Tuesday, December 18, 2012

ورلڊ سٽيزن - اسحاق مڱريو


ورلڊ سٽيزن
اسحاق مڱريو
هونءَ به پکين کان سواءِ فطري سونهن جي ڪهڙي اهميت آهي. جنهن معاشري ۾ پکيءَ کي اڏامندو نه ڏسبو هجي اهو ڪهڙو معاشرو هوندو! ڍنڍون، ڍورا، درياءَ، نديون، نيون، ماٿريون، پوٺا، گوڇار، تڙڪول، ڏهر، ميدان ۽ واھ به فطري سونهن جو اهم حصو آهن. پر انهن هنڌن ته جيڪڏهن پکي اڏامندو نه ڏسجي، ته اهو ڪيڏو نه عجب منظر چوائيندو. پکيم ۽ جيتن جو پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ-ٻئي تي ڪيڏو هه گهڻو انحصار آهي. چون ٿا ته عار، جيڪا مڪڙ جيترو جيت آهي، ان جي ڊيوٽي ۾ اهو شامل آهي ته اهو جهنگل ۾ جڏهن خطرو محسوس ڪندي، ته چپ ٿي ويندي. مطلب ته عار چين چوڻ واري سيٽي بند ڪئي ته پکين توڙي پوري جهنگلي جيوت لاءِ خطري جو الارم وڄڻ برابر هوندو. جڏهن ته ڪاٺ-ڪٺو وري ڄڻ طوطن جو ملازم بيهاريل هجي. خوبصورت رنگن وارو ڪاٺ-ڪٺو جڏهن ڪنهن وڻ ۾ پنهنجي ڊگهي چنهنب سان سوراخ ڪرڻ شروع ڪندو ته ڌنار چوندا؛ اچي ويو طوطن جو بيهاريل واڍو. اهڙيءَ ريت ڪوئل ٻچا ڄڻڻ لاءِ، ڪانو جي آکيري ۾ پنهنجا بيدا لاهي هلي ويندي، سانوڻيءَ جي وسڪاري جا مزا وٺڻ. پر ويچارو ڪانگ ۽ ڪانگڻ دائپو ڪري ڪوئل جا ٻچا پالي وڏا ڪندا آهن. جڏهن اهي ٻچا وڏا ٿيندا ۽ رنگ مختلف ٿيندا اٿن ته، پوءِ ٺونگا هڻي ٽولي ڇڏيندا. ساڳي ريت جهنگل يا ڪنهن ٻيلي ۾ وري هر هڪ وڻ جو پڻ هڪ ٻئي تي انحصار هوندو آهي.


وڻ وڻ کي ڏسي مقابلي ۾ رڳو قد پڄائڻ ۾ ئي نه، پر انهيءَ جهنگل ۾ سڪل وڻ به پکين لاءِ ايترو ئي اهم آهي جيترو سائو وڻ ھوندو آھي. ڇو ته گھڻا پکي وڻن جي پورن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا ۽ چڳڻ لاءِ وري ٻين ساون وڻن تي وڃن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن جو اهو ڪهڙو نڀاڳو گهر هوندو، جتي پکي نه اڏامندو هجي؟ سنڌ ۾ اهو ڄڻ ته ان دستاويز ۾ لکيل آهي ته پکي پڻ هنن جي کاڌي ۾ گڏيل اسٽيڪ هولڊر آهن. اها پوکي، راهي هجي يا گهر ۾ پچائي ويندڙ ماني هجي، پکي پنهنجو حصو ضرور کڻي ٿو. ڳوٺاڻي سنڌ جي هر گهر ۾ جهرڪي ۽ ڪانو ته ڄڻ هر گهر جا گڏيل ڀاتي هوندا آهن. ڪانو ته وري به پنهنجي همٿ ڪري ٻار هجي يا ڪو ٻڍو، پنهنجي حصو پاڻي کڻي وڃڻ ڄاڻي ٿو.
ٿر جي اسلام ڪوٽ ۾ شري نيڻو رام جي آستاني وانگر گهڻن هنڌن ۽ گهرن ۾، پکين کي پاڻ-مرادو چوڳو ڏيڻ جو رواج آهي. پر جتي پکين کي پاڻهي کاڌو نه ملي ته پکي پنهنجي مڙسي به پاڻ ڪري وٺي ٿو. جنهن ۾ ڪانو جو ته اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون، ته ان ڪم ۾ سڀني کان اڳتي آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ پکين ۽ هارين جي وچ ۾ ٻاجهريءَ ۽ جوئر جي جهار تي لڳندڙ جنگ به، وڏي دلچسپ هوندي آهي. وھيو ۽ ٻوڙي، اهڙا پرڏيهي پکي آهن، جيڪي جنهن مهل جهار ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو حصو کڻڻ لاءِ هزارين ميلن جو سفر ڪري پهچن ٿا، ته بک ۾ ڇتا ٿيل هوندا آهن. ان ڪري انهن لاءِ، هاريءَ کي بالڪل پنهنجي الڳ حڪمت عملي جوڙڻي پوي ٿي. پيهي تي ويٺل هاري چوندو؛ اهي اهڙا ته ڪاري بک مان آيل جابلو پکي آهن، جو مرندا مري ويندا، پر حرام آ جو فصل تان اٿن. هوڏانهن ”هلا ٻوڙي!“ وارا هوڪريا پيا پوندا. پر ساڳئي انهيءَ وهيي پکيءَ سان سنڌ ۾ ايڏو ته پيار ڪيو وڃي ٿو جو، ان تي لوڪ گيت پڻ چيل آهي؛ ”هور وهيو ڙي هور، هور ته منهنجي ڀائرن جو.“
هوڏانهن دلچسپ جهار وري باغن جي هوندي آهي، جتي کانڀاڻي کنيل هاري باغن ۾ هڪل ڪري چوندو؛ ”هو ٻلو.“ پوءِ کانڀاڻيءَ جو، باغ جي وڻن ۾ ٺڪاءُ، دير تائين پيو ٻرندو. پر باغن ۾ بربليون، طوطا، ڪانو، ڪٻريون ۽ هيڙھا، کانڀاڻيءَ جي اهڙن سمورن ٺڪاون جي باوجود، پنهنجو حصو کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. پکي اهڙو ساهوارو آهي، جنهن کي پنهنجي کاڌي لاءِ روزاني چوڳو چڳڻو هوندو آهي. هو انسان وانگر، پرائو مال ميڙي اسٽور ڪرڻ کان بچيل آهي. ان ڪري سج جي ڪرڻن سان گڏ، پکي فطري سونهن وارن کي، صبح جي تازي تواني سوجهري ۾ پکين جون سريلي ڌن واريون ٻوليون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن. ان ڪري پکين کي، ان لاءِ اهو ڪم پهرين ترجيح طور هر صورت ۾ روزاني ڪرڻو هوندو آهي.
جن پکين کي جهنگلي جيوت کاتي جي ٻوليءَ ۾ مائيگريٽي برڊس (ڪيترن ئي ملڪن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ پکي) چئجي ٿو. اهي سمورا پکي اصل ۾ ورلڊ سٽيزن آهن. اهو ئي سبب آهي جو مائيگريٽري برڊس اصل ۾ ڪنهن به هڪ ملڪ جا رهواسي پکي نه آهي. پر اهي پکي، هڪ ئي وقت سڄي دنيا جا گڏيل رهواسي آهن. اهو ئي سبب آهي، انهن پکين کي عالمي سطع تي ڪنهن هڪ ملڪ جو ورثو نه پر، گڏيل اثاثو قرار ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ ريت، اتر قطب ۽ دنيا جي ٻين ٿڌن ملڪن ۾ رهندڙ پکي، سياري وارن ڏينهن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا وارن گرم ملڪن ۾ سيارو گذارڻ لاءِ وڃن ٿا. سنڌ ۾ اهڙن سمورن پکين لاءِ اهڙو سٻنڌ موجود آهي جو ڪنهن به لمحي لاءِ انهن پکين کي پرڏيهي ڪري نه سمجهيو ويندو آهي. ڪونج ۽ وهيو پکي جو واضح مثال آهي. اصل ۾ ڪونج، اتر قطب جي سائبيريا ۽ ٻين برفاني ملڪن جو پکي آهي. پر، سنڌ ۾ ان پکيءَ بابت جيترو ڪلاسيڪل شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين ۾ ذڪر ڪيل آهي، ان کي ٻڌي لڳي ٿو؛ ڄڻ هي پکي پرڏيهي ته آهي ئي ڪو نه پر هميشه هتي رهيو آهي، هتان جو آهي. ان ڪري ڪير اهو چئي سگهي ٿو ته ڪونج اسان جو پنهنجو پکي نه آهي؟ سنڌ ۾ ڪئين ماڻهو آهن جو ڪونج پنهنجي نياڻين جو نالو رکندا آهن. مونکي خبر ناهي ته سائيبيريا ۽ ٻين برفاني ملڪن ۾ به ان کي ايتري پذيرائي حاصل هوندي؟ سنڌ جي شاعري ۾ ڪونج پکيءَ جي ڊگهي ڳچيءَ جون تشبيهون ڏنل هونديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو لاڙ پٽ ۾ شاھ جي شاعريءَ جو ڪردار، جيڪو جهنگلي جيوت دوست بڊاماڻي پنرو، جڏهن ملڪ تي حملو ڪندڙ ڪن حملي آورن جي هٿان فوت ٿي ويو هو ته ان تي لطيف سائين پکين کي مخاطب ٿي ايئن چئي مٿس افسوس جو اظهار ڪيو هو:
چيتاري چئيج، بڊاماڻيءَ بٺ تي.
يا وري
سر ۾ پکي هيڪڙو پاريھڙي پنجاه،
سندي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾.
پرڏيهي پکين بابت پرڏيھ جا ڊگها سفر ڪندڙ الطاف شيخ، پورو ڪتاب لکي ورتو آهي. جنهن ۾ انهن پکين بابت ڪيل گهڻ-پاسائين تحقيق ڏنل آهي. اهڙا پکين جا ماهر چون ٿا ته لڏ پلاڻ ڪندڙ پکي، هر سال ساڳين رستن تان سفر ڪري اچن ٿا. هو گهڻو ڪري جبلن جي قطارن، سامونڊي ڪنارن، درياهي لنگهن مٿان گذري پنهنجي ماڳ تي پهچن ٿا. پکين کي اهو گس ورثي ۾ ملي ٿو. ڪنهن حد تائين هو پنهنجن وڏن کان سکن ٿا. چون ٿا ته ڪيترن پکين جي وڃڻ جا رستا هڪڙا ۽ موٽڻ جا ٻيا هوندا آهن. لڏ پلاڻ ڪندڙ هيءُ پکي، هميشه ولر ۾ اڏامن ٿا. وڏا پکي V جي شڪل ۾ اڏامن ٿا. پکين متعلق جانچ ڪندڙ ادارن ذريعي، اڪيلي پکي ۽ ولر ۾ اڏامندڙ پکي جي رفتار معلوم ڪئي وئي آهي. جن موجب ولر سان اڏامندڙ پکيءَ جي رفتار ۵ ڪلوميٽر في ڪلاڪ وڌيڪ رهي ٿي. پکين جو اهو سڄو سفر مختلف رهي ٿو. هي پکي وڏي اوچائي تان اڏامن ٿا. ڪاز قسم جو هڪ پکي ۱۶ هزار ۴ سؤ فوٽن جي بلندي تان هماليا جبلن جي چوٽين تان ٽپي ٿو. عام طور تي پکي ۵۰۰ فوٽن کان ۲۰۰۰ فوٽن جي وچ واري بلنديءَ تان سفر ڪن ٿا. پکي خراب موسم جي صورت ۾، ڪڏهين هيٺانئين تي ته وري ڪڏهين مٿانئين تي سفر ڪن ٿا. چون ٿا؛ جيڪي آبي پکي آهن، اهي خشڪي گهٽ ۽ گهڻو ڪري سمنڊ جي ڪناري سان گڏ گڏ سفر ڪن ٿا. پر جيڪي خشڪيءَ وارا پکي آهن جن ۾ ڪونج پڻ اچي وڃي ٿي، اهي سائبيريا، ازبڪستان پاسي کان ٽپندي سنڌو درياءَ مٿان اڏامي پنهنجي منزل تي پهچن ٿا. لڏ پلاڻ ڪندڙ انهن پکين جو به وڏو ڪمال آهي ته هو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين دنيا جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اوٽ موٽ جو سفر ڪن ٿا. هي لڏ پلاڻ ڪندڙ پکي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ۾ ڪيڏي نه وڏي جدوجهد ڪن ٿا. هنن پکين کي وڏن شڪارين کان پنهنجو پاڻ بچائڻو آهي ۽ موسم جي گهٽ وڌائين باوجود پنهنجي منزل تي پهچڻو آهي. چون ٿا ته؛ پکين کي سنگهڻ ۽ ٻڌڻ جي وڏي صلاحيت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو، سوين ميل اڳ ۾ خراب موسم بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا آهن.
مائيگريٽري پکين بابت تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هنن پکين جي هجرت جا رستا مقرر ٿيل آهن. پکين جا اهي سفر حيرت انگيز آهن. هي پکي پنهنجي سفر ۾ علم فلڪيات، جاگرافي، نيويگيشن ۽ موسم جي ڄاڻ کان علاوه همٿ، عزم ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اڏامڻ جو جذبو رکندڙ هوندا آهن. ان ڪري لطيف سائين انهن بابت ئي چيو آهي:
”وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهئا ميٺ گهڻو.“

No comments:

Post a Comment