Thursday, February 3, 2022

ڏهس - معمور يوسفاڻي

ڏهس

(لوڪ ادب)

معمور يوسفاڻي - عمرڪوٽ 



لوڪ ادب جو جائزو وٺندي، جڏهن اسين لوڪ لفظ جو پيڇو ڪريون ٿا ته اسان کي چوڻو ٿو پوي ته ”لوڪ سنڌي ٻوليءَ جو تمام پراڻو لفظ آهي، جيڪو آڳاٽي دور جي محاورن، پهاڪن ۽ چوڻين ۾ به ملي ٿو.

جيئن: ”لوڪ لکا نه پوڻ“، ”لوڪاڻي لڄ“، ”لوڪ منهن موڪ“، ”لوڪ لڏي، چري اڏي“، ”لوڪ لهوارو، پوپان اوڀاري“، وغيره.

اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي دائري ۾، اهو لفظ قديم دور کان ملي ٿو، جيڪو مختلف دورن جي سڀني وڏن شاعرن استعمال ڪيو آهي. جيئن:


ڪاپاتين ڪتيو، جڏهن ستو لوڪ. (پير صدرالدين)

---

لوڪان نحو، صرف، مون مطالع سپرين. (قاضي قادن)

---

هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ. (شاهه ڪريم)

---

لوڪان چڱي لڪ، جي هاءِ حضور حبيب سين. (ميون شاهه عنات)

---

لڪج سڪج لوڪ کان، ڍِڪُ مَ ڍورن جيئن. (شاهه شريف)

---

جتي لڻندو لوڪ، اتي سڪندين سنگ لاءِ. (شاهه)

---

لوڪ لهرين سيڪڙو، من پرت پريان ڏانهن. (گرهوڙي شهيد)

لوڪ لفظ جي انهي جائزي کان پوءِ جڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي لوڪ ادب کي سامهون رکون ٿا ته اهو اسان کي نظم ۽ نثر جي ٻنهي گروپن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جن مان نظم واري گروپ ۾ اڏيون، پروليون، ڳجهارتون، هنر، ڏهس، ڏور، ٻول، ٿوڪ، ڳوڙها، ڳاهون، اولاڻا، ڪوڏاڻا، ڳيت، ڳيها، ڦوٽاڻا ۽ پهاڪا وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح نثر واري ڀاڱي ۾، لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جن جا ڪيئي قسم آهن، جيئن ڏندڪٿائون، بارٿائون، ڳالهيون، داستان، قصا، ٽوٽڪا ۽ ڀوڳ وغيره.

لوڪ ادب اسان جي زندگي جو مڪمل آئينو ۽ ماحول جو اهڙو ترجمان آهي، جنهن ۾ عوام جي امنگن ۽ اُڌمن، احساسن ۽ سوچن، وهمن ۽ ويچارن، جذبن ۽ خيالن جواٿاهه سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي، جنهن سان اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي مختلف دورن جي تاريخ جو پتو پوي ٿو.

لوڪ ادب اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو بهترين رکوالو پڻ آهي، جنهن سان اسان کي مختلف دورن جي رسمن ۽ رواجن، هنرن ۽ حرفتن، مجلسن ۽ محفلن، نيائن ۽ نبيرن ڏکن ۽ سکن، ڪمال ۽ زوال، فڪر ۽ فلسفي، هلت ۽ چلت، ادراڪ ۽ عقل، ڳڻ ڳوت ۽ ڀڃ گهڙ جي خبر پوي ٿي.

لوڪ ادب اهڙو عوامي هُنر آهي جنهن ۾ صديون اڳ جي پراڻي دور جي خبر پوي ٿي. جنهن سان اسين انهيءَ دور بابت سياسي ۽ سماجي، معاشي ۽ اقتصادي، تاريخي ۽ ثقافتي، ڌرمي ۽ مذهبي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا.

لوڪ ادب نه رڳو ماضيءَ جو گنج آهي، پر اهو حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر پڻ آهي. ان مان اسان جي وڏن جيڪي تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ نتيجا حاصل ڪيا آهن، سي سڀ اسان لاءِ رهبر ۽ رهنما جي حيثيت رکن ٿا.

لوڪ ادب اسان جو قديم ترين ادب آهي ۽ اهو ايترو قديم آهي، جيترو خود انسان ۽ ان جو معاشرو. لوڪ ادب ازل کان آهي ۽ ابد تائين قائم رهندو.

لوڪ ادب جي وصف:

جنهن ادب جون پاڙن پاتار ۾ هجن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلندڙ هجي ۽ معاشري جا سڀئي طبقا، ان ۾ حصو وٺندڙ ۽ دلچسپي رکندڙ هجن، تنهن کي لوڪ ادب چئبو آهي. اهڙي ادب جو ڪو به وارث وصي يا ڌڻي ڌوري ڪو نه هوندو آهي، اهو معاشري جي گڏيل ملڪيت هوندو آهي، جنهن ۾ ترميم يا واڌاري ۽ سڌاري جو هر ڪنهن کي حق حاصل هوندو آهي.

لوڪ ادب جي اها خاصيت رهي آهي ته اهو وقت جي رفتار سان گڏ بدلبو، سدلبو، سڌرندو ۽ سنواربو رهيو آهي، هر سگهڙ ۽ ڄاڻوءَ ان ۾ پنهنجي مرضيءَ سان واڌارا ۽ سڌارا آندا آهن ۽ آڻيندو رهي ٿو. لوڪ ادب، اهو مفيد ادب آهي، جنهن ۾ زندگي گذارڻ بابت جيترا طريقا، اشارا ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، اوترا ڌڻيڪي ادب ۾ ڪونه آهن، انهيءَ لحاظ کان اهو سماج لاءِ وڏي رهبر ۽ رهنما جي حيثيت رکي ٿو. لوڪ ادب معاشري جي اصلاح ۽ تعميرات جو وڏو ڪارڻ ۽ ذريعو آهي. اهو ايتريقدر ته ڪشادو ۽ وسيع آهي، جو سڄي معاشري کي گهيري بيٺو آهي ۽ هرفرد جي ڄمڻ کان مرڻ تائين رهبري ڪري ٿو.

اسانجا ڪيترا اديب ۽ عالم، ڌڻيڪي ادب کي به لوڪ ادب ۾ شمار پيا ڪن، جنهن جو اهو دليل ٿا پيش ڪن ٿا اُهو عوام ۾ مقبول آهي.“ ٻئي طرف جڏهن اهي حضرات ادبي تاريخ ٿا لکن ته، ان ۾ لوڪ ادب جي ڪنهن به صنف جو ذڪر ڪونه ٿا ڪن، فقط ڌڻيڪو ادب پيش ڪن ٿا. انهيءَ لحاظ کان هو خودئي ڌڻيڪي ادب کي، لوڪ ادب کان جدا ڪريو ٿا ڇڏين، تنهنڪري ڌڻيڪي ادب جي ڪنهن به صنف کي لوڪ ادب ۾ شامل ڪرڻ فقط زوراوري آهي. لوڪ ادب جي تحرير جي جاءِ لوڪ جو سينو آهي. انڪري لوڪ جي سچيت ۽ سُگهڙ ماڻهن هن ادب کي سينه بسينه پنهنجن نسلن ۾ منتقل ڪيو آهي. هن دور جي محققن ۽ مصنفن لاءِ لوڪ ادب تحقيق جي معيار مان هڪ اهم معيار ۽ حوالو آهي.

لوڪ ادب بابت مٿئين مختصر بحث کان پوءِ، هتي ان جي صنفن بابت مختصر طور اپٽار ڪبي، جنهن ۾ پهرين نظم جون صنفون، جهڙوڪ: ڏهس اڏي، پرولي، ڳوڙهو، ڳجهارت، ڳيت، ڳيها ۽ پهاڪا وغيره آڻبا ۽ ان بعد نثر جي صنف، لوڪ ڪهاڻين بابت اپٽار ڪبي. هن سلسلي ۾ اڄوڪي ڪچهري ۾ ڏهس جون ڪجهه ڳالهيون ڪريون. ڏهس لوڪ ادب ۾ نظم جي اُها صنف آهي جنهن جو تعلق ٻوليءَ جي ڄاڻ سان آهي ۽ ڪنهن به هڪ شيءِ جا ڏهه نالا شعر ۾ آڻبا آهن. سگهڙن ڪوشش ڪري سنڌي ٻوليءَ جا عام نالا استعمال ڪيا آهن. اگر ڪٿي نالا گهٽ آهن ته ٻين ٻولين جا به نالا کنيا آهن، اڳتي هلي مشهور سگهڙن ڏهن نالن جي استعمال ۾ ڪي معنوي ۽ اهم نقطا پڻ بيان ڪيا آهن، ۽ پنهنجي شعر کي فڪر ۽ فهم جي گهرائي ۾ به آندو آهي.

عام طرح ڏهس، بيت جي قالب ۾ چيو ويو آهي. ڏهس جي شاعريءَ ۾ سڀ سگهڙ سون پر جلال کٽي واهه جو ڏهس چيا ۽ خاص طرح سندس تشبيهي ڏهس سهڻا آهن.

مون پنهنجي ڏهس شاعري ءَ۾ ڪي نوان تجربا ڪيا آهن. بيت جي گهڻن مصرعن واري قالب ۽ دوها ڇند سان گڏ عروض تي به ڏهس ٺاهيا آهن. ساڳي طرح حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏهن ڏاتارن کي به ”شينهن“ جي ڏهس ۾ تشبيهاتي طور استعمال ڪيو آهي. ائين ڏهس تضمين به لکيو آهي جنهن ۾ رسالي جي سورمين ڪردارن جون سِٽون آنديون آهن. هتي نموني طور منهنجا ڪجهه ڏهس عرض رکان ٿو، جيڪي گهڻوڪري سڀ ڪچهرين ۾ خواه ريڊيو پاڪستان تي سائين صالح محمد شاهه جي پروگرام ۾ پيش ڪيل آهن.

طبيب

دوهو ڇند:

ڏاهو، ويڄ حڪيم سو، سَنياسي ستيار،

ناڙي، ڦڪيواڻ، طبيب، مُعالج، ٻڪيار

عروض:

ويڄ، ڦڪيواڻ، ناڙي، ڏاهو، سنياسي، ستيار،

سو حڪيم ۽ سو طبيب ۽ معالج ۽ ٻڪيار.

 

برهه سندو بيمار ويو پئي طبيب وٺيو ڪو ويچارو

اک رسي اڙٻنگ جي ويئي، ڏاهي ڏنڙس ڏيکارو،

حڪمت ساڻ حڪيم بيهي ڪيو، حڪمت وارو هوڪارو،

عاشق آئي منجهه اچي ويو، کليو طبيب جو اوتارو،

سنياسي سامان سنڀايو، ويڄ جو وريو هو وارو،

مرض کي جاچي ڏسندي ڏسندي، ٿيو معالج مونجهارو،

ناڙي ڄڻڪ اناڙي ٿي پيو، ڇنڙس ڄاڻ سندو ڄارو،

ٻّرُ ويو ٻڪيار جو سارو، جرّ وهايئين جالارو،

موٽيو جيئن مريض ڏسي، تيئن ساڀ نه آيو ستيارو،

ڪين ٿيو ڪنهن ريت ذرو ڪو، ڦڪيواڻ کان ڦوڪارو،

عاشق جو ان بعد ٿيو، ڇڪتاڻ منجهان هو ڇٽڪارو،

ويڙو در تي يار سڄڻ جي، صدا هئي ٿيو سوڀارو،

سدا سڻندي سامهون آيس، سهڻو ساجن سونهارو،

درسن وارو در کلي ويا، ورهه جو ٿيڙو وسڪارو،

عاشق جو آزار لهي ويو، پسندي نوري نظارو،

مک ڏسڻ سان مڪي مهڪي، ٻهڪي ٿي پيو ٻَر وارو.

 

طبيب:

بيت:

تون حڪيم تنهنجيون حڪمتون، تون ئي ڄاڻڻهار،

تون طبيب طبيبن جو، تون دارون تون دلدار،

تون شفا تون ڇوٽڪو، تون معالج مختيار،

دائم تنهنجي در تي، سوالي سڀ ستيار،

ڏاها ڏاهپ سان مڙئي، ٿا گهرن لطف لغار،

ويڄن وائي وات ۾، ته ڏجا سوڀ ستار،

سنياسي سنسار جا، پريندئي پينار،

پايو پانڌ ڳچيءَ ۾، پيا ٻاجهه گهرن ٻڪيار،

ڦڪيواڻن فيض تڏهن، جڏهن مهر ملار،

آهي ڪرم سندئي ڪلتار، ناڙيءَ جي نسخن تي.

 

شينهن

ڇند:

لاين، ڪيسر، ڪارڌو، ڪينٽل ۽ ڪنٽير،

ليس، اسد ۽ شينهن سو سوئي ٽيپو شير.

عروض:

ليس يا لاين چو يا ڪارڌو ڪينٽل ڪنٽير،

سوئي ٽيپو، سو اسد، ڪيسر چئو يا شينهن شير.

(فاعلاتن)

 

’ڄام انڙ‘ هو وڏو ڪونڌر ڪنٽيرو منجهه قطار،

شينهن ’پنرو بڊاماڻي‘ هو سورهيه صوبيدار،

ليس هو ’لاکو ڦلاڻي‘ ساٿ سان سالڪ ۽ سچار،

ڏوران ’ڏونگر لاءِ‘ ڏاڍو ڪارڌو ڪوپو ڪرار،

هو عجب ’اوڍرسمون‘، ڄڻ هو ٽيپو ڏور مار،

ليکجي هو لاين لکن ۾، ’مهڙ‘ نالي نوتيار،

چو اسداڙٻنگ ابڙو‘ هو دلاور منجهه ديار،

جنگ ’جاڙيجو رڻمل‘، شير نر ۽ نامدار،

ڪارائڙوڪينٽل ڪرارو، ڪڇ ڪناري قربدار،

راءِ ’رڻمل‘ راوتيو، هو مثل ڪيسر سان ڪٽار.

 

هاٿي

دوهو ڇند:

گج، گنير، گونٽو ۽ وسو، وارڻ، پيل،

مينڊل، ماتنگ مستي ۾، ڪنجل فربه فيل.

عروض:

گج گنير گونٽا گهڻا، واٽن مٿي وراڻ ۽ پيل،

ڏس، وسو، ماتنگ، مينڊل، فيل، ڪنجل في سبيل.

بيت:

ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، جتي فربه فيل،

گجن جي گجگاهه کان، دل ۾ اچن دليل،

وراڻ واٽين واڪجن، وڏي شور شڪيل،

پسجن هر ڪنهن پيچري، پربت جيڏا پيل،

ڏسيو گونٽا گسن تي، ڏڪيو وڃن ڏيل،

وندر جي وڻڪار ۾، ڪنجل سان قبيل،

واٽين وَسو وترا، سهڪن سانگ سبيل،

پسيو مينڊل، مارڳيس، وٺن اوٽ عقيل،

ماتنگ مستي ۾ سدا، جهنگل توڙي جهيل،

عاقل ٿين عليل، گنير سندي گوڙ کان.

 

واٽ

 

سو پهو، سو پيچرو، واٽ سو چارو، سو دڳ،

راهه به سا ۽ رَند به سو، رستو، گس، مارڳ.

 

----

عروض:

پيچري، گس، واٽ کان پوءِ، هو پهو ۽ دڳ ڏسو،

رَند، رستو، راهه، چارو، مهر جو مارڳ ڏسو.

-----

 

وٺي چارو چاهه جو، ٿي رُوحئون رواني،

هلي پهتي پريت جي، ڪري قرباني،

جتي نه گَسُ گهُمڻ جو، واٽون ويراني،

راهون رمزن واريون، رندڙا رنداني،

پيچرو پريت جو، آهي اماني،

ڏٺائين ان ڏيهه ۾، مارڳ معاني،

مليس وٽ ورهه جي، ٿي دڳ ۾ ديواني،

رستو روحاني، سسئي لڌو هو سڃ ۾.

 

(سج)

ڇند:

 

 

عروض:

 

 

بيت:

 

 

هور، سوهو، مهر چئو، ارن آفتاب،

خاور، سج، خورشيد سو، شارق، شمس، شتاب.

-----

مهر، شارق، شمس ۽ خورشيد، خاور آفتاب،

هور، سوهو، سج اڀريو، ارن جو ڏس آب تاب.

-----

مهر کان وڌ محب جو جلوو جوت جمال،

ڪامل ڪائنات ۾، سڄڻ سج مثال،

آيو آفتاب ٿي، لاٿائين مونجهه ملال،

ارن جيئن عجيب جو آهي جاهُه جلال،

خاور آئي خير ٿيو، جڳ مان ويو جنجال،

سوهي جيئن سنسار تي اٿس ڀلايون ڀال،

خبرون تنهن خورشيد جون آهن ڪل ڪمال،

شارق جي شعاع کان، ملي واٽ وصال،

هادي آهي هور جيئن، اٿس هدايت حال،

شــــــــمــــــــس الضحيٰ شــــــــان ســــــــان، لائــــــــق لازوال،

منهنجي ڇا مجال؟ جو صفت ڪريان سردار جي.

 

ماکي

سائي شهد، ماڌ سا، هَني، مڌ گبين،

ماکي، موڌو، شهت ۽ عسل، انگبين.

شهت سا، سائي هني، سا ماڌ، مِڌ سائي گبين،

سائي ماکي، شهد، موڌو، عسل سائي انگبين.

-----

ماکي مٺا سپرين، شهد کان شيرين،

موڌو مُک محبوب جو، گفتو آهي گبين،

هني ڳل حبيب جا، شهت جاءِ جبين،

مڌ مٺي ماڌ کان، لبڙا مِڌّ مڪين،

عسل اک عجيب جي، نيڻ نيو ٿا نين،

آهي انگبين، ساري ڳالهه سڄڻ جي.

 

مينهن  (برسات)

دوهو ڇند:

بوند باران، مينهن، جهڙ، برسات ۽ ڦڙي،

بارش، ڇنڊون، جهڙڦڙيو آيو مينهن گڙي.

 

----

عروض:

بوند، جهڙ ۽ ميگهه، ڇنڊون، مينهن جهڙڦريو، ڦڙي،

بارش ۽ برسات، سا، باران سو آيو گڙي.

بيت:

 

ڄام انڙ:

جنهن کي سارنگ ٿي سڏيائون، جيڪو ايندو هوگڙي،

ڄام انڙ هو سدائين، سال سائي جي ڦڙي.

ابڙو اگهاماڻي:

جنگ جهڙڦڙيو جيارو، پارڪر جنهن جي پچار،

سو سخي ابڙو اگهاماڻي نشانبر، نامدار.

سپڙ چوٽاڻي:

هو سپڙ چوٽاڻ اندر، ڳالهه جنهن جي هئي گهڻي،

ڀٽ مٿي برسات وانگر، ٿي وٺو ٻيلي ڌڻي.

ڏياچ ويراڻي:

جنهن جي آڏو هئا سخي، ڏاتا مڙئي مثل ڪاچ،

منجهه برن باران ٿي برسيو ٿي ويراڻي ڏياچ.

گنگاجر جکرو :

جنهن جي در سائل سوين، آيا ٻَهوڻا ٻيل ٿي،

سو گنگا جر نام برسيو مينهن جان هر ويل ٿي.

لاکو ڦلاڻي:

لک لٽايا ڄام لاکي، هو سخي سورهيه سٺو،

جيئن پون ساوڻ ۾ ڇنڊون، تيئن ڦلاڻي ٿي وٺو.

ڄام راهو:

ميگهه وانگر مهڪ جنهن جي، جو سدا آباد هو،

راهه ويندن کي سدائين ڄام راهو ياد هو.

ڄام ڪرن:

بوند جيئن برسيو ڀڻي، هو مرد مهراڻي جو مير،

قربداري ۾ ڪرن، هردم رهيو وينجهار وير.

جکرو هوٿياڻي:

جوان جهڙ جيئن ٿي رهيو، سو جنگ جکرو ڄام هو،

هوٿياڻي جي هٿان، جاري سدائين ڄام هو.

ٿانور:

جنهن سخي جي هئي سخا، ٿر بر ۾ بارش جيئن بحال،

گنج گوندي ۾ اِهو ٿانور ڀٽي هو بي مثال

 

برق (ڏهس تضمين)

۱.              

بجلي حسن رپ جو بروي سان بهار،

”نبيريان نه نبري هينئڙو پريان ڌار.“

۲.            

کنوڻ جيئن کِنوي پئي، پر ساڙي وڌس سوڪ،

”اچيو اچيو اگلي ليلان کي چئي لوڪ.“

۳.            

ڌرتي مٿي دامني، لوهاڻي لائين،

”نيهن نوازي، سهڻي توڏي توڙائين.“

۴.            

پونگل ڳڙهه ۾ پدمڻي، ٿي چيهه، هنيا چنجور،

”مارئي ايسي پاتلي جيسي رين کجور.“

۵.             

ڀڙڪا ڏئي برق جان سورن سندي سانگ،

”سسئي مور ٻچن جيئن ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ.“

۶.            

ڪامڻي ڪنگور جيئن، چمڪي پئي چوڌار،

”سورٺ مئي سک ٿيو، کيما کنيا کنگهار.“

۷.            

سٽڪي سيلهي جيئن اٿي برهه ٻاري باهه،

”ڪونروءَ ڪوسو چاڙهيو، ليلان پنهنجو لاهه.“

۸.            

ماري جنگ جوان ڪيئن، ڌُم ڪئي در پور،

”مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور.“

۹.            

چمڪي ٿي چهنگ جيئن نوري نماڻي،

”هٿين پيرين ارڪڻين، منهن نه مهاڻي.“

۱۰.     

مهراڻي جي ملڪ تي ٿي ڪيا وراڪا وڄ،

”اهڙي صورت مارئي جهڙي صورت سڄ.“

۱۱.       

چاها جي چمڪار سان هئي مهر مٿي مهراڻ،

”ڪڻ ڇڏي تُهه ميڙيا، ڀوري منڌ اًڄاڻ.“

۱۲.     

قهقهه ڪپوري هي، هاڃي ڀڳس هوڏ،

”ننگر گهڻا نهاريا، تنهن ڪارايل ڪوڏ.“

۱۳.     

لائق هئي لائيٽ کان، وسڪاري ورونهه،

”سونهن وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونهه.“

۱۴.     

روشن هيين روشني، ڪهڙو ڪم ڪيوءِ،

”برتڻ بيراڳن جو، ڀوري ڪيئن ڀڳوءِ؟“

۱۵.      

اوندهه اندر سوجهرو، پير پروڙي پاءِ!

”کنڀاتڙي تڙ وري، اڀي تڙ واجهاءِ.“

 

(ٽه-ماھي مھراڻ، ۴-۲۰۲۱ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment