Sunday, July 31, 2022

کدڙا فقير - خالد ڪنڀار

کدڙا فقير

خالد ڪنڀار



ھاڻ سڄي دنيا جي سھڻن ڇوڪرن لاءِ اھو ڏکيو دور ته ناھي رھيو. پر اڳي اھي ئي سھڻا ڇوڪرا جن جي گلي جو آواز سھڻو ھوندو ھو. انھن سھڻي چمڙي ۽ سريلي گلي وارن ڇوڪرن کي ھر سال سَوَن جي تعداد ۾ رڳو روم جي پوپ جي حڪم تي کدڙو ڪيو ويندو ھو. اھو انھي ڪري جو ھنن جي گلي جي سريلي آواز جي اھا دلڪشي بيقرار رھي سگھي. جيئن اھي سھڻا ڇوڪرا مذھبي منڊلين ۾ پنھنجي سريلي آواز سان سنگيت ڳائي سگھن. انھي ئي وقت روم جي چرچن ۾ ھڪڙي وقت ٻه سئو کان مٿي کدڙا ٿيل سھڻا ڇوڪرا ڳائيندا ھئا. انھن کدڙا ٿيندڙ سھڻن ڇوڪرن ۾ وري ڪي ڪي ته اھڙا حد درجي جا سھڻا به ھوندا ھئا، جن کي پري پري کان ماڻھو ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا. انھن چرچن ۾ رھندڙ ڇوڪرن مان ڪي ڪي ته پادرين جا صفا خاص ھوندا ھئا. اھين وري ايران جي شھنشاھ کي به ڪجھـ حڪومتون سھڻا ڇوڪرا خراج ۾ به ڏينديون ھيون. انھن خراج ۾ مليل سھڻن ڇوڪرن مان به گھڻن کي کدڙا ڪري حرم ۾ رکيو ويندو ھو. اھي خاص ڪنيزن جي حفاظت لاءِ ھوندا ھئا. چون ٿا ته اھي سھڻا ڇوڪرا کدڙا ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي مزاج ۾ صفا سخت ۽ گھڻا بي رحم ٿي ويندا ھئا. اھي حرم جي آس پاس به ڪنھن کي اچڻ نه ڏيندا ھئا. وينس جنيوا ۽ فلورين سان گڏ پوري يورپ ۾ غريب والدين ھڪڙي دور ۾ انھن سھڻن ڇوڪرن کي وڪرو به ڪندا ھئا. پوءِ اھي وڪرو ٿيل ڇوڪرا کدڙا ڪري پوري دنيا ۾ موڪليا ويندا ھئا. اھين اھو ڇوڪرن جي وڪرو جو ڪاروبار به ھلندو ھو. فرانس ھڪڙو پورو دور انھن ڇوڪرن جي ڪاروبار ۾ سڀني کان اڳتي ھو. انھن کي کدڙا ڪري ٻين ملڪن کي موڪلڻ فرانس جو اھم ڪاروبار ھو. اھي ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي کدڙا ڪرڻ کانپوءِ گلوڪاري ۽ موسيقاري جي تربيت ڏئي اسپين ۽ اٽلي موڪليندا ھئا. انھن ڇوڪرن جي ڪنن ۾ موتي پارايا ويندا ھئا. انھي وقت ۾ چون ٿا ڇوڪرن کي کدڙا ڪرڻ جا ڪارخانا به فرانس ۾ ھوندا ھئا.


کدڙو ڪرڻ جي طريقي وقت پٿرو سان ڪچليو ويندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن لوھ جي سيخ صفا گرم ڳاڙھي ڪري انھي سان نشان لڳايو ويندو ھو. ڪٿي ڪٿي وري بانس جي ڪئنچي استعمال ڪئي ويندي ھئي.

گھڻن ملڪن ۾ وري جيڪڏھن ڪنھن جا ڪنھن سان ناجائز تعلقات ھوندا ھئا. ته بنياد تي به انھن مردن کي کدڙو ڪيو ويندو ھو. ھندستان ۾ وڏين ذاتين جي توھين ڪندڙ ننڍين ذاتين جي مردن کي به کدڙو ڪيو ويندو ھو. اسڪاٽلينڊ يارڊ ۾ ته جرمانو نه ڀرڻ جي صورت ۾ مجرم کي به کدڙو ڪيو ويندو ھو. اھي بادشاھ ۽ شھنشاھ جن کي پنھنجي ئي ويجھن عزيزن مان اھو کٽڪو ھوندو ھو ته اھي سندن مرڻ کانپوءِ اقتدار تي قبضو ڪندا ۽ ھنن جي اولاد کي تخت تي ويھڻ نه ڏيندا ته اھي بادشاھ ۽ شھنشاھ وري انھن پنھنجي ويجھي رشتيدارن ۽ سندن اولاد کي کدڙو ڪرائي ڇڏيندا ھئا ته جيئن انھن جو نسل نه وڌي سگھي. انھي ئي زماني ۾ جنگين ۾ جيڪو کٽيندو ھو اھو ھارايل قوم جي سپاھين کي به کدڙو ڪندو ھو. فاتح قوم کي خراج ۾ مفتوح قوم طرفان سھڻا ڇوڪرا ڏيڻ جو رواج به ھو. ھندستان جي مغل دور ۾ درٻارن جي اندر کدڙا نه صرف حرم ۾ ڪنيزن سان گڏ ھوندا ھئا، پر انھن جو درٻار ۾ به وڏو اثر رسوخ ھوندو. اڪثر راجا ۽ امير، وقت جي بادشاھ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ درٻار ۽ محل جي کدڙن کي استعمال ڪندا ھئا. ڪي بادشاھ ته تاريخ ۾ کدڙن جي ھٿان قتل به ٿي ويا. يوسف کدڙي پنھنجي ھڪڙي عاشق بادشاھ کي قتل ڪري بادشاھ جي پٽ کي تخت تي ويھارڻ چاھيو ٿي. جڏھن بادشاھ کي اھا خبر پئي ته بادشاھ ننڊ جو بھانو ڪري خواب گاھ ۾ ويو ته يوسف پاڻ ھن تي خنجر سان وار ڪيو. بادشاھ ھن جي ٻانھن مان جھلي ورتو. بادشاھ پنھنجي قتل جي سازش پاڻ ناڪام ڪئي. پر بادشاھ يوسف کدڙي جي عشق ۾ اھڙو قابو ٿيو جو پوءِ به ھن انھي کدڙي کي ڪجھ به نه چيو. بادشاھن ۽ شھنشاھن سان گڏ انھن جي اميرن ۽ وزيرن جا ڪيترا ئي قصا ۽ ڪھاڻيون کدڙن جي ذڪر کانسواءِ اڻپوريون ۽ اڌوريون آھن. انھن درٻارن ۾ سھڻا کدڙا ڳائيندا به ھئا ته رقص به ڪندا ھئا. انھي رقص سان ھو ڪيترين ئي دلين کي بيچين ڪري ڇڏيندا ھئا. اتي جي عشق جي ڪيترن ئي قصن ۾ ھو محبوب به رھيا. انھن کدڙن ۾ ڪي کدڙا مرد کدڙا ھئا ته ڪي وري عورت کدڙا ھئا. درٻارون ۽ محل، کدڙن سان به روشن ھئا.

