Sunday, December 16, 2012

اعزازي گيم وارڊن - نواز ڪنڀر


اعزازي گيم وارڊن
جهنگلي جيوت جو تحفظ ۽ مفاهمتي پاليسي
نواز ڪنڀر
ملڪ ۾ اڄ ڪلهه مفاهمتي راڄ آهي. هر سياسي پارٽي، ليڊر کان وٺي هر گهربل ماڻهوءَ سان، هر گهربل ڪم، ڳالهه، اهم پوسٽن ۽ نوڪرين جي معاملي تي به مفاهمت جاري آهي. ضلعي سطح تي به جن جن ضلعن ۾، حڪمران پارٽي جي اتحادي پارٽين جون جيتريون سيٽون يا ووٽ بينڪ آهي، انهن کي به ان حساب سان حصو پتي ڏيئي، ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ٿوري گهڻي ”ناچاڪي“ جي صورت ۾ وڏا وچ ۾ پئجيو وڃن ۽ جمهوريت جي گاڏي وري پٽڙيءَ تي چڙهيو پنهنجي رفتار سان، ايندڙ اليڪشني اسٽيشن ڏانهن روان دوان آهي، پر اهي مفاهمتون رڳو انسانن لاءِ ئي آهن. جهنگلي جيوت، جمهوريت جي انهيءَ ثمر کان محروم آهي. بلڪه انهي مفاهمت جي عمل سان ڪن جاين تي ته جهنگلي جيوت سخت متاثر ٿي رهي آهي.


مختلف ضلعن ۾ حڪومت پاران جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ بچاءُ لاءِ اعزازي گيم وارڊن به مفاهمت تحت ئي مقرر ٿيل آهن پر گهڻي ڀاڱي اهي ماڻهو غير واسطيدار، بي اثر ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي احساس ۽ صلاحيت کان عاري آهن. (اهل اقليت کان معذرت). ڪٿي وري اهي پاڻ مفاهمتي پاليسيءَ اڳيان بيوس بڻجي پاڻ ئي مفاهمت جو شڪار ٿي ويا آهن. انهن مان ڪي جيڪڏهن ڪنهن کي غيرقانوني شڪار ڪندي غلطيءُ سان يا همت ڪري پڪڙي به وجهن ٿا ته چند ئي گهڙين ۾ کين مفاهمتي موبائل فون اچڻ تي، پڪڙيل کي پنهنجا تعلقات خراب ڪري، ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏڻو پئجيو وڃي.
موجوده حالتن ۾ خود لفظ ”گيم وارڊن“ به انتهائي نامناسب ۽ غير سنجيده لفظ بڻجي چڪو آهي. جڏهن آهي ئي ”گيم“ ته پوءِ ڳالهه ئي ختم ٿيو وڃي! جيتوڻيڪ جو هر گيم وانگر هن گيم جا به ڪي قاعده ۽ قانون ٺاهيل آهن پر آهي ته وري به گيم ئي! خير اهو هڪ الڳ موضوع آهي، ان تي بحث وري ڪنهن ٻئي ڀيري، ڳالهه پئي هلي مفاهمتي پاليسي تحت مقرر ٿيل اعزازي گيم وارڊن جي. مطلب ته کين مفاهمت شڪارين جي مفادن جي حوالي سان ڪرڻي پوي ٿي. بي زبان جهنگلي جيوت، جنهن جي تحفظ لاءِ کين مقرر ڪيو وڃي ٿو، انهن جي مفادن وٽان، اڪثر اعزازي گيم وارڊن چاهڻ جي باوجود به ڪجهه نٿا ڪري سگهن ۽ با اثر شڪارين اڳيان بيوس بڻجيو وڃن! سچا پچا، جهنگلي جيوت جو تحفظ ڪندڙ ۽ اعزازي گيم وارڊن چورائڻ جي لائق گيم وارڊن اٽي ۾ لوڻ برابر ئي آهن. اعزازي گيم وارڊن واري پوسٽ به هاڻي ائين ٿي چڪي آهي، جيئن ڪجهه سال اڳ تائين جنهن ماڻهو کي ٻي ڪا نوڪري نه ملندي هئي يا کيس بغير نوڪريءَ جي پگهار کڻڻي هوندي هئي ته هو ماستر يا پوليس وارو ٿي ويندو هو. اهڙي نموني هاڻ آبادي وڌڻ بعد جڏهن اهم سياسي پوسٽون ۽ عهدا ڀرجيو وڃن ۽ باقي ٻيو ڪجهه نه بچي ته ڪنهن پنهنجي کي نوازڻ لاءِ ان کي اعزازي گيم وارڊن بڻايو ويندو آهي ۽ پوءِ اهڙو ماڻهو، جيڪو ڪجهه جهنگلي جيوت سان ڪري ٿو يا ڪرائي ٿو، اهو سڀني اڳيان آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ جهنگلي جيوت جي حوالي سان، مفاهمتي پاليسي تي فوري طور نظرثاني ڪري، شڪار ڪرڻ جي اڻ سڌي طرح ڪوٽا مقرر ڪرڻ بجاءِ، شڪار کي روڪڻ ۽ جهنگلي جيوت جي بچاءُ جي واضح پاليسي جوڙي وڃي. غيرقانوني شڪار ڪندڙ شڪارين کي بغير ڪنهن پارٽي بازي جي، پڪڙي سخت سزا ڏني وڃي. بلڪه اعزازي گيم وارڊن مقرر ڪرڻ وقت پاليسي جي اصل روح تي عمل ڪندي، ان پوسٽ تي غير واسطيدار يا نا اهل ماڻهن کي مقرر ڪرڻ بجاءِ اهڙا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ نالي وارا ۽ با اثر اڳوڻا شڪاري مقرر ڪيا وڃن، جن کي شڪار جي اخلاقيات ۽ شڪار جي قاعدن قانونن بابت مڪمل ڄاڻ هجي. ڪهڙي علائقي ۾، ڪهڙي جهنگلي جيوت جي جُو آهي ۽ ان کي ڪهڙن ماڻهن مان ڪهڙو خطرو آهي، ان بابت کين مڪمل آگاهي هجي. هو ايترو ته طاقتور ۽ با اثر هجي جو هن جي موجودگي ۾ هرو ڀرو ڪو غيرقانوني شڪار ڪري ئي نه سگهي. جي غلطي ڪري به وجهي ته ان جي سزا به ڀوڳي. پوءِ چاهي هو ملڪي با اثر شڪاري هجي يا غير ملڪي شڪاري. اهڙا ماڻهو هر ان ضلعي ۾ ملي سگهن ٿا، جتي ڪنهن به قسم جو شڪار موجود آهي.
ضلعو سانگهڙ، جيڪو سنڌ ۾ مختلف قسمن جي شڪار جي حوالي سان تمام اهم ضلعو سمجهيو وڃي ٿو، جتي هرڻن، ڦاڙهن، سهن، تترن، تلورن، بازن، طوطن، ڪمين، واڳن ۽ سوئرن جي شڪار کان علاوه هر قسم جي آبي جيوت جو شڪار به تمام گهڻو ڪيو وڃي ٿو. ان ضلعي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاران جهنگلي جيوت جي تحفظ بابت ڏنل سوچ ۽ پاليسي تحت، سندن وقت جي مثالي اعزازي گيم وارڊن ڪريم داد جوڻيجي کان پوءِ موجوده وقت ۾ جي ڪنهن جهنگلي جيوت جي بچاءُ، وڌاءُ ۽ تحفظ جي حوالي سان نالو ڪڍيو ۽ پاڻ مڃايو ته اهو خليفو، ايم.پي.اي، رئيس علي غلام نظاماڻي آهي. جنهن نه صرف ملڪي سطح جي تمام وڏن شڪارين کي روڪيو، بلڪه هن غير ملڪي با اثر شڪارين کي به سانگهڙ جي ٿاڻي ۾ بند ڪرائي، وڏين وڏين سفارشن باوجود انهن کان ڏنڊ وٺي ڇڏيو. سندن وقت ۾ غيرقانوني شڪارين کي مليل سزائون ۽ وڌل ڏنڊ جو رڪارڊ اڄ به شڪار کاتي جي آفيس ۾ موجود هوندو. سندس وقت ۾ ضلعي ۾ مختلف جانورن ۽ پکين جو تعداد محسوس ٿيڻ جي حد تائين وڌي ويو هو. خليفي علي غلام نظاماڻي پاران جهنگلي جيوت جي تحفظ خاطر پراون توڙي پنهنجن تي ڪيل سختين، شڪار کان منع ڪرڻ جي ڪري خراب ڪيل پنهنجن تعلقاتن ۽ ناراض ڪيل ووٽرن جا قصا ڪو به ماڻهو، ضلعي جي شڪارين کان ٻڌي ۽ پڇي سگهي ٿو. افسوس جو مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪندي، اهڙن ماڻهن کي اعزازي گيم وارڊن مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪي غير ملڪي شڪارين کي ته ڇا روڪيندا، اهي تي غير ملڪين جي خيمن ۾ انهن جي بورچين ۽ ڊرائيورن سان وقت گذارڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
سنڌ جا ڪجهه اهڙا ضلعا به آهن، جتي شڪار ته گهٽ آهي پر ٻين ضلعن جا شڪاري، ڪيل شڪار انهن ضلعن مان کڻي ٻئي پاسي وڃن ٿا. اهڙن ضلعن ۾ هڪ اهم ۽ مثالي درجو رکندڙ ضلعو ميرپور خاص به شامل آهي، جتان ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ غيرقانوني طرح ڪيل شڪار يا خريد ڪيل، هرڻ ۽ مور جا ٻچا/ بيضا، آسانيءَ سان ٻئي پاسي منتقل ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري اسان جي صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي گذارش آهي ته، جهنگلي جيوت جي حوالي سان مفاهمتي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. جهنگلي جيوت جي حوالي سان، شڪار ڪرڻ بجاءِ شڪار روڪڻ ۽ ان کي تحفظ ڏيڻ واري مفاهمتي پاليسي جوڙي وڃي. شڪارين کي تحفظ ڏيڻ/ ڏيارڻ بجاءِ شڪار کي تحفظ ڏيارڻ جي پاليسي ٺاهي وڃي، ته جيئن جهنگلي جيوت کي بچائي سگهجي، جنهن سان مستقبل ۾ ملڪي معيشت کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment