Friday, November 29, 2019

سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم يا ھنر


ڪنڀارڪي ھنر جي اھميت
موسيٰ ڪنڀر
Image result for necessity of pottery work in pakistanارتقائي طور انسان جڏهن غارن جھنگلن کي ڇڏي پاڻي جي پيچرن ڀرسان گھر اڏي پاڻ ۾ ملي جلي ويٺو ته تهذيب جي ارتقا شروع ٿي، پهرين هن ڪچا ۽ پوءِ پڪا گھر اڏيا، حملي کان بچڻ لاءِ ڪاٺ جا هٿيار ۽ ٻني جي کيڙڻ لاءِ هر ۽ پاڃاري ٺاهيا. اناج رکڻ لاءِ گنديون، ماني پچائڻ لاءِ دانگي ۽ ٻوڙ رڌڻ لاءِ ڪني ۽ ٿڌو پاڻي رکڻ لاءِ گُندي ٺاهي. اهڙي ريت واڍڪي، رازڪي ۽ ڪنڀارڪي ڪم اهميت ورتي. مطلب ته ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن، (چائنا آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۲۰۰۰ع). ۸ هزار سال مهر ڳڙهه ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق. م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجهه جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو.


سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم ۽ ڪاشي جو ڪم رنگن جي ڪري ڪن علائقن ۾ گڏيل به ملي ٿو. سيوهڻ، هالا ۽ نصرپور ۾ مٽي جا ٿانو ٺهندا رهيا آهن، مٽي جي ٿانون تي ڪاشيگري جي چٽسالي جو ڪم به ٿيندو رهيو آهي. هوڏانهن وري ملتان واري علائقي ۾ سٺي مٽي هجڻ ڪري فينسي ٿانو ٺهندا رهيا آهن. ڪنڀار مٽيءَ جو ٿانو ٺاهيندو آهي ۽ عورت ان تي چٽسالي ڪندي آهي. گوگل جي ريسرچ موجب ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ فردن جي يادگيري ۽ ڌيان جي قوت تيز هوندي آهي جيئن ته ٿانو چڪ تي ٺاهڻ وقت نفاست سان آڱرين جو استمعال ٿئي ٿو ان ڪري ڪنڀارن ۾ هٿ جي احساسيت به مٽي مان ٿانو جوڙڻ سبب وڌيڪ هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪنڀار ٽٽل هڏ، گڏ محسوس ڪندو آهي ۽ ٺاهي سگهندو آهي. ماضيءَ ۾ ڪنڀارن پاران ٺاهيل ٿانون جو ڪاروبار ڪاروبار بارٽر سسٽم يا “آهت”وسيلي يعني ڪڻڪ، چانور يا ٻين کاڌي پيتي جي شين جي عيوض ٿيندو هو ۽ ڪنڀار پنهنجي “آهتي” کي سال جا سڀ ٿانو ڏيندو هو. جنهن ۾ مٽن، دلن کان وٺي رڌ پچاءُ لاءِ دانگي، ڪني ۽ کاڌو کائڻ لاءِ طباخ هوندو هو، جڏهن ته مهمانن جي ماني لاءِ ڍاڪون هوندا هئا. ڪنڀارڪي ڪم جي ايڏي ته وڏي اهميت هوندي هئي جو کيس استاد يا استو سڏيو ويندو هو. امير توڙي غريب شادي يا طهر جا ڏينهن به ڪنڀار کان پڇي رکندا هئا ته جيئن مقرر تاريخ تي ٿانو پهچن هو. ڀت پوت جي موقعن تي پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ، ڇل پليٽن جي جاءِ تي ڦيليون ڪنار ۽ ٻيا گھربل ٿانو ڏيندو هو. اهڙن موقعن تي ڪنڀار کي خصوصي اهميت ڏئي کٽ تي ويهاريو ويندو هو. کيس اناج ۽ ٻين شين ڏيڻ سان گڏ اجرڪ اوڍائي مينهن يا ڍڳي ڏني ويندي هئي.
سنڌ ۾ هن وقت هي وڏو سوال اٿاريو ويو آهي ته ڪنڀار هڪ قوم آهن، جڏهن ته اهي سماجيات جي ڪنهن به وصف موجب نه قوم آهن، نه قبيلو آهن پر هڪ ڌنڌو ڪرڻ سبب ۽ ڌنڌي سان لاڳاپيل مخصوص لفظ ڳالهائڻ سبب سنڌي قوم جي هڪ هنري ۽ ثقافتي ايڪائي آهن، جنهن کي ڪميونٽي به چئي سگهجي ٿو، ڪنڀار پاڻ به ڪا ذات ڪونهي پر ڊگهي عرصي تائين ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ سبب ذات سڏجي پئي. سنڌي ۾ (ڪنڀ + ڪار) جو مطلب مٽي جو ڪم ڪرڻ وارو آهي جيڪو ڪهڙي به ذات وارو ڪري سگهي ٿو، چاهي اهي ٽنڊي جان محمد جو سرائڪي هجي يا واڳڙڪي، سنڌي، ڪڇي يا ڍاٽڪي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، سندن ٻوليون ۽ رواج جدا آهن. هن وقت سنڌ ۾ هيٺيان ڪنڀارڪا ڇنا آهن: (۱) سنجهورو. (۲) ڪاپايو. (۳) مهراڻو. (۴) ڍٽ . (۵) واڳڙ ۽ (۶) ڪڇ.
اپر سنڌ ۾ شايد ٻيا ڪي ڇنا به هجن پر هر ڇني ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ جدا ذاتون ۽ نکون آهن جهڙوڪ؛ جوکيا، ڀٽي، ڌڪر، چنا، سمان، سومرا، پنهور، جويا، ذنگي، وغيره.
مطلب ته جن به ماڻهن ڪنڀارڪو ڪم ڪيو اهي ڪنڀار يا ڪنڀر سڏجڻ لڳا. ڪنڀارن جي پاڻ ۾ ٻاهر رشتيداري رکڻ بدران پاڻ ۾ ئي شاديون ڪيون، تنهنڪري اهي ڪنڀار ذات سڏجڻ لڳا، جڏهن ته هن وقت سنڌ جي سياست ۾ قبائليت قائم ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري سياستدانن جي معرفت ڪنڀارن کي به هڪ قوم/ذات سڏيو پيو وڃي، جيڪو هڪ ڊگهو بحث آهي. پر هن وقت ڪنڀارڪو ڪم صرف ۱۰ سيڪڙو ماڻهو ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته جديد دور هنرمند ماڻهو کان نه صرف سندس هنر ڦريو آهي پر فطرت سان لڳاپيل هٿ جون شيون به کسي ورتيون آهن. ڪنڀارڪي ٿانون جي جاءِ تي جست، اسٽيل ۽ پلاسٽڪ جي ٿانون مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جن جي ڪري ڪينسر، الرجي ۽ السر جھڙيون بيماريون ٿيڻ لڳيون آهن. هڪ تحقيق موجب مٽي جي ٿانون کي استمعال ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگھجي ٿو، مٽي جي ٿاون ۾ الڪيون هونديون آهن جنهن ۾ پڪل شيءِ مان ايسيڊٽي ختم ٿي وڃي ٿي ان کان سواءِ مٽي جي ٿاون ۾ ميگنيز، آئرن ۽ ٻيا اينٽي آڪسيڊينٽ هوندا آهن، جيڪڏهن مٽ جي ٿانون جا فائدا ڏسي ان کي هڪ انڊسٽري جو درجو ڏنو وڃي. ان لاءِ پبلسٽي به ڪئي وڃي ته ڪر ماڻهو ان مٽي جي ٿانون جي استمعال سبب گھڻين ئي بيمارين کان بچي پون.

(مددي ڪتاب؛ پيرائتي سنڌ ڪٿا، ليکڪ؛ ايم ايڇ پنهور. پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا، منصف، سبط حسن)



سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم

ڪريم عباسي

اڳ ۾ حيدرآباد جي مشهور حاجي رٻڙي ٺڪر جي ٽڀن ۾ ملندي هئي ۽ ان تي ڍڪ لاءِ مٿان پنو چنڀڙائي سوتلي سان ٻڌي ڏيندا هئا، جيڪا انهيءَ پيڪنگ ۾ پوري پاڪستان ۾ ويندي هئي پر پوءِ هاڻي ان به اهي ٽڀا ڇڏي پلاسٽڪ جا دٻا يا باڪس استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن پر ٻئي پاسي وري ٽڀن جو نئون استعمال شروع ٿي ويو آهي. يعني ٽڀن ۾ تندوري چانهن پچاءِ هڪ نئون سواد ۽ ذائقو متعارف ڪرايو ويو آهي، اڳ ۾ ماهه محرم ۾ سبيلن تي اهي ٽڀا رکيل هوندا هئا جن ۾ پاڻي پيئبو هو پر هاڻي اتي به پلاسٽڪ جا گلاس اچي ويا آهن، اڳي وهنجڻ جي جاءِ ۾ هٿ پير صاف ڪرڻ لاءِ کرڙيون به رکيل هونديون هيون هاڻي شايد انهن جو رواج به نه رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي پلاسٽڪ ۽ نائيلون جا بُرش اچي چڪا آهن. ٻارڙن کي بچت جي عادت وجهڻ لاءِ ٺڪر جون کُڏڻيون ۽ ڀانڊارا مختلف سائيزن ۾ ننڍيون، وچوليون، وڏيون ۽ تمام وڏيون اڄ به ٺاهيون وڃن ٿيون يعني تند کي بند ناهي، هر ڌنڌي، هنر، فن ۽ روزگار ۾ عروج ۽ زوال هلندو رهندو آهي.

ايئن ته هي ڪنڀارڪي ڪرت يا ڪم سڄي سنڌ ۾ ٿئي ٿو پوءِ ڪٿي اهي ڪنڀار ايڪڙ ٻيڪڙ ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رهن ٿا ته ڪٿي وري پنهنجا پاڙا، گهٽيون يا محلا وسائي ويٺل آهن، سنڌ جي اترئين پاسي دادو، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، راڌڻ ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪنڀارن جون ڪيئي وسنديون ۽ واهڻ آهن، انهن علائقن جا مٽ، گهگهيون، دلا، دکيون ۽ ڪُنا هلڪي پيلي ۽ ميٽوڙي رنگ جا ٿين ۽ اهي پاڻي به جام ٿڌو ڪن. ان کان سواءِ وارهه، نصير آباد، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، شڪارپور، سانگهڙ، نوابشاهه، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ هالا ۾ به هي ڪم جام ٿئي ٿو، جيئن ته هر علائقي جي پنهنجي آب و هوا ۽ مٽي جي تاثير مختلف ٿئي ٿي، اتي جي ٺڪر جي شين جو نمونو ۽ معيار به مختلف ٿئي ٿو. ان کانسواءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ڪنري، مٺي، ننگرپارڪر ۽ ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي ڪنڀارڪو ڪم تمام بهترين ۽ جٽاءُ دار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ لاڙ پٽ سجاول، بدين، ٺٽو، جاتي، ٽنڊو باگو ۽ ماتلي ۾ به هن ڪم جي وڏي هاڪ آهي. ڪراچي جا ڪنڀار به ڪنهن کان گهٽ ڪاريگر ناهن، اهي جديد دؤر مطابق پنهنجي ڪرت کي لڳا اچن ۽ ڪافي نواڻ آندي اٿن.

ماضي قريب ۾ هڪ ڪنڀار ٺڪر جي چلمن (سلفين) ٺاهڻ جو شاهه ڪاريگر ٿي گذريو آهي. ان کي “ڪُنڍل ڪنڀار” چوندا هئا. هن جي ٺهيل چلم ۾ پستول، ڪهاڙي، مائوذر، ٽي ٽي، اوزي، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيون ڪيئي ڊزائين ۽ ماڊل تخليق ڪيل هوندا هئا. اهو ڪنڍل ڪنڀار سنڌ جي سڀني وڏن ۽ مشهور ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي اسٽال لڳائيندو هو ۽ ان کان شوقين وٺي وڃي پنهنجن ماڳن مڪانن تي لئي ڪندا هئا. هاڻي ان جو پٽ شايد سوڍل ڪنڀار اهي شيون ٺاهي ٿو.

ڪنڀارن جي سڀين وستين آبادين، ڪالونين يا پاڙن ۾ انهن جا گهر به آهن ته وري سندن نهائيون، چڪ ۽ وڏيون جايون به آهن جتي هي ٿانو پچائي تيار ڪري سڪائي ۽ صاف ڪري پوءِ هٿ گاڏي تي رکي، مٽ، دلا، ناديون، پاٽوڙا، ڪُنيون، دکيون، پياليون، گلاس، ڏيئا، مگا، ڪونڊا ۽ کُڏڻيون کڻي شهر جي پاڙن، ڪالونين، سوسائٽين، گهٽين ۽ محلن ڏانهن نڪري پوندا آهن ۽ پوءِ مٽ يا دلي تي ڪاٺي ڏونڪي وانگر وڄائي واٽهڙن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مائين ۽ پوڙهين پڪين جو ڌيان ڇڪائيندا آهن، جيڪي ٺڪ ٺڪ جي آواز تي نڪري در وٽ بيهن ٿيون ۽ پوءِ گهربل سامان وٺن ٿيون، ڪي ڪنڀار وري پنهنجا گاڏا روڊ ڪناري لڳائي پنهنجو دڪان سينگاري ويٺل هوندا آهن.

هاڻوڪي دؤر ۾ هن ڪم ۾ به ڪن پڙهيل لکيل نئين ٽهي وارن ڪنڀارن تمام گهڻي جدت آندي آهي، جن ۾ مختلف قسمن جا مجسما، جانورن جا ماڊل، ڊيڪوريٽيڊ پارٽيشن، بارڊر، کيريل، ڪانسون ۽ مختلف ماڊلن ۾ ڪونڊيون، گل دان، مسارا ۽ ڪيئي قسم جا ڊيڪوريشن پيس تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا. اهڙي طرح ايليٽ ڪلاس ۽ برگر فئمليون اهڙن شهه پارن کي خريد ڪري پنهنجن بنگلن، ڪوٺين ۽ محلن ۾ زينت وڌائين ٿيون.

دراصل ڪنڀارڪو ڪم سخت محنت مشقت وارو پورهيو آهي. سڀ کان اڳ ڪنڀار کي چيڪي مٽي جي ڳولها ڪرڻي پوندي آهي. ان کانپوءِ ان مٽيءَ کي ٻه ٽي دفعا سنهو ڪٽي، ڇاڻي ان مان ڳنڍا، ڳوڙها، پتر ٺڪر ڪڍي صاف ڪري پوءِ پاڻي سان ڳوهبو آهي. پوءِ هن کي دم ڏيڻ لاءِ ڏهه ٻارنهن ڪلاس ڇڏي ڏبو آهي. پوءِ وري ان کي اٿلائي پٿلائي چڪ تي چاڙهي گهربل شئي ٺاهي، لاهي، سڪائي پوءِ نهائين ۾ پچڻ لاءِ وجهبي آهي، پوءِ ڪڍي ان جي ڪوالٽي چيڪ ڪئي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ اها مصنوعات مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ آندي ويندي آهي.

حيدرآباد شهر ۾ به ٽي ڪنڀار پاڙا آهن. پهريون ڪنڀار پاڙو ڄامشورو روڊ تي حُر ڪئمپ وٽ، ٻيو ٽنڊو ولي محمد ۾ ۽ ٽيون ڪنڀار پاڙو ٽنڊي يوسف واري ڦاٽڪ وٽ آهي. انهن ٽنهي مان ٽندو ولي محمد وارو ڪنڀار پاڙو سڀ کان قديمي آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته اهو انگريز دؤر کان به اڳ جو آباد ٿيل آهي ۽ تمام آڳاٽي دؤر ۾ هتي اچي اهي ڪڇي ڪنڀار ٿانيڪا ٿيا هئا ۽ پنهنجو پاڙو وسائي ويٺا، ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي آباد ٿيندڙ ٽنڊو يوسف ڦاٽڪ وارو ڪنڀار پاڙو آهي، هتي به اهي ڪنڀار تمام پراڻا ويٺل آهن، پوءِ جيئن ته انگريزن جي دؤر ۾ ڄامشوري روڊ تي حُر ڪئمپ قائم ٿي ۽ واٽر سپلاءِ لاءِ جيڪب ٽينڪ ٺهيو، مٿي ٽڪري تي هن شهر جي باني ۽ حاڪم سنڌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي عباسي جي مزار جيڪا پڻ ٽي صديون پراڻي آهي ۽ هيٺ ڀرپاسي وارا علائقا ۽ پٽ خالي پيل هئا، اتي اهو ڪنڀار پاڙو قائم ڪيو ويو، جيڪو هاڻي حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ جي حدن ۾ اچي ٿو، يعني ته اهو انگريز دؤر حڪومت کان قائم شده آهي. پر مٿيان ٻئي ڪنڀار پاڙا انگريزن جي حڪومت کان به گهڻا پراڻا ٻڌايا وڃن ٿا.

سنڌ ۾ ڪنڀارن جون ڪيئي تنظيمون ۽ جماعتون آهن پر سنڌ سطح تي ڪنڀارن جي نمائنده جماعت “آل سنڌ ڪنڀار اتحاد” آهي، جيڪا سنڌ جي سمورن سنڌي ڪنڀارن تي مشتمل آهي ۽ ان جون شاخون ضلعي سطح تي آهن، ان اتحاد جو يوم تاسيس هر سال فيبروري مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته ڪنڀارن جي هڪ ٻي متوازي تنظيم “مسلم ڪڇي ڪنڀار جماعت” آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي، جيڪا ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعن ۾ ڪم ڪري ٿي. ڪراچي ۾ هن جماعت جا ڪميونٽي سينٽر، اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر به آهن. ملڪي سطح تي ڪنڀارن جي تنظيم “رحماني برادرز” آهي. جنهن جي مرڪزي آفيس اسلام آباد ۾ آهي، جيڪا سڄي پاڪستان جي مڙني صوبن جي ڪنڀارن جي مرڪزي جماعت يا اتحاد آهي.

ڪينٽ واري ڪنڀار پاڙي جي پ پ جي ڪائونسلر فقير محمد ڪنڀار ٻڌايو ته “ڪنڀار اصل ۾ تمام گهڻا محنت ۽ جفاڪش پورهيت آهن، جيڪي سارو ڏينهن مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي به پنهنجي روزي ڪمائين ٿا پر افسوس جو کين سندن محنت جو پورو اجورو نٿو ملي، اسان جي وس وارن ۽ بالا حاڪمن کي اپيل آهي ته سنڌ جي هن قديم هنر جي ڪاريگرن جي زندگيءَ ۾ به خوشحالي آندي وڃي ۽ هن هنر جي سرڪاري طور سرپرستي ڪري اڃان به وڌيڪ اجاگر ڪيو وڃي.”

سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي به ڪنڀارن جو وڏو مرڪز آهي. ڪراچي ۾ ڪنڀارن جي وڏي ۾ وڏي وستي يا پاڙو “ڪمهار واڙا” لياري ۾ آهي. ان کانپوءِ “ڪلان ڪوٽ” وارو ڪنڀار پاڙو، بلديه ٽائون، خميسو ڳوٺ نيو ڪراچي، ڊالميا، شانتي نگر ۽ مواڇ ڳوٺ ۾ ڪنڀار پاڙا آهن. ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڪڇي ڪنڀارن جي اڪثريت آهي. هنن جون پنهنجون مخصوص ريتون ۽ رسمون آهن، شادين مرادين ۽ ٻين خوشي جي موقعن تي هي وڏا سانگ رچائي ٺينگ ٽپا ڏئي خوشيون ملهائين ٿا.

جيئن ته اڄ سڄي سنڌ ۾ “ثقافتي ڏهاڙو” ۽ “ٽوپي اجرڪ” ملهايو پيو وڃي، ان جي مناسبت سان اهو نماڻو عرض آهي ته اهڙا ڏينهن ملهائڻ زنده قومن جي روايت آهي پر ان سان گڏ پنهنجي ثقافتي شين ۽ هنرن کي هٿي وٺرائي عروج تي پهچائڻ به اسان جو قومي فرض ٿئي ٿو.