درٻارون ۽ محل ختم ٿيا، راجائن ۽ مھاراجائن جا دور پورو ٿيو. بادشاھيون ۽ شھنشاھيون ختم ٿيون ته کدڙا به بي گھر ٿيا. اتان کانپوءِ کدڙن مڙھيون وسايون، گرو ۽ چيلا ٿيا. اھين ھو ھڪڙي الڳ دنيا ٺاھي ويھي رھيا. پاڻ ۾ علائقا کدڙن ورھائي ورتا. ھڪڙي کدڙي کي ٻئي کدڙي جي علائقي ۾ وڃڻ جي اجازت نه ھئي. پٽ جي ڄمڻ تي گھر جي اڱڻ ۾ کدڙي جي تاڙي جو آواز اچڻ لڳو. کدڙن لاڳ وٺڻ شروع ڪيا. اھين ٿيندي ٿيندي ميلن تائين پھتا. پوءِ سرڪس جي کوھن ۾ ڏٺا ويا. پوءِ ته کدڙن جون راتڙيون زھر ٿيون. مڙھي جا پنھنجا اصول ھوندا ھئا. ھنن اھي اصول ٽوڙي ڇڏيا. انھن اصولن ٽٽڻ جي ڪري مڙھيون به ويران ٿي ويون. نه گرو گرو رھيا، نه چيلا چيلا رھيا. نه ته اڳي باقائدھ چيلي ٿيڻ جي رسم ٿيندي ھئي. انھي ۾ سڀ کدڙا شرڪت ڪندا ھئا. انھي ۾ جيڪو کدڙو ڪنھن گرو جو چيلو ٿيندو ھو ته سڀ کان پھرئين اھو گرو سڀني شرڪت ڪندڙ کدڙن کان پڇندو ھو ته ھي کدڙو اڳي ڪنھن جو چيلو ته ناھي. اگر ڪو کدڙو چوي ته انھي چيلي ٿيندڙ اڳي مون کان سئي لڳرائي آھي ته انھي جو جرمانو ٿيندو ھو. نئون گرو اھو رقم اڳئين گرو کي ڀري ڏيندو. انھي سان اھو چيلو پاڪ ٿي ويندو پوءِ نئون گرو وري ھن جي ڪن ۾ نئين سئي ھڻي، ھن کي پنھنجو چيلو ڪندو ھو. پوءِ گرو حيثيت سارو انھي کي گفٽ ۾ شيون ڏيندو ۽ سڀني شرڪاءِ جي اڳيان اھو قبول ڪندو ته ھن چيلي اگر ڪا غلطي ڪئي ته انھي جو آئون گرو ذميوار رھندس. اھو چيلو وري جيڪو ڪمائي ايندو ھو انھي مان اڌ پنھنجي گرو کي ڏيندو آھي. ڪي ڪي گرو ته پنھنجي چيلن کي ڏاڍي بري طرح سان تشدد جو نشانو بڻائيندا آھن. اھين ھر کدڙي جي پنھنجي الڳ ڪھاڻي آھي. اھا ڪھاڻي ڳوڙھن ۾ ٻڏل ڪھاڻي آھي. ھڪڙي کدڙي چيو ته ”اسان کي ڄڻي ڪير ٿو ۽ نپائي ڪير ٿو“. انھن کدڙن ۾ وري ٻه قسم ٿيندا آھن. ھڪڙا بادشاھ زادا ۽ ٻيا وزير زادا. انھن جي پٺيان ۾ ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ کدڙا، ڪنڀار جي آوي ۾ پناھ وٺن ٿا. انھي ڪھاڻي جي ڪري کدڙي جو ڪنڀار سان رشتو رھيو آھي. اڳي ته کدڙا ڪنڀار جي گھر مان لاڳ به ڪو نه وٺندا ھئا. جنھن ڳوٺ ۾ ڪنڀار جو گھر ھوندو ھو ته ھو ماني به ڪنڀار جي گھر کائيندا ھئا ۽ رات به ڪنڀار جي گھر رھندا ھئا. پر ھاڻ کدڙا، ڪنڀار کان به لاڳ وٺندا آھن. کدڙا پاڻ ۾ شاديون به ڪندا آھن. انھن جون ريتون رسمون به آھن. انھي لاءِ اوھان کي پاڪستان جي کدڙن تي ھڪڙي صفا ڪمال جي ڪلاڪ جي ڊاڪيومينٽري آھي ”پاڪستان ٽرانسجينڊر ھڊن اسٽوري“ اھا ڏسڻ گھرجي. اھا ڏسڻ سان پاڪستان ۾ کدڙن جي درد جي ڪھاڻي جي به خبر پئجي ويندي. انھي کانسواءِ علي عباس جلال پوري جي جنسيات واري ڪتاب ۾ به اھي ڳالھيون پيون آھن. انھي کانسواءِ مٿيون گھڻيون ڳالھيون اختر حسين بلوچ جي ڪتاب ”تيسري جنس“ ۾ آھن. جيڪو صفا ڪمال جو ڪتاب آھي. انھيءَ ۾ ڪافي کدڙن جا تفصيلي انٽرويو به آھن. ھي ليک انھي ڪتاب جو رويو آھي. اھي ٻئي ڪتاب پڙھندا ۽ ڊاڪيومينٽري ڏسندا ته اوھان کي اھا سڄي ڪھاڻي سمجھ ۾ آساني سان اچي ويندي. انھي ۾ کدڙن جي پنھنجي مخصوص زبان چاند جو به ذڪر آھي. کدڙا ڪيئن گريا رکندا آھن. باقي کدڙن جي جنازي ۽ سھڻي کدڙي تي ڪنھن ٻي ڀيري.

 

(خالد ڪنڀار جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment