اوٺاري، اٺ ۽ اٺيون
خالد ڪنڀار
جي ڀلا اُٺِ، مينهن ساريو ته ڪنهن به وڻ جي ڇانءَ ۾ ڪو نه وهندي. بس
رڳو جهير ڪري منهن ڪندي ڪاڇيل ۽ انهي ئي آڙنگائو ڏينهن جو ڪاڙهي تتي جو وچ پڌر تي
ويهي رهندي پوءِ هزار حيلا ڪر ڀلين لاڻون وڍي اچي اڳيان رکينس پر ڪک به منهن ۾ حرام جي وجهي، پگهر پيو وهندس ۽ ويٺي
هوندي ڀلين اڃي بکي کي ڏينهن لهي وڃي پر ٻيو ٿيو خير ۽ جي ڪئين هورو ۽ ام ٿيس ته ڀلين
ٻٽيهو رڻ وچيان هجي پر ڇڪ وڌئين ته وس ڪندي ته رات وچ ۾ رسان پر جي ڀلا رات وچ ۾
نه به رسي ته به هوري آيل اٺ وجهه مليو ڪٿان ڪا زرو ويڇي ملي ته رڻ اڪري به اچي
انهي سيم جا وڻ چرندي. چون ٿا؛ اٺ بي پتي ذات آهي. پر انهي بي پتي ذات جو جيڪو پنهنجي
سيم سان عشق آهي، انهيءَ جي ڳالهه کڻي ڇڏ. سنڌ ۾ اٺ ڪٿي به ڍاٽڻ هجي پر جي کنوڻ جو
چمڪو اکين ڏٺائين ته رات جي پيٽ ۾ اچي ڀٽ چڙهندي. هاڻ ڏس ٻيلي اٺ ۽ ماڻهو جي عمر جي ڪهڙي خبر؟ اهو ڪئين چئجي ته ٻيلي اٺ
جي عمر وڌ ۾ وڌ هيتري ٿيندي پر هڪڙي ڳالهه آهي؛ اٺ ڪيتري به پوڙهي هجي ڀلين هلڻ کان
لاچار هجي ۽ اکين سان انڌي ٿي وئي هجي پر ڪن جيسين ٻوڙا نٿا ٿين تيسين پئي ويامندي.
اٺ پنڌرنهن کان ويهه پيٽ پئي ويامندي. سو يار اٺين جون ڳالهيون ٿو ڪرين نه ته اٺ ۽ پٽ ته ڪاري رات جو به ڪم جا. جي هجي اٺ اڱڻ ۾ ٻڌل ۽ ڪاري رات جو به جهيڪاري ٻڙهو
ڪري ويٺين پوئين چونڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڀيڻين ضرور رسائڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽائيندو. ۽ جي
پنهنجي پيٽ جو پٽ هوندو ۽ ڪاري رات جو به اٿاري جي ڪيڏانهن روانو ڪيو ته ورندي ڪو نه
ڏيندو ته ٻيلي هئين يا هون.





