Sunday, December 16, 2012

برساتي ٻوڏ ۽ نڌڻڪي جهنگلي جيوت - نواز ڪنڀر


برساتي ٻوڏ ۽ نڌڻڪي جهنگلي جيوت
نواز ڪنڀر
موجوده برساتي ٻوڏ ۽ تباهي سبب نه صرف انسانن لوڙيو آهي، بلڪ جهنگلي جيوت به سخت متاثر ٿي آهي. ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته جهنگلي جيوت ڪيترن ئي قسمن جي عذابن ۽ خطرن کي منهن ڏنو آهي ۽ ڏئي رهي آهي، جنهن سبب ڪجهه جانورن ۽ پکين جي نسلن ۾ خطرناڪ حد تائين ڪمي آئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي اها ڪمي انهن نسلن کي خطري ۾ وجهڻ جو باعث به بڻجي. برساتي ٻوڏ سبب جهنگلي جيوت مختلف طريقن سان متاثر ٿي. مثال طور جتي وڻن تي يا مٿانهين جائين تي ويهڻ وارن توڙي هيٺ زمين تي رهندڙ پکين جي آکيرن کي نقصان پهتو، ڪن جا آنا يا ٻچا متاثر ٿيا ۽ ڪجهه هيٺ زمين تي چوڳو نه ملڻ سبب، بک جي ڪري به مئا. اتي ڪيترائي پکي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين هلندڙ مسلسل برسات سبب به مئا. جن ۾ تتر، ڳيرو، طوطو، ڪٻر، هيڙهو، مختلف قسمن جون جهرڪيون، ڪيتريون ئي ٻوليون ٻوڙيندڙ موڙ واري جهرڪي چنڊور، زمين تي ويهي سنها داڻا چوڳيندڙ اڇي پٺي ۽ ڪاري پيٽ واري جهرڪي ڪار-پيٽي، پاريهر، ڪاٺ ڪٽا، ميداني علائقن وارا مور، بلبل ۽ ڪار-ڪڻڇي وغيره شامل آهن. هن برسات سبب ڪوئل ۽ تاڙي کي به هت رهڻ جو نسبتاً گهٽ عرصو مليو، جيڪو به هن جي نسل ۽ واڌ ويجهه تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سان جهنگلي جانورن ۾ وري زمين تي رهندڙ توڙي ڏر يا ٻرن ۾ رهندڙ ريڙهه جي هڏي وارا ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور، جن ۾ سهو، ڦاڙهو، واڳون، گدڙ، لومڙ، جهنگلي ٻلا، نور، ڪوئا، ڪرڙيون ۽ نانگ وغيره به سخت متاثر ٿي مئا آهن يا انهن جي تعداد ۾ ڪافي ڪمي آئي آهي. پر ڪجهه پکين ۽ جانورن لاءِ هي برسات موجون ۽ مزا به کڻي آئي آهي. مثال طور برسات سبب تمام گهڻي تعداد ۾ مئل چوپايو مال پکي ۽ جهنگلي جانور وري ٻين ڪيترن ئي جانورن ۽ پکين جي غذا به ثابت ٿيا آهن. جيڪو وري زندگي جي سائيڪل جو لازمي حصو به آهي. اهڙن موجون ماڙيندڙ پکين ۾ جتي ڪانوَ ۽ ٻگهه شامل آهن، اتي جانورن ۾ وري ڪتن به ڍونڍ تي پاڻ ملهايو آهي. ڏيڏرن، ڪمين ۽ پاڻي وارن نانگن کي به واڌ ويجهه جو وڏو موقعو مليو آهي. اهي وڌيل جانور، پاڻي سڪڻ بعد وري ٻين بکن جي ماريل جانورن ۽ پکين لاءِ غذا ثابت ٿيندا. خاص طور تي برسات کان اڳ گهٽ ٿيندڙ ڪمين جي تعداد ۾ جيڪو اضافو ٿي رهيو آهي، ان کي مستقل طور بچائي، کائن ڍنڍن جي پاڻي جي قدرتي صفائي وارو ڪم وٺجي ته بهتر ٿيندو. وڌيل مڇرن سبب جتي ڀنڀوريون ڪافي تعداد ۾ آيون آهن، اتي ڪرڙين کي به زبردست خوراڪ ملي آهي پر هو مڇر مار اسپري جي زد ۾ به آهن.


ڪافي جهنگلي جانور ٻرن ۽ ڏرن ۾ پاڻي اچڻ بعد جڏهن جان بچائڻ لاءِ ٻوڏ متاثر بڻجي، خشڪي تي آيا ته اهي ٻين جانورن سان گڏ شڪارين جو به کاڄ ٿي ويا. ڪجهه جانور روڊ رستن تي يا انساني آبادين ۾ پناهه لاءِ اچڻ بعد ظالم انسانن هٿان توڙي گاڏين هيٺيان اچي مئا، جن ۾ واڳون، گدڙ، نانگ ۽ نور وغيره شامل آهن. پر افسوس اهو آهي ته هيڏي وڏي آيل قدرتي آفت مان به ظالم انسان ڪجهه نه سکيو ۽ پناهه ۽ جان بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيل سهن، تترن ۽ ڳيرن وغيره کي جتي پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۽ منهن جو ذائقو مٽائڻ لاءِ قتل ڪيو، اتي واڳن، نانگن ۽ گدڙن وغيره کي هروڀرو، روءنشي ۽ بي سبب خوف جي ڪري به ماريو. بي خبر انسان ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نٿا ڏين ته انهن جانورن ۽ پکين جو زنده ۽ موجود رهڻ، انساني زندگي جي چرخي چورڻ ۾ ڪيترن ئي طريقن سان نه صرف فائديمند ٿئي ٿو، بلڪه انهن جو هجڻ انساني زندگي لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح لازمي ۽ ضروري به آهي. جڏهن پکين ۽ جانورن جي تعداد ۾ غير معمولي ڪمي واقع ٿيندي ته پوءِ محققن کي خبر پوندي ته انسانن تي آيل ڪهڙين مصيبتن جو سبب، ڪهڙن پکين ۽ جانورن جو گهٽجڻ آهي! واضح رهي ته سنڌ جي مختلف جاگرافيائي علائقن جهڙوڪر وارياسي، جابلو، ميداني، درياهي ۽ سامونڊي علائقن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جانور ۽ پکي رهن ٿا. مثال طور سنڌ جي نارا ويلي واري علائقي ۾ مختلف تنظيمن پاران ڪيل سروي مطابق 120 قسمن جا پکي آهن. جن ۾ مقامي پکين جو تعداد 50 کن ۽ موسمي هجرت ڪري ايندڙن جو تعداد 70 کن آهي. جڏهن ته هن علائقي ۾ 14 وڏي سائيز وارا ميملز (کير پيارڻ وارا جانور)، 24 ننڍا ميملز ۽ 28 کن سڃاتل ريڙهيون پائيندڙ جانور آهن. (جن جو تعداد 50 کن تائين پهچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي). جتي ڪٿي پاڻي بيهي رهڻ، مڇي جا فارم لڙهي وڃڻ، درياهه ۽ سم نالا، ٻنين ٻارن ۽ ميدانن سان ملي هڪ ٿي وڃڻ بعد مڇي به تمام گهڻي وڌي آهي، جنهن لاءِ مختلف قسمن جي کاڌ خوراڪ وارو لڙهي آيل سامان، سندن لاءِ بهترين غذا ثابت ٿيو آهي، جنهن ڪري انهن جي تڪڙي واڌ ويجهه ٿي آهي. شايد قدرت مڇي جي شڪل ۾ ڪيترن ئي ساهه وارن کي غذا پهچائي آهي. پاڻي سڪڻ، دٻن ۽ ڍنڍن جو، گڏيل پاڻي کان الڳ ٿيڻ بعد لالچي انسان، ڍنڍن ۽ دٻن ۾، جلد کان جلد، وڌ کان وڌ مڇي مارڻ لاءِ، پاڻي جي انساني آبادين پٺيان ڪاهي پوڻ وانگر، ڪاهي پيا آهن. جتي ڪٿي ننڍا وڏا رڇن، ڪنڍين، ڪڙهين ۽ چادرن جا ڪنارا هٿن سان جهلي، مڇي ماريندي نظر ايندا. سٺي ڳالهه آهي ته واندن کي مصروفيت، بيروزگارن کي روزگار ۽ بکين کي خوراڪ ملي آهي پر ڪافي جاين تي لالچي ماڻهو زهريلين دوائن ۽ ڪيميڪلز جي ذريعي مڇيون ماري، وڪڻي رهيا آهن. جيڪا کائڻ سان نه صرف انسان ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿيندو بلڪه جهنگلي توڙي آبي جيوت به متاثر ٿيندي.
ماڻهن کي غير ماحولياتي ۽ غير صحتمند طريقن سان ماريل مڇي کائڻ کان بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، دٻن جي زهريلي ٿيل پاڻي ۾ بچيل مڇي توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ به ڪي قدم کنيا وڃن. ٻن ٽن سالن تائين پکين خاص ڪري پکين، سهن ۽ ڦاڙهن جي شڪار تي عائد پابندي تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ قانون سازي به ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ متعلقه ادارا ۽ تنظيمون جن هن هيڏي وڏي تباهي ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو آهي سي به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لاءِ ئي کڻي ڪجهه ته اڳتي اچن!

No comments:

Post a Comment