Monday, November 25, 2019

مطالعي بابت عظيم ماڻھن جا ويچار - ھمير گاد


مطالعي بابت عظيم ماڻھن جا ويچار
ھمير گاد
مطالعو انسان جي لاءِ اخلاق جو معيار آھي. (ڊاڪٽر علامه اقبال)
خراب صحبت کان تنهائي سٺي آھي. ليڪن تنهائيءَ کان پريشان ٿيڻ جو انديشو آھي. ان لاءِ سٺن ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت آھي. (امام غزالي)
ورزش سان جسم مضبوط ٿيندو آھي. ساڳيءَ ريت مطالعي جي، دماغ لاءِ اها ئي اهميت آھي، جيڪا ورزش جي، جسم لاءِ. (ايڊيسن)


مطالعي سان انسان جي تڪميل ٿيندي آھي. (بيڪن)
مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ جو مطلب اهو آھي ته؛ اوهان دنيا جهان جي ڏکن کان بچڻ جي لاءِ هڪ محفوظ پناھ گاھ تيار ڪئي آھي. (سمرسٽ ماھم)
انسان قدرتي منظرن ۽ ڪتابن جي مطالعي سان گهڻو ڪجھ سکي وٺندو آھي. (سسرو)
مطالعي سان هڪ طرف توهان جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو ته ٻئي طرف اوهان جي شخصيت دلچسپ بڻجي ويندي. (وائٽي)
دماغ جي لاءِ، مطالعي جي اها ئي اهميت آھي، جيڪا ڪنول جي گل لاءِ، پاڻيءَ جي. (تلسي داس)
اهو ماڻھو نهايت ئي خوش نصيب آھي، جنهن کي مطالعي جو شوق آھي. پر جيڪو فحش ڪتابن جو مطالعو ڪندو آھي، ان کان اهو شخص بهتر آھي، جنهن کي مطالعي جو شوق ناهي. (ميڪالي)
مطالعو ذھن کي تازو رکڻ ۽ ان جي ترقيءَ جي لاءِ بيحد ضروري آھي. (شيلي)
جيڪو نوجوان، ايمانداريءَ سان ڪجھ وقت مطالعي ڪرڻ ۾ گذاريندو آھي ته ان کي پنهنجي نتيجن جي باري ۾ بلڪل به پريشان ٿيڻ نه گهرجي. (وليم جيمز)

(روزاني پنهنجي اخبار، ڇنڇر ۲۰۱۹-۱۱-۹ منجھ شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment