڌ ۾ سانوڻيءَ جي مينهن جو ڪو خاص وسڪارو نه ٿيو آهي. البته مختلف علائقن ۾ بارش پئي آهي. اها به آگسٽ مهيني جي اندر، ٻه ڏينهن تقريبن ڪلاڪ يا ٻه ڪلاڪ. پر شهري نظام موجوده دور کان اڳ جو هئڻ ڪري وهڻ ۽ نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام بنجي چڪو آهي. ڇو ته نيڪاليءَ جو نظام ۱۹۷۰ع  يا ۱۹۸۰ع تائين جو ٺاهيل آهي ۽ انهن شهرن ۾ آبادي ڌڙا ڌڙ وڌي چڪي آهي. هر طرف قبضا ٿي ويا آهن. گندي پاڻيءَ واريون کڏون/ ڍورا، ختم ٿي ويا آهن. حيدرآباد ۾ نارا جيل وٽ، بارش جو پاڻي تاحال موجود آهي. ڇو ته فتح چوڪ وٽ، مول تعمير ٿي چڪا آهن. انهن مولن جي جاءِ تي جبل کان هيٺ ايندڙ پاڻي گڏ ٿيندو هو. هاڻي ان جاءِ تي شاندار مول عمارت بيٺي آهي. اهڙي حالت ۾ بارش جو پاڻي آخرڪار ڪيڏانهن وڃي؟ برسات جي پاڻيءَ جي رستا روڪ ته خود انسانن ئي ڪئي آهي. هن برساتي پاڻيءَ جو گس بند ڪرڻ کانپوءِ، ٻڏڻ ۽ تڪليف دوران هاءِ گهوڙا ڪرڻ ته ”اسان ٻڏون ٿا“ فضول آهي. حڪومت پنهنجي عقل ۽ فهم مطابق، پاڻيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب، پلاسٽڪ کي سمجهندي، اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي بندش وجهي ڇڏي آهي. حالانڪ اها به غفلت، انسان طرفان ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ حڪومت کي نظام بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ هن وقت ڏينهن جي دوران هر هنڌ ڪروڙين تعداد ۾ مکين جي يلغار آهي. ان لاءِ کجور جو فصل لهڻ ٻڌايو وڃي ٿو. حالانڪ کجور ته سڀ کان ڀلي سعودي عرب ۽ عراق جي شهر بصره ۾ ٿيندي آهي. اها خبر نه آهي ته انهن شهرن ۾ به کجين لهڻ وقت مکين جو مينهن وسندو آهي يا نه؟ ان کان سواءِ، سنڌ ۾ رات جو مڇرن جا لامارا آهن. ان لاءِ بارش جو پاڻي، ذميوار چيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ راقم جو هڪ دوست، ٽنڊوڄام کان نڪري ٽورينٽو (ڪئنيڊا) ۾ رهي ٿو. جتي روزانو بارش پئي ٿي پر مڇر نه آهن. خبر نه آھي ته ڇو؟ پر اسان جو هنن ولايتي شهرن ۾ ڪهڙو ڪم؟ اسان ته بڊي جي چڪر ۾ قابو آهيون! جيڪا قوم بڊي جي مسئلن ۾ ڦاٿل هوندي، اها سدائين مکين ۽ مڇرن جي عذاب ۾ هوندي. بهرحال هن وقت لکڻ لاءِ لڙائي، جنگ، شڪاپور ۾ پوليس جو بڊو جهڙا کوڙ سارا عنوان، ميدان ۾ پيا آهن پر ڪئلينڊر ۽ ڊائريءَ ۾ وقت جي ڳالهه طور سانوڻ ۽ بڊو اڳيان اچي ويا. سنڌ واسين کي هميشه بڊو ستائيندو رهيو آهي. ان ڪري ”بڊو بدنام“ تي لکجي ويو، ان لاءِ سانوڻ کان معذرت ڪجي ٿي، ڇو ته ”ادا بڊو اچي ويو آهي، بڊو هلي پيو.“

No comments:

Post a Comment