Monday, November 25, 2019

نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل - ھمير گاد


نفسياتي مسئلا ۽ انھن جو حل
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
سوال: آئون گذريل هڪ مهيني کان شديد ڊپريشن جو شڪار آھيان. مون کي جنهن ڇوڪريءَ سان پيار هو ان منهنجي محبت ۾، منهنجي دشمن سان شادي ڪري ڇڏي. چيائين؛ ”جڏھن تباھ ئي ڪرڻو آ ته پنهنجي عاشق کي ڇو ڪريان، ان جي دشمن کي ڇو نه ڪريان. جڏھن ته ان جي مڙس جي پهريان به شادي ٿيل آھي.؟ (سڻڀو گيھ)
جواب: اوهان روزانه ٽي وقت گوري ”جي سوريا“ کائيندا ڪريو سال پورو کائيندا رهو جيڪڏھن ڊوز توهان کي فائدو نه ڏي ته ان کي ۲ سال تائين کائو فائدو ٿي ويندو. جيڪڏھن ۱۰ سيڪڙو به فائدو نه ٿئي ته رات جو سمهڻ کان بعد ۾ ۵۷۰ ڀيرا شيلا ڪي جواني پڙهي محبوبه جي مڙس جي گهر ڏي منهن ڪري شوڪاريندئو ته پڪ ئي پڪ اوهان جو ٻيڙو هميشه لاء ٻُڏي ويندو.


سوال: منهنجو نالو گنجو شھزادو آھي ۽ منهنجي عمر ۲۸ سال آهي. منهنجي ڪيمسٽريءَ ۾ ڪمپيوٽر ڊپلوما ٿيل آھي. منهنجي پڙھڻ سان صفا دلچسپي ختم ٿي وئي آھي. جيڪڏھن ڪجھ به پڙھي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ياد ئي نه ٿو رهي. يادداشت صفا زيرو آھي. ڪتاب کي جيئن ئي ڏسان ٿو، اکين جي اڳيان اوندھ ٿي وڃي ٿي. وحشت ٿئي ٿي پر جيڪڏھن ڪنهن ڇوڪريءَ کي پري کان ئي ڏسان ٿو ته وولٽيج وڌي وڃي ٿي. توهان ٻڌايو ڇا ڪرڻ گهرجي.؟
جواب: ان کي اسان سڏيندا آھيون MGMDT (موچڙو گهٽ ماني ڍءَ تي) اهو مسئلو صرف اوهان سان نه پر ڪافي ماڻھن سان آھي. اهي سڀ موچڙي کان بعد سڌا ٿي ويا. اميد ته اوهان تي به جڏھن موچڙو وسيو توهان کي ڪتاب ته ڇا پورو ديوان ياد ٿي ويندو. بس ٽي وقت موچڙن جو سيڪڙو وڌڻ گهرجي. گھڻو ڪري اوهان کي فائدو ٿيندو.
سوال: آئون ڪافي وقت کان پريشان ۽ غمگين رهان ٿي. پهريان ته آئون ڏاڍي خوش هوندي هيم. ليڪن جڏھن کان گهر ۾ مهمانن اچڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان رڳو مسئلا ئي مسئلا آھن. ڪو حل ٻڌايو.؟ (ج نامعلوم)
جواب: توهان ميڪ اپ گهٽ ڪريو، مهمان پاڻ ئي گهٽ ايندا. يا پاڙو چئينج ڪريو. اڄ ڪلھ هڪ نئين گوري آئي آھي ”ٽڪ ٽاڪ“ جي نالي سان. اها هر ۵ منٽن ۾ کائيندا ڪريو. ان سان توهان کي هر اڌ ڪلاڪ ۾ ڊانس ڪندي، ننڊ اچي ويندي. ان سان اوهان جي ٽينشن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ گهر وارن کي به سڪون ملندو.
سوال: مان رات جو سمهڻ وقت اڪثر ڊڄي ويندو آھيان. ان جو حل ٻڌايو.؟  (اڇو شيدي)
جواب:  توهان جڏھن سمهندا آھيو ته توهان کي ڏسي ٻيا به ڊڄي ويندا آھن. ان جي لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ان جو هڪ ئي حل آھي. اوهان سمهندا نه ڪريو. روز رات جو هڪ ڄنگھ تي واڪ ڪندا ڪريو.
سوال: مون غصي ۾ رات جو ننڊ ۾ زال کي ٽي ڀيرا طلاقون ڏنيون. منهنجا ٻه ننڍا ٻار آھن، هڪ ۲۵ سال جو ٻيو ۳۰ سال جو. آئون شديد پريشان آھيان. ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي. پريشانيءَ ۾  ٽي مانيون به الائي ڪيئن ٿو کائي وڃان. مهرباني ڪري ٻڌايو ته مان پنهنجي زال کي واپس وٺي اچي سگهان ٿو يا نه.؟ (گناهگار)
جواب: پهرين ڳالھ ته آئون اوهان جو سهرو ٿورئي آھيان جو چوان ڌيءَ کي هاڻي ئي وٺي وڃ. ٻيو ته اوهان هڪ زال کي ٽي طلاقون ڪيئن ڏنيون آھن..؟ هڪ زال کي صرف هڪ ڀيرو طلاق ڏبي آھي. ٽي زالون هجن ته انهن کي اجتماعي ڏئي سگهو ٿا. ۽ ٽي ڳالھ  ته اوهان ننڊ ۾ ڏني آ، ان جي ڪري اوهان جي اها طلاق، طلاق نه ٿي.
سوال: مون کي غصو تمام گهڻو ايندو آ. غصي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا مڙس کي ڪڏھن بانس جو ڏنڊو ته ڪڏھن چمچو ڀري هڻندي آھيان. آئون پنهنجي غصي تي ڪيئن ڪنٽرول ڪريان؟ پليز ضرور ٻڌايو آئون ڪريان ته ڇا ڪريان.؟ (ببلي بي گناھ)
جواب: توهان جي سوال منجهائي ڇڏيو آھي. توهان جي ذھن ۾ اهو به سوال هوندو ته جيڪڏھن مڙس کي ڪجھ ٿي پيو ته گهر جو ڪم ڪير ڪندو؟ هوٽل تان ماني ڪير وٺي ڏيندو؟ ٻارن جا پيمپر روز ڪير بدلائيندو. بھرحال ان جو هڪ ئي حل آھي  توهان مڙس بدلايو يا مڙس کي مارڻ جو سامان چئنيج ڪريو. اميد ته اوهان کي يڪسانيت کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

No comments:

Post a Comment