Sunday, November 17, 2019

ٻارھن مھينن جا نالا - راڻا محمد شاھد - يوسف جميل لغاري


 ٻارھن مھينن جا نالا 
راڻا محمد شاھد/ يوسف جميل لغاري

جنوري:
عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا (Janus) جي نالي تان اخذ ڪيل آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ دوران ڪئي ويندي هئي، امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هئا جن سان هو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت رکندو هو. جيئن ديوتا جانس ان هڪ ئي وقت اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو، جنوري جي مهيني ۾ به انسان به گذريل سال توڙي نئين سال سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا. ايئن هن مهيني جي نالي جي مناسبت سان معنيٰ ٿي “سال جو دروازو” هي مهينو ۳۱ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.


فيبروري:
ڪنهن زماني ۾ فيبروري سال جو آخري ۽ ڊسمبر سال جو ٻيو مهينو سمجهيو ويندو هو. حضرت عيسيٰ جي دور ۾ فيبروري کي سال جو ٻيو مهينو قرار ڏنو ويو. هي مهينو ان لاءِ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو جو ان ۾ سڀني مهينن کان گهٽ يعني ۲۸ ڏينهن آهي. لفظ فيبروري فيبرام (Februm) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “پاڪيزگي جو ذريعو”.

مارچ:
هن مهيني جو نالو رومي ديوتا مارس (Mars) جي نالي تان رکيو ويو آهي. مارس کي سنڌي ۾ مريخ به چوندا آهن. هن ديوتا بابت چيو وڃي ٿو ته اهو ڏاڍو خطرناڪ هوندو هو. اهل روم ۾ هن کي سڀني کان وڌيڪ طاقتور ديوتا سمجهيو ويندو هو. انهن جي عقيدي مطابق هو کنوڻ، برسات وغيره جو ديوتا هو. لفظ مارچ به لاطيني ٻولي جي لفظ مارٽيس (Martius) تان ورتو ويو آهي. ان ئي نالي جي مناسبت سان مريخ جو نالو مارس رکيو ويو آهي. مارچ مهيني ۾ موسم بهار جي شروعات ٿيندي آهي.

اپريل:
هي مهينو ۳۰ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. لفظ اپريل لاطيني ٻولي جي لفظ اپريلس (Aprilis) مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي کولڻ يا آغاز ڪرڻ وارو. هن مهيني ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجهه جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. هن مهيني کي ڪنهن ديوتا جي نه بلڪه بهار جي فرشتي سان منسوب ڪيو ويندو آهي.

مئي:
هي سال جو پنجون مهينو آهي ۽ هن ۾ ڪل ۳۱ ڏينهن هوندا آهن. لفظ مئي انگريزي ٻولي ۾ فرانسيسي لفظ مائي (Mai) مان آيل آهي، جيڪو وري لاطيني ٻولي جي لفظ مائيس (Maius) مان ورتو ويو آهي. مئي بابت چيو ويندو آهي ته اهو نالو رومي ديوي ميا (Maia) جي نالي تان ورتو ويو آهي. رومين جي عقيدي مطابق هن وسيع ڌرتي کي ديوتا پنهنجي ڪلهن تي کڻي رکيو آهي. جنهن کي ۷ ڌيئرون هيون ۽ سندس ڌيءُ مياديوي سڀني کان گهڻو مشهور هئي.

جون:
سال جو ڇهون مهينو، هن ۾ ڪل ايڪٽيهه ڏينهن آهن. هي لفظ به فرانسيسي زبان جي لفظ جونئيس (Junius) تان اخذ ڪيو ويو آهي. هن مهيني جو نالو هڪ ديوي جونو (Juno) جي نالي تان رکيو ويو آهي. ڪن ماڻهن جو اهو خيال به آهي ته جون جو نالو روم جي مشهور شخصيت جوني ليس جي نالي تان به رکيو ويو آهي. جونو ديوتائن جي سردار جيوپيٽر جي ڌيءَ هئي. جڏهن ته جوني ليس هڪ بي رحم ۽ ظالم انسان هو.

جولاءِ:
هي مهينو به جون وانگر گرم مهينو هوندو آهي. هن مهيني جو نالو روم جي هڪ مشهور حڪمران جوليئس سيزر جي نالي مان ورتو ويو آهي. هڪ زماني ۾ هي سال جو پنجون مهينو هوندو هو. جوليئس سيزر قديم روم جو مشهور شهنشاهه هو. مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار وليم شڪيسپئير جوليئس سيزر تي هڪڙو ڊرامو به لکيو هو.

آگسٽ:
سال جو اٺون مهينو، جنهن ۾ ڪل ۳۱ ڏينهن آهن. پهريان هي مهينو ڳڻپ جي حساب سان سال جو ڇهون مهينو هو، جڏهن عيسوي سال جي شروعات مارچ کان ٿيندي هئي. چيو وڃي ٿو ته تڏهن سال ۾ ڪل ۱۰ مهينا هوندا هئا. مارچ کان ڊسمبر تائين. اهو ان لاءِ ته قمري سال ۽ شمسي سال ۾ فرق هوندو هو. قمري سال ۾ ۱۲ مهينا هوندا هئا ۽ شمسي سال جا ۱۰ مهينا هوندا هئا. انهي ڪري ۲ مهينن جو اضافو ڪيو ويو. شمسي سال ۾ اضافي کان پوءِ آگسٽ مهيني جو نالو هڪ قديمي رومي شهنشاهه آگسٽس (Augustus) جي نالي مان ورتو ويو (هن مهيني ۾ شروعات ۾ ۲۹ ڏينهن هوندا هئا، اڳتي هلي ڪري جوليئس سيزر هن مهيني ۾ ۲ ڏينهن جو اضافو ڪري ۳۱ ڏينهن ڪيا). رومي شهنشاهه آگسٽس جو اصل نالو ٻيو هو. جڏهن هن ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس مڃتا ملڻ لڳي ته روم جي ماڻهن کي آگسٽس جي نالي سان پڪارڻ شروع ڪيو. هن نالي جو مطلب آهي دانا ۽ ڏاهو.

سيپٽمبر:
هن مهيني جو نالو لاطيني ٻولي جي لفظ سيپٽ (Sept) مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ستون ۽ هن مهيني کي شروعات ۾ ستون مهينو چيو ويندو هو. پر اڳتي سال جي مهينن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ هن مهيني کي نائين نمبر تي رکيو ويو آهي.

آڪٽوبر:
لاطيني ٻولي ۾ ۸ جي عدد کي آوڪٽو (Octo) چيو ويندو آهي. ان لاءِ هن مهيني کي اٺون مهينو شمار ڪيو ويندو هو. آڪٽوبر جي معنيٰ آهي، اٺون مهينو. سال جي مهينن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ کانپوءِ هن مهيني کي ڏهين نمبر تي رکيو ويو آهي.

نومبر:
هن مهيني ۾ ۳۰ ڏينهن هجن ٿا. لاطيني ۾ نون جي عدد کي نووم (Novum) چيو ويندو آهي. ان ڪري ئي هن مهيني جو نالو نڪتو آهي. نومبر جي معنيٰ آهي نائون مهينو. سيپٽمبر کي ستون مهينو، آڪٽوبر کي اٺون مهينو ۽ نومبر کي نائون مهينو تڏهن چيو ويندو هو، جڏهن جنوري ۽ فيبروري سال جي مهينن ۾ شمار ڪونه ٿيندا هئا. اڳتي هلي ڪري هنن مهينن جا نالا ته ساڳيا رهيا، البته نمبر اڳتي ٿي ويا.

ڊسمبر:
هلندڙ صدي ۾ سال جو آخري مهينو. جنهن کي سنڌ اندر وڇوڙن جو سال تصور ڪيو ويندو آهي. هي نالو لاطيني ٻولي جو لفظ دسم (Decem) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏهون. شروع ۾ هي سال جو ڏهون مهينو هوندو هو ۽ پر هاڻي سال جو آخري ۽ ٻارهون مهينو آهي.

No comments:

Post a Comment