Monday, November 25, 2019

عطائي ڊاڪٽر - ھمير گاد


عطائي ڊاڪٽر
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
جيئن پکين ۽ دوائن جا قسم ٿيندا آھن، ائين ئي ڊاڪٽرن جا به قسم ٿيندا آھن. هڪ سٺا ڊاڪٽر آھن جيڪي خلقِ خدا جي خدمت، بغير ڪنهن لالچ جي، ڪري رهيا آھن. ٻيو اچانڪ ڊاڪٽر آھن. اچانڪ ڊاڪٽر اُهي آھن، جن کي ڪو ئي سڏ ڪري چوي؛ ”او ڊاڪٽر! ڪهڙا حال اٿئي.“ ڪجھ وقت ته اهو ھمراھ سوچ ۾ پئجي ويندو ته ”وڏي ڳالھ آ! مان ڊاڪٽر آھيان! مون کي پاڻ کي ئي خبر ناهي.. پر مان ڊاڪٽر ڪڏھن ٿيس، منهنجي ته ڪيمسٽريءَ ۾ ڪمپيوٽر ڊپلوما ٿيل آھي.“ ۽ ٽيون وري اهي ڊاڪٽر آھن، جن کي عطائي ڊاڪٽر يا ڪاسائي ڊاڪٽر به چيو ويندو آھي.


عطائي ڊاڪٽرن جي ڪري، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن. اهي سيکڙاٽ ڪمپائونڊر، جن کي اسين ڊاڪٽر سمجهون ٿا، سي اسان جي عزيزن توڙي ٻچن جي زندگين سان ٿا کيڏن. اهي اسان جي سماج لاءِ ناسور آھن. ٻن ڏوڪڙن جي لالچ ۾ انساني زندگين سان کيڏي رهيا آھن. اهو عمل سماجي ڏوھ آھي، جيڪو پوري سماج کي، سواءِ نقصان جي، ڪجھ ناهي ڏيندو.
عطائي ڊاڪٽر، مختلف جڳهن تي پنهنجون اسپتالون کولي، پنهنجي جهالت سان ماڻهن کي مارڻ جي گناهه ۾ بي خوف ۽ بي شرميءَ سان شريڪ آهن.
اصل ۾ اهي ڪنهن ڪواليفائڊ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي هڪ انجيڪشن هڻي ۽ هلڪي مرهم پٽي ڪري، ڪمپائونڊر مان يڪدم ڊاڪٽر ٿي ويندا آھن.
هڪ ڀيري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪڻڪ جي فصل جو لابارو ڪندي هڪ همراھ کي معمولي بخار ٿي پيو. جنهن کي هڪ ڊاڪٽر وٽ آندو ويو. مريض کي ڊاڪٽر اينٽي بايوٽڪ انجيڪشن لڳائي. جنهن تي ان مريض جي اکين اڳيان اوندھ ڇانئجي وئي. مريض دانهون ڪيون؛ ”مون کي ڪجھ نظر نه ٿو اچي.“ بعد ۾ ان مريض کي ٻئي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيا. جتان هو صحتياب ٿي، واپس پنهنجي گهر خير سان پهچي ويو هو.
انهن عطائي ڊاڪٽرن وٽ، ڊاڪٽريءَ جي ڪا به ڊگري ناهي هوندي. اهي صرف موت جا سوداگر هوندا آھن.
هڪ عطائي ڊاڪٽر کان پڇيم؛ ”توهان جي ايم بي بي ايس ٿيل آھي.؟“
چيائين: ”ها.“
پڇيومانس: ”ڪٿان ڪئي اٿو.؟“
چيائين: ”وومين ڪاليج فار بوائز.“
عطائي ڊاڪٽرن جي هينڊ رائيٽنگ پرائمري اسڪول کان ئي خراب هوندي آھي. جڏھن ڪلاس ٽيچر کانئن پڇندو آھي؛ ”وڏا ٿي، ڇا ٿيندئو؟ چوندا آھن: ”ڊاڪٽر.!“
انهن کي ان وقت کان ئي خبر پئجي ويندي آھي ته اسان جي رائيٽنگ صفا بيڪار آھي، اسان کي ڊاڪٽر ئي ٿيڻو آھي.
هڪ اڻ پڙھيل همراھ کي عطائي ڊاڪٽر دوائن جي پرچي لکي ڏني. اهو همراھ دوائون وٺڻ سڌو ميڊيڪل اسٽور تي ويو. ميڊيڪل اسٽور واري کي پرچيءَ ۾ لکيل دوائون سمجھ ۾ ئي نه اچن. اسٽور وارو ڇتو ٿي پيو. هن ڪڏھن اهڙين دوائن جو نالو ئي نه ٻڌو هو. نيٺ انھيءَ همراھ، اها پرچي هڪ ٻئي ميڊيڪل اسٽور واري کي ڏيکاري. ان چيس: ”هي دوائون ته ناهن. هي ته هاليووڊ جي فلمن جا نالا آھن..“ عطائي ڊاڪٽرن جي اهڙي جنس به اوهان کي ملندي.
عطائي ڊاڪٽرن کي ڊاڪٽريءَ جي علم جي بلڪل ڄاڻ ناهي هوندي. هو پنهنجي قابليت بدران پنهنجي اداڪاريءَ ۽ ڌوڪي ڏيڻ ۽ فن آڌار، مريض ڦاسائيندا آهن، خاص ڪري مسڪين ۽ اٻوجھ ماڻھو. جڏهن ڏسندا آھن ته مريض کانئن ٺيڪ ڪو نه ٿو ٿئي ته پنهنجي ڪوڙي اداڪاريءَ سان ان مريض کي پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي عطائي ڊاڪٽر ڏي موڪلي ڇڏيندا آھن. اهو وري ان کان الڳ فيس وٺندو آھي. اداڪاريءَ ۾ باقائده ايڪسپرٽ ھوندا آھن، اهو به ڪوڙي اداڪاريءَ ۾.
سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جا ڪوس گهر کليل آهن، جتي عوام کي لٽيو ۽ باقائده ڦريو ٿو وڃي.
مريض کي ڀل مٿي ۾ سور هجي يا گوڏي ۾، کنگھ ھجي يا پيٽ ۾ درد هجي، هڪ ڪولڊ ڊرنڪ مان انجيڪشن ڀري مريض کان سؤ روپيا اڳاڙيا ويندا آهن.
ڪن عطائي ڊاڪٽرن کي اها به خبر نه هوندي آھي ته مريض کي بيماري ڪهڙي آهي؟ بس ڪجھ به هجي ڊرپ لڳائڻي آهي. پئسا ڪمائڻ جي لاءِ مريض کي ڊرپ به لڳائيندا آھن. وڏي ڳالھ ته زڪام وارو مريض به کين سيريس ڪيس لڳندو آھي.
ڪجھ ڏينهن پهريان، منهنجي هڪ دوست جي چئن سالن جي پٽ کي بخار ٿي پيو, هو پنهنجي پٽ کي وٺي، هڪ عطائي ڊاڪٽر وٽ آيو. ڊاڪٽر ڏسي بخار جون ٻه سيرپ لکي ڏنس. ان تي منهنجي دوست ان عطائي ڊاڪٽر کان پڇيو؛ ”بخار جا ٻه سيرپ ڇو؟“
تنهن تي ان عطائيءَ چيس؛ ”جيڪڏھن هڪ سيرپ پنهنجو ڪم نه ڪيو ته ٻيو ته پنهنجو اثر ضرور ڏيکاريندو.“
شڪر آ جو هن وقت تائين ڪو عطائي ڊاڪٽر ٽين جنس وارو ايجاد ناهي ٿيو. ور نه ته اهو مريض کي دوائون هيئن لکي ڏئي ھا؛ ”هڪ ٽيبليٽ صبح جو ڊانس ڪرڻ کان پوءِ، ڊگهي  سيرپ منجهند ٽن ٺمڪن کان پوءِ پي ڇڏجو. سڀ دوائون گڏ ڪري، پاڙي ۾ جيڪڏھن ڪنهن جي شادي هجي ته کائي ڇڏجو نه ته اڇلائي ڇڏجو.“

No comments:

Post a Comment