Sunday, December 16, 2012

کپرو ٻيلو - نواز ڪنڀر


کپرو ٻيلو
آبهوا جي تبديلي، ڪرپشن، قبضا ۽ تباهي ڪناري پهتل
نواز ڪنڀر
سڄي دنيا بدليل آبهوا جي ڪري ماحولياتي تبديلين جي ور چڙهيل آهي. جتي ڪٿي ماحول بابت هاءِ گهوڙا لڳي پئي آهي پر اسان وٽ سسٽم ئي ابتو آهي. دنيا سڄي ٻيلن کي بچائڻ ۽ وڌائڻ ۾ رڌل آهي پر اسان ٻيلن جو، ٻيڙو ٻوڙڻ، انهن تي قبضا ڪري ۽ ڪيٽيون ٺاهڻ ۾ پورا آهيون. سڄي سنڌ ۾ جتي هر طرح جي لٽ مار جو بازار گرم آهي، اتي ٻيلا به ان کان آجا ناهن رهيا. سرڪاري ۽ پرايو مال ڦٻائڻ تي هريل اکين ۾ ٻيلا، ڪنڊو بڻجي پيا آهن.اهڙن ٻيلن  ۾ سانگهڙ ضلعي جوکپري وارو قديم، تاريخي، مشهور ۽ منفرد ٻيلو به شامل آهي. جيڪو هن وقت يوڪلپٽس جي حوالي سان ملڪ جو سڀ کان وڏو نه، ته به وڏن ٻيلن منجهان هڪ ضرور آهي.


هن ٻيلي تي قبضن جي ڪهاڻي به انساني لالچ ۽ هٻڇ جي تاريخ وانگر ڪافي پراڻي ۽ ڏکوئيندڙ آهي. ماحولياتي تحفظ هيٺ هڪ آرگنائيزيشن پاران ٻيلي کاتي خلاف داخل ڪيل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلن جون سڀئي ليزون پنهنجي حڪم تحت رد ڪري چڪي آهي. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري پاران به اهڙو ليٽر جاري ٿي چڪو آهي. پر بااثر قبضي گير، ٻيلي کاتي جي ننڍن وڏن عملدارن جي آشيرواد، ملي ڀڳت ۽ حصي پتي سبب قبضو ڇڏڻ ۽ حڪم مڃڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهن. مذڪوره فيصلي تحت کپري ٻيلي جي 2375 ايڪڙ ليز رد ٿي آهي پر قبضو اڃان به ٻيلي کاتي کي نه ملڻ جا اطلاع آهن.  ليز جو به هڪ مقرر ۽ طئه شده طريقي ڪار آهي. جنهن مطابق ٻيلي جي بغير وڻن واري ڦٽل، غير آباد، ڪلراٺي، کڏن کامن،  ڀٽن ۽ دڙن واري خراب زمين، ڪنهن آبادگار کي، ربيع کان خريف تائين، هڪ سال لاءِ، زمين ٺاهڻ ۽ آباد ڪرڻ جي لائق بنائڻ لاءِ ڏبي آهي، ته جيئن سال کان پوءِ ٻيلو کاتو ان زمين تي وڻ لڳائي سگهي. اهڙي ڦٽل زمين ليز تي ڏيڻ کان اڳ DFO پاران RFO کي رپورٽ ڏبي آهي. پوءِ ليز وٺندڙ آبادگار پاران مقرر سرڪاري في جو چالان پياربو آهي. ان بعد ان زمين جو سينڪشن آرڊر نڪرندو آهي. يڪ ساله ليز جيڪا عورتن لاءِ آهي، ان ۾ اهڙين عورتن کي اها زمين ليز تي ملڻي آهي، جيڪي غريب،بيواه، ليز واري ديهه جون رهائشي هجن ۽ ليز واري زمين سندن مهاڳي ۾ هجي. پر ٿيو ڇا آهي؟ اهو هرڪو ڏسي ۽ سمجهي ٿو. هن ٻيلي جي ڪجهه چوڪڙين جو ئي شايد سينڪشن آرڊر نڪتل هجي. باقي جو ته چالان پيارڻ جي به زحمت ٿيل ناهي. سنئين سڌي انڪروچمينٽ ۽ قبضو آهي. هتي هڪ سال ته ڇڏيو پر هاڻ هڪ ساله ليز کي پنجن ۽ پندرهن سالن تائين وڌائڻ لاءِ هلندڙ مڪ مڪاءُ جون ڳالهيون ڪامياب پڄاڻيءَ تي پهچڻ واريون آهن. اتي اهڙيون چوڪڙيون به ليز تي ڏنيون ويون آهن، جيڪي نه صرف آباد هيون پر انهن تي ڪيترا ئي وڻ بيٺل هئا. جن کي قبضي گيرن مشينن، ڪرينن ۽ بلڊوزرن سان وڍي ۽ پاڙان ڪڍي، ٽريڪٽرن ٽرالين ۽ ٽرڪن ۾ ڀري وڪڻي، ننڍ وڏائي موجب، حصا پتي ڪيا. هن ٻيلي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڀرڻ جو غير قانوني ريٽ 30 هزار روپيه کن ٻڌايو وڃي ٿو. هڪ ٽرالي ۾ 300 کن مڻ ڪاٺ اچي ٿو. مارڪيٽ ۾ مڪس ڪاٺ جو اگهه 250 روپيه کان 300 روپيه في مڻ آهي. ان حساب سان ڏسجي ته هن ٻيلي مان ڪروڙن جو ڪاٺ، غير قانوني طرح، حصا پتي ڪري روزانو ڪڍيو پيو وڃي.  (ٻيلي کاتي جي هڪ چوڪڙي ۾ عام طور 40 ايڪڙ هوندا آهن پر ڪٿي چوڪڙي 40 کان 50 ايڪڙن تائين به هجي ٿي) ٻيلي کاتي جي قانون موجب، ٻيلي جي زمين مان غير قانوني طرح وڻ وڍڻ جو ڏنڊ في فوٽ جي حساب سان ورتو ويندو آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪاٺ جي ٿولهه هڪ فوٽ آهي ته ان تي 1000 هزار روپيه ڪاٺ جي قيمت جا ۽ 1000 هزار روپيه ڏنڊ جا ورتا ويندا آهن پر هتان ته انهيءَ قانون کي به لڏي ۽ منهن ڪري وئي کي وقت ٿيو آهي. ٻيلن جون چوڪڙين جون چوڪڙيون الاٽ ۽ ليز ٿي، وڍجي وڪامجي ويون، ڪو داد ٿيو نه فرياد! ٻيلي جي چوڌاري توڙي هر بلاڪ ۾ وڍيل وڻ وٺڻ جا ٽال  ۽ ڪانٽا موجود آهن. جتي سڄو ڏينهن غير قانوني طرح وڍيل ڪاٺ ڪانٽن تي تري ۽ وڪامي ٿو. جيڪو هر ايندڙ ويندڙ کي نظر اچي ٿو پر الائي ڇو ٻيلي کاتي جي وزير کان وٺي ننڍن وڏن آفيسرن کي نظر نه ٿو اچي!!! نه صرف ايترو پر قانون موجب ليز تي ڏنل زمين تي، آبادگار گهر ٺاهي رهي نه ٿو سگهي پر هتي ليز واري زمين تي پڪا گهر به ٺهي چڪا آهن ته ڪوٽ به اڏجي چڪا آهن. ان مان قبضي گيرن جي نيت ۽ ارادن جو اندازو آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. بااثر ماڻهن روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري، ليز وارين سرڪاري زمينن جا ڪاغذ ۽ کاتا به پنهنجي نالي ٺهرائي ۽ ڪرائي ڇڏيا آهن. هن ٻيلي ۾ اهڙيون زمينون به ليز ٿي چڪيون آهن جن تي اڳ ۾ ئي ڪيس هلندڙ هئا. جن ۾ سرن واري 1 ۽ 2، مورهڏي،کوڙي ۽ ڀوپي وغيره واريون زمينون شامل آهن.
کپري ٻيلي تي قبضي ٿيڻ، گاهه ٻوٽا ۽ وڻ وڍجڻ بعد جتي، آبهوا ۽ ماحول تي اثر پيو آهي، اتي ناري جي ڀرپاسي جو جر، جيڪو اڳ ۾ 10/8 فٽن تي هو، سو هاڻي لپي تي اچي بيٺو آهي ۽ سم ڪلر به وڌيو آهي. ٻيلو ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار ۽ چوپائي مال جي چاري جو ذريعو هو پر هاڻ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. وسيلا مخصوص ماڻهن جي هٿ ۾ اچڻ ڪري، غربت ۽ غريبن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي.  هتي ٿيل رڪارڊ ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڪهاڻين منجهان هڪ ڪهاڻي اها به ٻڌائي وڃي ٿي ته 2 سال کن اڳ ۾ آيل ميگا پروجيڪٽ واري اسڪيم تحت هن ٻيلي جي حصي ۾ ڪروڙين روپيه آيا. جن ۾ نم پوکڻ واري اسڪيم به هئي ته ٿر ۾ وڻ لڳائڻ ۽ ٻٻر پوکڻ واري اسڪيم به. سرن واري، کوڙي، ککرو ۽ نياڻ بلاڪن ۾ انهن اسڪيمن تحت وڻ لڳايا ويا، جيڪي ڪافي وڏا به ٿي ويا پر هن سال اهي زمينون به ناجائز طريقي سان ليز جي نالي تي، قبضا گيرن کي ڏنيون ويون. جتي هينئر پوکي ٿيل آهي.
هتي جا ماڻهو چون ٿا ته اسان هن ٻيلي ۾ ٿيندڙ اڇي ڪاري بابت مختلف آفيسرن ڏانهن، ڪيتريون ئي درخواستون لکي چڪا آهيون. فيڪس، فون ۽ ٽيلي گرام به ڪري چڪا آهيون پر خبر ناهي ڇو ڪو به کڙتيل نٿو نڪري! هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ به دريا جا ڪچا خالي ڪرائڻ ۽ ٻيلا بحال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. سنڌ هائي ڪورٽ به ٻيلن جون ڏنل ليزون ختم ڪرڻ جو آرڊر ڪري چڪي آهي ته توقع ڪري سگهجي ٿي ته هاڻ هتان به سياسي مفاهمت سان گڏ آفيسرن، ماتحتن ۽ قبضا گيرن جي پاڻ ۾ ٿيل مفاهمت جو به خاتمو ايندو ۽ هن ٻيلي جي ماضي جا اوج وارا ڏينهن موٽي ايندا!

No comments:

Post a Comment