Thursday, December 20, 2012

ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر - خالد ڪنڀار

ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر!
خالد ڪنڀار
خفتي ته خفتي آهي، انهن جي نگاھ ئي ڪتي جي حرڪتن تي هوندي آهي. سو خفتين جو اهو خيال آهي ته هلندي ويڙھ ۾ ڪتو ٻڌائي ڇڏيندو آھي ۽ ھلندي ويڙھ ۾ ئي خفتي سمجهي ويندو آهي ته هن جو ڪتو ويڙھ ھارائي رھيو آھي. ھلندي ويڙھ ۾ ڪتو پنهنجو مٿي ٿيل پڇ آهستي آهستي هيٺ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. خفتي، انهيءَ ڪتي جي پڇ هيٺ ڪرڻ مان ئي سمجهي ويندو آهي. هائو ٻيلي هاڻ ڪتي ۾ جهلو ڪونهي. آءِ ڪ آءِ ڪتو هارائي ئي هارائي. خفتين جو خيال آهي ته؛ وڙهڻ مهل ڪتي جو پڇ مٿي هجڻ کپي. ڀاڙئي ڪتي جي نشاني ئي اها آهي ته هو ويڙھ ۾ لهندي ئي، پڇ ٻنهي ٽنگين جي وچان هڻندو آهي. ٻي نشاني ڪتو هلندي ويڙھ ۾ ڏندي ڏيندو. ڪتي ڏندي ڏني يا رڳو ڀونڪيو ته امين چوندو؛ جهليو. بس امين انهيءَ ڪتي جي هارائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو. بس ڪتي جي هار جيت جو فيصلو ڪتي جي ڏندي ڏيڻ تي آهي. هڪڙي دفعي ميل ۾ ڪتو هارائي ويو ته خفتي انهيءَ کي وري ڪڏهن ميل ۾ ڪو نه لاهيندو. انهيءَ هارايل ڪتي تي خفتي مرندي مري وڃي پر ڀروسو ڪو نه ڪندو. هارايل ڪتو عادي ٿي ويندو آهي. هو ڪڏهن به ميل مان ڀڄي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏندي نٿو ڏي پر بي ستو ٿي ڪري ٿو پوي ته امين ڪيرائيندڙ ڪتي کي پرتي ڪندو آهي. انهيءَ دوران جي بي ستو ٿي ڪريل ڪتو وري ست ساري انهيءَ ڪتي سان وڙهڻ اچي ٿو ته وري ويڙھ شروع ٿي ويندي. هونئن چون ٿا ته؛ ڏندي ڏيڻ بنا، ڪتو بي ستو ٿي ڪري ٿو. انهيءَ ۾ ڪتي جو ڏوھ ناهي، ڌڻيءَ جو ڏوه آهي. هن ڪتي جي چاڪري ناهي ڪئي.


هلندي ويڙھ ۾ ئي، ڀلي ۽ اڀري ڪتي جي، نشاندهي ٿيندي آهي. ڀلي ڪتي جي نشاني آهي ته هو اڳئين ڪتي جي اڳئين پير جي نري وٺندو يعني سامهين ڪتي جي اڳين ٽنگ جي نري ۾ چڪ هڻندو. اڳئين ٽنگ واري نري ئي ڪتي جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي. هن جو ٻيو نشانو ڪتي جي بين هجي ٿي. معنيٰ منهن ۽ نڪ واري جڳھ ۾ چڪ هجيس ۽ ٽيون ۽ آخري نشانو، چڪ ڇڏڻ جي ٽائيم تي پنهنجي ڇاتي سامهين ڪتي کي زور سان هڻي. انهيءَ ڇاتي زور سان هڻڻ تي، سامهون ڪتو اڀرو هوندو ته ڪري به سگهي ٿو. سامهين ڪتي جي نڪ مان رت به اچي سگهي ٿي. لازمي ڪونهي، ڇاتي هڻڻ وارو ڪتو ئي سامهين ڪتي کي ڪمزور ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامهون ڪتو سگهو هوندو آهي ته ڇاتي هڻڻ وارو ڪتو به ڪمزور ٿي سگهي ٿو. ويڙھ جو ڀلو ڪتو، چڪ جو سچو هوندو آهي. هڪڙو بند چڪ، اڌ اڌ ڪلاڪ به، ڀلو ڪتو هڻي ويندو آهي. بس هوشيار ڪتو، فقط پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪتو وڙهي نڪتو ته هن کي نڪو ٻه ڪلاڪ پاڻي پياريندا آهن. نڪو ٻه ڪلاڪ جسم تي پاڻي هڻندا آهن.
ويڙھ جو ڪتو پنهنجي ڌڻيءَ جو آواز ست ڪوھ تي به سڃاڻي ويندو ۽ ها اهو آواز ٻارنهن مهينا رکي ٻڌي پوءِ به سڃاڻي ويندو. ڪتو سڄو وڙهندو ئي ڌڻيءَ جي بڇ تي آهي. ڌڻيءَ جي آواز کان سواءِ ڪير به بڇ ڪري، ڪتو ڪو نه وڙهندو. هلندي ويڙھ ۾، ڌڻي ڪتي جي اکين اڳيان ئي اڳيان هوندو آهي. ٻڌي ڇوڙيءَ وارو ڌڻي، بڇ تي بس بيٺل هجي. ڪتي جي ويڙھ ۾ وڏا دوکا به ٿيندا آهن. اڪثر ڪري ڪتي جي جسم تي دوکي لاءِ ليمي جو رس ۽ کٽي ٽاٽري هڻي ڇڏيندا آهن. جسم کٽو هجڻ جي ڪري، ڪتو چڪ ناهي هڻندو. انهيءَ ڪري ميل پهچڻ کانپوءِ، خفتي هڪ ٻئي جي ڪتي کي وهنجاريندا آهن. ميل ۾ لهڻ کان اڳ ۾، هو هِن جي ڪتي کي ۽ هي هُن جي ڪتي کي وهنجاريندو آهي. ويڙھ واري ڪتي کي، خفتين جو خيال آهي ته؛ هڪل، لعنت يا بجو ڪو نه ڏبو. جي ويڙھ واري ڪتي کي ڪنهن بجو ڏنو ته هو اوڪراڙا ڪرڻ شروع ڪندو. انهيءَ لاءِ وري ڪارڻ اهو آهي جو کير يا پاڻيءَ ۾ لوھ جو ڪٽ وجهي پياريو ويندو ته هو سهي ٿي ويندو. پاليل ڪتو ڪير به وٺي وڃي. ڪٿي به وٺي وڃي. ويڇي ملي ته هو ڌڻيءَ وٽ ضرور ايندو. ڌڻي وٽ نه پهتو ته منهن ڪري ڪيڏانهن به ويندو هليو. پر ويڙھ ۾ لاهڻ کان اڳ ۾، باقائدي ڪتي تي محنت ٿيندي آهي. ڪتي کي مها پتائي گجر اٻاري، کارائي ويندي آهي. پر ويڙھ وارو ڪتو، کير به پيئندو آهي. گرمين جي موسم ۾، ڪتي کي خفتي پنهنجي هٿن سان روز وهنجاريندا به آهن. انهن خفتين کي، ڪتي سان ايتري ته محبت هوندي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ته ڪتو وهنجاري، بنا هٿ ڌوئڻ جي، اچي ماني به کائيندا آهن. ڪتي کي ڇھ ڇھ ست ست ميل ڊوڙائيندا به آهن. هاڻ ته موٽر سائيل نڪتا آهن پر اڳي گهوڙي جي پٺيان ڊوڙائيندا هئا. گهوڙي جو سوار ڪتي جي سنگهر هٿ ۾ جهلي، گهوڙي کي ڊوڙائيندو هو. پٺيان ڪتو ڊوڙندو ايندو آھي. هاڻ وري وقت ڦريو آهي ته اها ڪتي واري سنگهر، موٽر سائيڪل تي ٻه ماڻهو ويهندا آهن اڳيون موٽر سائيڪل هلائيندو آهي ۽ پٺيان ويٺل همراھ ڪتي جي سنگهر جهليندو آهي. اهو سفر روز وڌندي وڌندي ڇھ ست ميل تائين پهچندو آهي. ائين موٽر سائيڪل جي پٺيان ڊوڙڻ سان، ڪتي جا پير زخمي ٿي پوندا آهن. خفتي انهيءَ جي لاءِ ڇا ڪندا آهن جو ٻٻر جو ڇوڏو لاهي، گرم ڪري، انهيءَ سان اهي پير ڌورائيندا آهن ته اهو پيرن جو سور ئي لهي ويندو آهي. ٻيو وري ڇا ڪندا آهن جو ڪتي کي شاخ يا واٽر جي پاڻي ۾ لاهيندا آهن، سنگهر هٿ ۾ هوندي آهي. بس واٽر يا شاخ ۾ پاڻي ايترو هجي جو ڪتي جا پير هيٺ نه لڳن. انهيءَ سان ڪتي جو دم پڪو ٿيندو آهي. ڇو جو هونئن اڪثر ڪري ڪتو زبان ٻاهر ڪڍي وات سان ساھ کڻندو آهي. پر واٽر يا شاخ جي پاڻي ۾، ڪتو وات جي بدران نڪ سان، ساھ کڻندو آهي. انهي سان ڪتي جي چڪ هڻڻ جي ساهي وڌي ٿي. اڌ ڪلاڪ تائين چڪ هڻي سگهي ٿو. ٻيو ڇا ڪندا آهن جو ڪتي جي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ تيل سان مالش ڪندا آهن. اها مالش چار ڄڻا گڏجي ڪندا آهن. ٽي ڄڻا ڪتي کي دسي جهليندا آهن. هڪرو ڄڻو تيل جي زور سان مالش ڪندو آهي. ويڙھ واري ڪتي جا ڪن ڪٽي ڇڏيندا آهن. ويڙھ جو ڪتو ٻٽو هوندو آهي. ڇو جو نه انهي کي چڪ پئجي سگهي ٿو. ڪتو ٻن سالن جو ڪري، ويڙهائي سگهجي ٿو ۽ اهو ئي ڪتو سٺ سال تائين وڙهي سگهي ٿو. هونئن ڪتي سٺ ڏينهن ۾ لڳڻ کانپوءِ ويامندي آهي. پر هن جا گلر تيرنهن ڏينهن کانپوءِ اکيون کوليندا آهن. ڪتي جي زبان جتي به لڳي. اتي هن جي جسم ۾ ڪيڙا ختم. اڪثر ڪري هن جي زبان هن جي مٿي تي ناهي پهچندي. انهي ڪري اڪثر ڪري ڪتي جي مٿي واري زخم ۾ ڪيڙا پوندا آهن.
ڪتي جا رنگ؛ اڇو، رانڳون ڪتو. رانڳو ڪتو، ڳاڙهي شينهن جهڙو هوندو آهي. سڀ کان ڀلو ڪتو آهي؛ ڪجل. اهو رنگ جو اڇو هوندو آهي. سڄي جسم تي ڪارا ڪارا چٽا هوندا آهن. وئير ڪتو ڇتو ناهي ٿيندو. وئير معنيٰ جنهن جي چئني پيرن ۾ ويھ آڱريون هجن. نه ته اڪثر ڪري ڪتي جي چئني پيرن ۾ سورنهن آڱريون هونديون آهي. اڳي ڪتي جو پڇ وڍي ڇڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اهو به خيال هو ته پڇ-وڍيل ڪتو، ڇتو ناهي ٿيندو.
بس! ڪتي سان گڏ، ڪتو ٿيڻو آهي. اهو خفتين جو خيال آهي. ڪتو ڏيڻ به ڏکيو، وٺڻ به ڏکيو. اهي مٿيون سموريون ڳالهيون بولي ڪتن جون آهن. ڇو جو ڪتي جي ڪتي سان ويڙھ، بولي ڪتن ۾ ئي ٿيندي آهي. بولي ڪتو، ماڻهوءَ سان ڪو نه وڙهندو. سوئر جي شڪار ۾ به سامهون ويندو آهي، ۽ اڪثر مارجي ويندو آهي. بولي ڪتي جي جسم تي وار ناهن ٿيندا. شڪار جو ڪتو، آهي ئي تازي. بلٽر وري، رڇ سان وڙهندو آهي. تازيءَ جو سنهو منهن، ڊگهي تاني. بولي جو مٿو وڏو ۽ واڇون وڏيون، جسم ۾ ڳرو.
ڪتن جا خفتي، چوريون به ڪرائيندا آهن. جيئن فتو ۽ عابد ڏاهري جي ڪتن جي بند وارن پلين، تڏهن چوري ڪرائي هئي، جڏهن اڃا گلرن اکيون به ڪو نه کوليون هيون. ڪتن جا وڏا وڏا زميندار به خفتي آهن. جيئن خليفو ولي محمد پهوڙ، غفور کوکر سانگهڙ وارو ۽ سردار قيوم ڪراچي وارو.

No comments:

Post a Comment