اهڙي طرح سان نه صرف هي قديم ڪنڀارڪو ڪم پر ثقافت جي زمري ۾ ايندڙ سمورا هنر جهڙوڪ گج، گهگهرا، چولا، ڀرت، رليون، روا، چنريون، ٻانڌڻو، ڪُشن، وهاڻا، چانهن دانيون، جنڊي جون کٽون، پلنگ ڪرسيون، ميزون، صوفا، سينگار ٽيبلون، پينگها، جهولا، ڪاشيءَ جون ٽائيلز، ڪُنگرا، مُنارا، ڊيڪوريشن پيس پليٽون، مُخبا ۽ گلاس، سنڌي ٽوپيون، لونگيون، کيس، کٿا، لوئيون، شالون، اجرڪون ۽ رومال ان کان سواءِ هارين جا هر، کرپيون، ڏانداريون، پاڃاريون، مال جا توبرا، کرليون، ان کانسواءِ قديم ساز چنگ، بوڙينڊو، نڙ، سُروندو، سِتار، مفرمان ۽ بينون، پيش جا ڇٻا، ڇٻيون، ڇڄ، ڇليون، تڏا،توئنريون، نکون، ڪاٺ جي ڪم ۾ مخبا، دٻليون،پيتيون، گلڪاري ۽ منوت جو ڪم، رنگائي، ڇپائي، گهاڻي، ڪُورڪو ڪم، وينجهار، سون ۽ چاندي جو ڪم، لوهار ۽ کتيءَ واري ڪرت ۽ ٻيا سڀ هنر ۽ فن ان ثقافت جا اهڃاڻ آهن. اسان کي گهرجي ته پنهنجي سماج جي نج پورهيت ۽ هُنر کي همٿايون ۽ انهن کي دنيا آڏو بهترين انداز ۾ پيش ڪري پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪيون.

آخر ۾ ڪنڀارن واري موڪلاڻي “ٻيڙا پار، فاضل ڪنڀار”

يار زنده، صحبت باقي.

(پورو ٿيو)

 

(سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




ڪنڀارڪو هنر ختم ٿيڻ لڳو، ڇا وري مٽيءَ ڏانهن موٽ ٿيندي؟

رپورٽ: اسلم مھر عادلپور

ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ مٽيءَ جا ماڻھو، ڌرتيءَ جي چيڪي مٽيءَ کي ڳوهي، سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب ٺڪر جا ٿانو ٺاهي، سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري رهيا آهن. پر ٺڪر جي ٿانون جي وقت سان اهميت گهٽجڻ سبب ڪنڀارڪو ڪم زوال پذير ٿيندو پيو وڃي. ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ مزدور، ڪاريگر فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مٽي کي حياتي بخشيندڙ “ڪُــنڀر” اڄ جي جديد دور ۾ ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. مٽيءَ جي ٿانون جو وڪرو پڻ گھڻي حد تائين گھٽجي ويو آهي. مٽيءَ مان ٺهندڙ دِلا، مَٽ، ڪُونڊيون، دانگيون، پاٽيون ۽ ٻئي سامان جو واهپو نه هئڻ برابر رهجي ويو آهي.

سنڌ سميت عادلپور ۾ به مشهور ڌنڌي جي اهميت گهٽجڻ ڪري ڪاريگر مايوسي جو شڪار آھن. ان سلسلي ۾ عادلپور جي مشھور ڳوٺ لاکو لنجاري جا مشهور ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ رانجھن ڪنڀار، مصري ڪنڀار، جانڻ ڪنڀار ۽ ٻين ٻڌايو ته؛ ”اسان گذريل ڪيترن ئي پيڙهين کان هي ڪنڀارڪو ڪم ڪندا اچون پيا. مگر هاڻ هن ڌنڌي ۾ روزي نه رهي آهي. بازارن ۾ ٺڪر جي جاءِ پلاسٽڪ، جست، شيشي ۽ اسٽيل جي ٿانون والاري ورتي آهي. ان جي ڪري ٺڪر جي ٺهيل ٿانون جي اھميت، تمام گهٽ ٿي وئي آهي. جنهن سبب اسان جا ٺهيل ٿانو، مارڪيٽ ۾ نٿا وڪامجن.“

هنن چيو؛ ”مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ مٿان اسان جو خرچ ٿئي ٿو ۽ وقت پڻ لڳي ٿو.“

ھنن ٻڌايو ته؛ ”سڀ کان پھريان چيڪي مٽيءَ جي تلاش ڪندا آھيون. چيڪي مٽي کي ڇاڻي، اٽي جيئان ڳوھي، پوءِ چيڪي مٽي کي ڍڪيو ويندو آهي ته جيئن چيڪي مٽيءَ کي هوا نه لڳي. چيڪي مٽي نرم ٿيڻ کان پوءِ چڪ تي چاڙھي، مٽ، دلا، دانگيون، ماٽو، پاٽ، اکري، ڪونڊو ۽ ٻيا مٽيءَ مان ڪيترائي ٿانوَ ٺاھيا وڃن ٿا ۽ سڪائي مختلف قسم جي ڊيزائن جا خوبصورت گل ٺاھيا ويندا آھن. رنگ وارو پٿر جيڪب آباد مان گھرايو ويندو آھي ۽ ٿانون کي چمڪائڻ لاء سنڌو درياء جي واري استعمال ڪئي ويندي آھي. جڏھن ته ڪجهه ڏينھن لاء بٺي (آئي) ۾ لاھي، ڇيڻي جي باھ ۾ پچائي، ٺڪريءَ ۾ تبديل ڪندا آھيون. آخري مرحلي ۾ دلن، مٽن سميت ٻيا ڪيترائي ٺڪر جا ٿانوَ، شھرن، ڳوٺن ۾ گھر گھر وڪرو ڪري، پنھنجي حق حلال جي روزي ڪندا آھيون.“

ھنن ٻڌايو ته؛ ”گرمي شروع ٿيندي ئي ٿڌو پاڻي پيئڻ ھر ماڻھوءَ جي ضرورت ھوندي آھي. انھيءَ ڪري ٿڌو پاڻي، ٻين ٿانون بجاءِ صرف ٺڪر جي ٿانونِ ۾ ٿيندو آھي. گرميءَ جي موسم شروع ٿيندي ئي مٽيءَ مان ٺھندڙ مٽن، دلن جي وڪري ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ويندو آھي. جنھن سبب اسان جو گذر سفر تمام سٺو ٿيندو آھي.“

شھر جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙي جي علائقن ۾ جتي ڳوٺن ۾ بجليءَ جي سهولت نه هجڻ ڪري فرج جو استعمال نه ٿيندو آهي، انهن ڳوٺن ۾، گھرن توڙي اوطاقن ۾، خاص ڪري مٽيءَ مان ٺھيل دلا/ مٽ استعمال ڪيا ويندا آهن.

هنن جو چوڻ آهي ته؛ ”اسان جي هن ڌنڌي جي زوال سبب، هاڻ اسان پنھنجي ٻچن کان ٻيا ڌنڌا ۽ ڪاروبار ڪرائي رهيا آهيون.“ ڪنڀار ڪاريگرن چيو ته؛ ”اسان جي گذارش آهي، وقت جي حڪمرانن کي ته هو سنڌ جي هن قديم هنر کي بچائين ۽ ڪنڀارن جي بقاءَ لاءِ جوڳا قدم کڻن ته جيئن ڪنڀارڪو هنر، زنده رهي ۽ ڪنڀار برادري به معاشي طور ترقي ڪري سگهي.“

هنن چيو ته؛ ”انسان ڪيڏي به ترقي ڪري وڃي پر نيٺ هن کي مٽيءَ ۾ وڃڻو آهي. اسانکي يقين آهي ته هڪ ڏينهن، دنيا وري مٽيءَ ڏانهن موٽندي ۽ اسانجي ڪرت جو وري عروج اچڻو آهي.“

ياد رهي ته ڪو دور هوندو هو جو ماڻهو شاديءَ جي تاريخ، ڪنڀرن کان پڇي، طئي ڪندا هئا.



No comments:

Post a Comment