Saturday, July 30, 2022

پَتَنگ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

پَتَنگ

(Moth)

ليکڪ: علي محمد لغاري ”کيسانوي“



اڄڪلھ سانوڻيءَ جي مند ھلي پئي. برسات وسڻ کان پوءِ ڏينھن يا رات جو روشنيءَ تي پرن وارا ٻن قسمن جا ھزارين اڏامندڙ جيت نڪري رات جو روشني تي ميڙو مچائين ٿا. جيڪي گهر ڀاتين کي ڏاڍو تنگ به ڪندا آھن ۽ رات جو ڪا به روشني ڪرڻ نٿا ڏين. باھ يا شمع جو تجلو يا لاٽ انھن پتنگن جي محبوب يا معشوق آھي ۽ پاڻ ان جا ديوانا، عاشق، سر فدا ڪندڙ ۽ پروانا آھن.



انھن پرن وارن اڏامندڙ ننڍن جيتن مان ھڪ ڪاري رنگ جو اڏامندڙ ڪارو ماڪوڙو ھوندو آھي ۽ ٻيو ھلڪي سونھري ميٽوڙي رنگ جو پرن وارو اڏامندڙ جيت ھوندو آھي جيڪو اڏوھي جي خاندان مان آھي ۽ برسات جي مند ۾ اڏوھي جي ڏرڙن مان اڏوھي سان گڏ نڪري ٿو راقم الحروف انھن کي اڏوھي سان گڏ ڏرڙن مان نڪرندي، گڏ ھلندي ۽ پوءِ اڏامي جدا ٿيندي عملي مشاھدو ڪري ڏٺو آھي.

اڏوھي، ڪاٺ ۽ ٻيون شيون کائي پيٽ مان مٽي ڪڍي ٿي. جڏھن ته بنا پرن واري اڏوھي کان ڌار ٿي پرن وارو اڏامندڙ اڏوھي جھڙو پرن وارو جيت ۽ باھ يا شمع جي لاٽ يا شعلي تي عاشق ھن جيت کي ”پَتَنگ“ چيو وڃي ٿو. پتنگ کي پروانو، عاشق، سر فدا ڪندڙ، جان گهوريندڙ، ڪينئون ۽ اڏوھي به چون ٿا.

پَتَنگ (اکر ”گ“ مٿان پيش) فارسي ٻوليء جو لفظ آھي. جنھن جي معنيٰ آھي؛ ”اڏامندڙ جيت جو ھڪ قسم (جيڪو بتي، شمع، ڏيي يا باھ جي شعاع تي اڏامي اچي ۽ سڙي وڃي. عام روايتي خيال ته پَتَنگ باھ تي عاشق آھي). جڏھن ته پَتنَگ جي صفتي معنيٰ آھي؛ ”قربان ٿيندڙ، پروانو، عاشق، سھڻو، حسِين.“

انگريزيء ۾ پتنگ جي گهڻ معنيٰ ٻڌائي وئي آھي. يعني:

Moth, small nocturnal insect, kite, lover, admirer, paramour, beautiful, handsome, charming.

 کنڀالا: مختلف علائقن ۾ پتنگ کي ”کَنڀالا“ (واحد: کَنڀِالو) سڏيو وڃي ٿو. جيئن سائين مٺل جسڪاڻي، تازي برسات جي حوالي سان مون راقم کان پڇيو ھو ته؛ ”سائين، کنڀالا آيا آھن؟“ آئون کنڀالا لفظ يا نالو سمجهي نه سگهيس ته سائين جن ان جيت جا پار پتا ۽ اھڃاڻ ڏنا ته اسان انھن کي ”کنڀالا“ چئون ٿا ۽ توھان انھن کي ڇا ٿا چئو؟“ سائين جن جي ڏنل پارن پتن ۽ اھڃاڻن مان اھو جيت سمجهي ويس ته اھو ”پتنگ“ آھي ۽ سائين جن کي به سندس ان ساڳي جيت ”کنڀالا“ جو نالو اسان جي علائقي ۾ سڏيو ويندڙ ”پَتَنگ“ ٻڌايو.

جيئن ته مون وٽ موجود سنڌي لغتن ۾ ”کَنڀِالا“ (واحد: کَنڀِالو) لفظ ڪو نه مليو. البت ھڪ لفظ ”کَنڀِڙَ“ ملي ٿو. جنھن جي معنيٰ آھي ”کَنڀِنِ وارو، پَرَنِ وارو“.

گرامر ۾ ڪجھ لفظن يا اسمن جو اسم تصغير (a diminutive noun) ڪيو ويندو آھي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ٿه مختلف علائقن ۾ لفظ ”کَنڀِڙَ“ جو اسم تصغير (a diminutive noun) ”کَنڀِڙالا مان وري کنڀالا“ ڪيو ويو ھجي ۽ ان جيت پتنگ کي کنڀن وسيلي اڏامڻ سبب ”کَنڀِڙَ“ مان اسم تصغير ”کَنڀِڙالا مان وري کنڀالا“ سڏيو پئي ويو آھي/ سڏيو ويندو آھي.

 شاھ جي رسالي سر ڪلياڻ ۾ اسان کي شاھ جي بيتن ۾ کنڀالا نه پر پَتنگ نالو ملي ٿو. پتنگ جو محبوب يا معشوق باھ، شمع جي لاٽ يا تجلو آھي. پتنگ باھ، شمع جي تجلي يا لاٽ تي عاشق آھي. رات جو ڪٿي به ھجي پر باھ يا شمع جي تجلي يا لاٽ تي نظر پوڻ سان اتان ئي اڏامي اچي عشق جي اساٽ ۾ محبوب باھ يا شمع جي تجلي لاٽ جي ڀاڪرن ۾ پاڻ کي اڇلي سر فدا ڪري قربان ٿي وڃي ٿو.

 باھ ۾ سڙڻ جي رمز ۽ راز به پتنگ پاڻ ڄاڻي ٿو. پتگن جو باھ ۾ ڪڏي ڪاھي پوڻ ۽ باھ ۾ پاڻ اڇلي سِر فِدا ڪرڻ بابت شاھ لطيف ڀٽائي سر ڪلياڻ جي بيت سلسلو نمبر ۱۱۶ ۾ ٻڌائي ٿو ته :

پرِي پَتَنگ آئِيا، سرِي سَھائِي وَٽِ،

ڪَندا ڪا نه گَهٽِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.

سجهاڻي: پتنگ پڪو ارادو ڪري ھلندا اچي شمع جي شعاع وٽ پھتا آھن. ھو ٻي ڪا به ڳالھ ڪو نه ڪندا، بلڪ انھيءَ شعاع تي سِر ڏيئي سرھا ٿيندا.

پتنگ، پاڻ کي باھ يا شمع ۾ اڇلائي ڇو ٿا ساڙي فنا ڪن؟ اھو به ڪو راز ۽ رمز آھي. جيڪا پتنگ ئي پاڻ ڄاڻن ٿا. ان راز بابت شاھ لطيف سر ڪلياڻ جي بيت سلسلو نمبر ۱۲۰ ۾ ھن ريت ٻڌايو آھي ته:

اَچِي اجهانيو آڳِ کي، پَتَنگنِ سِين پَرواز،

کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جو، انِي وَٽِ اَنداز،

رَمزَ پَروڙِيَئون راز، ڄيري جِي ڄِڀِيءَ جو.

سمجهاڻي: پتنگن الائجي ڪٿان اڏامي اچي ساڙيندڙ باھ کي وسايو. اھڙا پتنگ ئي (محبت جي مَچ ۾) سڙي رک ٿيڻ جي ريت کي ڄاڻن ٿا. جن جي اندر ۾ محبوب جو مچ ٻريو آھي، تن کي ئي ان ۾ جلڻ واري راز جي خبر آھي. انھن ئي باھ جي تيزي ۽ تک واري رمز ۽ راز کي سمجهيو ۽ آزمايو آھي.

مددي حوالا:

۱ - مختلف سنڌي ۽ انگريزي لغتون.

۲ - شاھ جو رسالو، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇاپو: پھريون سال ۲۰۱۶ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

۳ - تصوير: گوگل تان کنيل.

 

(علي محمد لغاريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment