Sunday, July 31, 2022

ٿري زندگيءَ ۾ مينھن جا رنگ روپ

ٿري زندگيءَ ۾ مينھن جا رنگ روپ

(آکاڙ جو مھينو آيو آھي، سارنگ جو سھڻو روپ ڏسان)

ڀارومل امراڻي



ٿري زندگي جو وڏو دارومدار مينهن تي آهي. ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسن ته ماروئڙا جا من مهڪي پون، ٽوڀا ترايون تار ٿيڻ سان پاڻياريون ٻيلهڙن سان گيت ڳائينديون اچي پڻگهٽ جي حسن کي وڌائينديون آهن. چڙن جي چونگار سان مال ڀٽارو وٿاڻن ڏي ورندو آهي. ڌنارن جي بانسرين جي وڄت سان گڏ ٻنين ۾ هارين جي همرچي ۽ راڻليئي جو راڳ ٻرندو آهي. پر جي مينهن جا مانڊاڻا رسي وڃن ته ڏک ڏولاوا ڏيهه کي بي حال ڪري ڇڏين، ٿر جي زندگي جا رنگ روپ، ميلا ملاکڙا، شاديون مراديون سڀ رڪجي ويندا آهن. ان ڪري چوندا آهن ته؛ ’وٺو ٿر، نه ته بر ئي بر.‘ ٿري ماڻهو سياري ۾ به وسڪاري کي پڪاريندي چوندا آهن ته:

جا سيارا بن ٻارڻا، آءُ اونهارا،

اُلٽ پُلٽ بادل چڙهي وهلو آءُ وسڪارا.


(سخت سيءُ جي سوساٽ ۾ ٻيلا ساڙيندڙ اي سياري جي موسم! تون هاڻ هلي وڃ، اي اونهارا ! تون ڀل اچ، تنهنجي اچڻ سان آگم وري، ۽ ڪارا ڪڪر ڪارونڀار ڪن.گهنگهور گهٽا جي گهيري ۾ اي وسڪارا تون جلد اچ .)

چوماسي جي رت اچڻ سان ٿرين جي چپن تي هوندو آهي ته:

ڪَر ڪانٺڙ، ميلي گهٽا، ڪُوڙا بادل ڪاڍِ،

سارنگ ڏيکان سهامڻو، آيو ماس آساڙ.

(مينهن آڻيندڙ ڪارن ڪڪرن جي لاڻ ڪر، خالي ڪوڙا بادل ڪڍ، آکاڙ جو مهينو آيو آهي، سارنگ جو سهڻو روپ ڏسان.)

جڏهن ڪارونڀار ڪري وسندا آهن. وڄن جا وراڪا ٿيندا آهن تڏهن ڀني جي خوشبوءِ تي ٿري زندگي مهڪي پوندي آهي:

هِل مِل مور ڪرنت هئه، جهولڻ لاڳو سموندر،

آج ڪو ڏن سڀاگيو، راجا آيو اندر.

(مور کيڙا ڪري مستي ۾ ٽهوڪي رهيا آهن، سمنڊ جهومي رهيو آهي، اڄ جو ڏينهن سڀاڳو اڀريو آهي، اڄوڪي ڏينهن تي مينهن جو ديوتا راجا اندر روپ پسائڻ آيو آهي.)

ڌرتي تون سڀاگڻي، اندر جهڙو ڀرتار،

اوڍڻ ليلو ڪانچوئو، لگي ڦولان رو هار.

(اي ڌرتي ديوي! تون سڀاڳي آهي، تنهنجو اندر ڀرتار آهي، تنهنجي تون سائو ويس ڍڪين ٿي، جيڪو ڦلن جو هار لڳي ٿو )

ٿر ۾ چوماسي جي رت آکاڙ کان شروع ٿئي ٿي. چار مهينا آکاڙ، سانوڻ، بڊو ۽ اسو تائين هلندي آهي. ٿر ۾ اتر پاسي واري برسات کي برڪت واري برسات سمجهندا آهن. جنهن ۾ گاهه ڀلو ٿيندو آهي. اولهه واري برسات کي برڪت واري نه سمجهندا آهن.

لوڪ ڏاهپ ۾ نکٽن، ڏينهن، تٿ ۽ گهڙي جي آڌار برسات جي سواري، رهائش (واسو) ۽ ٿنڀ به ڏٺا ويندا آهن، لوڪ ڏاهن موجب برسات جو واسو ’مالهي جي گهر‘ آهي ته برسات چارئي مهينا سريکي وسندي رهندي، ٻوڙ ٻوڙان به ڪري سگهي ٿي. ڪنڀر جي گهر واسو آهي ته برسات مٽي سڪڻ ڪونه ڏيندي. ’واڻئي‘ جي گهر واسو آهي ته برسات وکر وانگر توريل تڪيل پوري پني وسندي ۽ ڌوٻي جي گهر واسو آهي ته برسات سٺي پوندي. اهڙي طرح برسات جي سواري به چئن قسمن جي آهي، پاڏي تي سواري آهي ته برسات سريکي پاڏي جي وک وانگر وسندي ويندي، ٻوڏ به ڪري سگهي ٿي پر جي هرڻ جي سواري آهي ته هرڻ جي ڇال وانگر مينهن وسندو، هڪ مڙهي يا طرف مينهن آهي ته ٻي مڙهي ۾ ڪونه هوندو، ’چاتڪ‘ پکي جي سواري وارو مينهن پورو پنو هوندو آهي. جڏهن ته گهوڙي جي سواري وارو مينهن تيز طوفان، وانئر، ڳڙن وغيره سان هوندو آهي.

برسات جا ٿنڀ چار آهن:

1. جڙ ٿنڀ؛ ’جڙ‘ لفظ ’جل‘ مان نڪتو آهي. هن وسڪاري ۾ رڳو پاڻي گڏ ٿيندو، اناج توڙي گاهه گهٽ ٿيندو.

2. ڪڻ ٿنڀ، هن ۾ اناج سٺو ٿيندو آهي

3. کڙ: هن ٿنڀ هجڻ سان گاهه گهڻو ٿيندو.

4. سوئا، هي برڪت وارو ٿنڀ آهي. هن ۾ اناج توڙي ٻئي سٺا ٿيندا. ڪو روڳ وغيره نه لڳندو.

سوئا ٿنڀ کان سواءِ ٻين ٿنڀن ۾ ڪا آفت وغيرهه ڪڙڪي سگهي ٿي. جنهن سان اناج يا گاهه تي اثر پئجي سگهي ٿو.

 ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ وسندڙ مينهن جا مختلف نالا آهن. ‘راسو مينهن’، ‘وڏڦڙو مينهن’، ‘جهڙ مينهن’، ‘سڙ مينهن’، ‘لاڻ وارو مينهن’، ‘اوڙڪن وارو مينهن’ اوڙڪن واري مينهن ۾ هڪ اوڙڪ وسي دنگ ڪندي آهي ته ٻي ڏهن پندرنهن منٽن کان پوءِ وري ايندي آهي. جنهن کي ‘سانوڻ جا سراڙا’ به چوندا آهن، تيز مينهن هوندو آهي پر ٿوري دير وسي رڪي ويندو آهي، وري ڪجهه منٽن جو وقفو ڏيئي پوءِ شروع ٿيندو آهي. ڄڻ هڪ ڍوڙ ڪڍي ٻي ڍوڙ ساهي کڻي پوءِ ڍوڙي ٿو. آکاڙ ۽ سانوڻ جي لاڻ واري مينهن کان اڳ ۾ تيز ايندي آهي، جنهن کي ‘وانئر’ سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ اڀرا ڇنا، منهه ۽ ڪجهه وڻ به ڪري پوندا آهن. ‘راسو مينهن’ ۾ ڦڙيون ننڍڙيون هونديون آهن. کنوڻ گاج ۽ هوا وغيره کان سواءِ چو طرف سريکو سٺو مينهن هوندو آهي، تنهن کي ‘ماٺو مينهن’ يا گونگو به چيو ويندو آهي. راسو ۽ ماٺي مينهن ۾ ماڻهو توڙي مال، پکي پکڻ پلر ۾ پسڻ جو لطف وٺندا آهن. گوڙ ٻارنهن ڪوهن جي ڦيرڻي ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. هڪ قسم جي مينهن ۾ گوڙ به هلڪي ٿيندي آهي، وڏا ٺڪاءَ نه هوندا آهن، جنڊ جي آواز وانگر هڙراٽ هوندو آهي. جنهن کي گاج جو ‘اونڏو گجڻ’ چئبو آهي. اهو مينهن تيز هوندو آهي، وڏن ٺڪائن وارو مينهن تيز نه هوندو آهي، ڏاها چوندا آهن ته جيترو گجندو آهي اوترو وسندو نه آهي. صبح ڍڳيون ڏهڻ مهل جيڪا گوڙ ٿئي ان کي ڏوجهارن جو گاج سڏيندا آهن. اتر اوڀر ڪنڊ تي وڄ وراڪو ڏي ته ان کي‘ ٻڪراڙ کنوڻ’ چوندا آهن. ٻڪراڙ کنوڻ وارو مينهن لاڻ سان سريکو تيز وسندو آهي. ٻڪراڙ کنوڻ ڏسڻ سان ماڻهو گهرن ۾ کٽون وغيره اندر ڪري ۽ ڌنار مال کي واڙي دنگ نه ڪندا آهن، تيسين مينهن اچي پهچندو آهي. ‘ٻڪراڙ کنوڻ’ هجي ۽ مٿان وري ڏکڻ واءُ لڳي ته مينهن جلد چڙهي ايندو آهي. هڪ رات ۾ پوري ٿر کي ٻڪراڙ کنوڻ وارو ڀري ڇڏيندو آهي. لوڪ روايتن ۾ چوندا آهن ته ٻڪراڙ کنوڻ واسينگ نانگ پويان نڪتي آهي، واسينگ نانگ کنوڻ جي وراڪي تي ٻر مان منهن ٻاهر ڪڍي ‘لٻڪارو’ ڪري لڪي ويو آهي. کنوڻ ڪِرڻ کان بچاءُ ۾ احتياط طور اڪن جون ٽاريون وڍي چوئنرن، چونڪين، ۽ کڏن جي ڇت تي اڇليندا آهن. روايت آهي ته کنوڻ اڪ جي ٽارين تي نه ڪرندي آهي. ڪانجهي (ڪانسي) جا ٿانو بسترن ۾ لڪائي رکندا آهن، کنوڻ جي ٺڪائن کان بچڻ جي لاءِ خيراتي روٽ پڻ ڪندا آهن.

جهڙ مينهن ٻه چار ڪلاڪ يا ٻه چار ڏينهن لاڳيتو وسندو آهي، ڪنهن وقت گهاٽو ته ڪنهن وقت ڦڙي ڦڙي پر مسلسل پيو هلندو آهي. هن مينهن ۾ ڪچا راهيترا (ڪچا گهر) ڪرڻ جو ڊپ هوندو آهي. جيو جناور پکي پکڻ هلاڪ ٿيندا آهن، کاڌي جي لاءِ نڪري نه سگهندا آهن. مينهن دوران سيم ۾ جيوت وڻن جي اوٽ وٺندي آهي. گهرن ۾ پالتو مال کي ڪنهن اجهي جي حوالي ڪندا آهن.

بڊي، ۽ اسو جي مينهن کي ‘ڌاروڙا’ چوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪتي جا ڌاروڙا به وسندا آهن. هن مينهن جي بادلن جو روپ تمام سهڻو هوندو آهي. من موهيندڙ چوٽيون نڪرنديون آهن. ڌاروڙي جو مينهن هڪ مڙهي ۾ هوندو آهي ته ٻي مڙهي ۾ نه، ٿوري ٿوري ٽڪري ۾ هوندو آهي. اسو جي مينهن کي اسو جا او هيرا به سڏيندا آهن. اسو مهيني جي سواتي نکتر ۾ مينهن جو ڦڙو سپ جي وات ۾ پوندو آهي ته ان ڦڙي مان موتي پيدا ٿيندو آهي.

لوڪ ڪوي چيو آهي؛

ڪدلي سيپ، ڀجنگ، سوات وياپڪ گن تين،

جو جيسي سنگت ڪري، تو ويسا ڦل دين.

(اسو جي مهيني ۾ سواتي نکتر ۾ بادل جي هڪ ڦڙي جا ٽي ڳڻ آهن. هڪ بوند ڪيوڙي جي ٻوٽي تي ڪري ته ڪافور جي خوشبوءِ پيدا ڪري، سپ جي وات ۾ پوي ته موتي پيدا ڪري ۽ ساڳي بوند ڀجنگ يعني نانگ جي منهن ۾ وڃي ته زهر پيدا ڪري. مطلب ته؛ جنهن جو جهڙو سڀاءُ ۽ جنهن جي جهڙي صحبت، اهڙو ئي ڦل پائيندو)

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع واري ڪاوش دنيا ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment