Saturday, July 30, 2022

ٿرپارڪري لوڪ ڏاھپ ڀارومل امراڻي

ٿرپارڪري لوڪ ڏاھپ

ڀارومل امراڻي



* رسول حمزاتوف! جيئن تنهنجي لاءِ دنيا جي شروعات داغستان جي پهاڙن کان ٿئي ٿي، ايئن منهنجي لاءِ دنيا جو صبح ڪارونجھر جي ڪور تان اُڀري ٿو. تو پنهنجي ڳوٺ سداگام کي محبوب لکيو آهي. آئون منهنجي ٿر جي هر واهڻ وستي کي محبت جو مرڪز سمجهان ٿو.

* ٿر ۾ جتي مارئي ڄائي، اتي ڦوڳ به پيدا ٿيو هو. اڄ به آزمائش جي گهڙي اچڻ تي ڦوڳ جا وارث چٽا ٿي پوندا آهن.


* ”جتي روي نه پهتو اتي ڪوي پهتو. يعني شاعر جي تخيل جي اڏام سج جي روشني کان به بلند آهي. هي منهنجي خطي جي عام ڪهاوت آهي. انهي کان وڌيڪ شعر سناشي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو.

* اسين ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ اڪ جهڙي ڪڙي ڪساري وڻ ۾ ڦٽندڙ ڦلڙين مان جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون.

* باز کي اُڏام ۽ جهڙپ کانسواءِ ڇا ٿو اچي؟ هن وٽ ٻين پکين جهڙي مٺڙي ٻولي به ناهي. پاريهر جي ڳٽڪار ۾ ازل جي گيت جهڙو آلاپ آهي، جنهن کي ٻڌڻ جي لاءِ منهنجي ٿر جا ماڻهو وڏي اسر جو اٿي پکين کي داڻا ڏيڻ لاءِ ويندا آهن.

* منهنجي شاعري، ڪتين جو جهرمر ۽ منهنجو نثر، ٽيڙوءَ جو اهو ٽِمڪو آهي جنهن جي اڀرڻ ۽ لهڻ تي، منهنجي خطي جا ڌنار، مال وٿاڻ ڏانهن واريندا ۽ وٿاڻ مان اٿاريندا آهن.

* ٿر جي واريءِ تي هلندي منهنجي پيرن ۾ ايترا ڇالا ٿي پيا آهن، جو هاڻي جتي به لاهي نٿو سگهان، تون منهنجي پويان اچڻ چاهين ٿو ته رت-ڦڙن واري واٽ وٺيو هليو اچ. مون پنهنجا پير ڦٽي پويان ايندڙ پانڌيئڙن جي لاءِ گهاڙو گهڙي ڇڏيو آهي.

* منهنجي خطي جي مردن وٽ، عورت جو عاشق نه پر معشوق ٿيڻ جي روايت آهي.

* حسد اها آڳ آهي جنهن ۾ دشمن سان گڏ دوست پڻ سڙي ويندا آهن. اسين حسد جي آڳ کان گهڻو پري، محبت جي اولي ۾ رهون ٿا. جتي نه حسد جي آڳ جلائي سگهي ٿي، نه نفرت جو پاڻي ٻوڙي سگهي ٿو.

* ڌرتي تي وڇون ڏسي منهنجا همعصر حيرت نه کاءِ، اونداهه راتين ۾ اڀ جي تارا منڊل ۾ پڻ وڇون نظر ايندو آهي.

*آئون ۽ وويڪ آنند سوچ ۾ سرچي نه سگهيا آهيون، منهنجي سوچ جو سفر پنهنجي ڌرتي کان شروع ٿئي ٿو، آئون پنهجي وارياسي ڀون تي سانوڻ جو صبح ڏسڻ چاهيان ٿو.

* ماڻهو ڪيترو به ڪٻو ٿي وڃي، پر ڌرتي جي پيٽ ۾ اچڻ سان سڌو ٿي پوندو آهي.

* ”ماءُ کان وڌ ڀانئي هُو ڏائڻ آهي“. (هڪ ٿري چوڻي)

* سانوڻ جي رت ۾ ڀتوارڻ جڏهن مٿي تي ماني جو ٽٻڪو (کارو) رکي ٻني ۾ هر ڪاهيندڙ پنهنجي ور لاءِ ماني کڻي رواني ٿيندي آهي، تڏهن هن جي ٻانهياري لوڏ تان لکين حسن جا منظر گهوري ڇڏڻ تي دل چوندي آهي.

* اسان وٽ انساني عظمت کي اڳيان رکي فن جي تخليق ڪئي ويندي آهي، وارياسي خطي جي روايتن ۾ مٽي ۽ ماڻهو مقدس آهن، مٽي جي محبت ۽ ماڻهپي جي مان کانسواءِ فن وڌوا جو ويس آهي.

* سماجي اوسر جي ايجنڊا ايستائين اڌوري ۽ اڻپوري آهي، جيستائين ڌرتي جا قديم ماڻهو هن سفر ۾ شامل نه آهن.

* شاه لطيف جي شاعري جيان شيخ اياز جي شاعري، اسان ٿر جي ڀٽن ۾ ڏٿ وانگر ڳولي لڌي آهي، هاڻي اياز جا نقاد ڊرائنگ رومن جا دانشور نه پر لُڪن ۾ هلندڙ اسين کٿيرا هونداسين، شيخ اياز جي شاعري جو واس ٿر جا ڪولهي، ڀيل، منگهواڙ ۽ سماٽ محسوس ڪندا، جيڪي هن ڌرتي جا اصل ڌڻي آهن.

* ماڻهوءَ جا ميرڙا ڳل به سڳنڌ ڀري اجري گل کان پيارا هوندا آهن. هڪ دفعي هٿ ڇهاءُ سان نازڪ پنکڙين جو ساءُ وسري ويندو آهي.

* ٿر ۾ رنگين روايتون آهن ته سنگين حڪايتون پڻ ملن ٿيون. زندگي ڪڏهن مٺي مرڪ جهڙي لڳندي آهي ته ڪڏهن ڪوسي لڙڪ جهڙي پڻ محسوس ٿيندي آهي.

* اسين قربن جا ڪٺل اهي ماڻهو آهيون، جيڪي وڇوڙي جو وِھُ پي سگهو ٿا، پر پنهنجي پياري کي وسارڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهو.

* وقت جي هڪ حاڪم، هڪ فقير کي هزارن جي دستي ڏيندي چيو ته؛ هي وٺ پئسا، ماڻهن کي چئجان ته هڪ حاڪم مليو، جنهن مون کي هزارن جي دستي ڏني.“ فقير دستي وٺي، نفرت جي پوري شدت سان هيٺ اڇلائي، چيائينس؛ تون به ماڻهن کي ٻڌائجان ته هڪ فقير وٽ، حاڪم جي ساراهه ڪرڻ جي لاءِ مليل پئسن جي ڪيتري اهميت هئي.

* اسين ان مٽيءَ جا ٺهيل آهيون، جنهن تي جبر ۽ ظلم ڪو اثر نه ڪندو آهي، ان جي ڪري اها هر ڪو ذهن مان ڪڍي ڇڏي ته هو اسان کي جهڪائي سگهي ٿو.

* ڪتي جي ڀؤنڪ تي ڪڏهن ستارا ڇرڪندا نه آهن، ڪڏهن چنڊ کي چڙ نه ايندي آهي، ڪڏهن سج جي روشني ۾ گهٽتائي نه آئي آهي، ڪڏهن وڻن جي ڇانو ڇڊي نه ٿي آهي، ڪڏهن گلن جو واس ڪوماڻو نه آهي ته پوءِ تو تي ۽ مون تي ڪهڙو فرق پوندو.

* ڌرتي ڪنهن خاص ٽولي جي نه پر پنهنجن سمورن ڪارن گورن، ننڍن وڏن ۽ ڪک ڄاون جي ماءُ هوندي آهي.

* وارياسي جا گل، اڪثر ٽڙڻ کان اڳ ۾ ڇڻي ويندا آهن. ڪو ورلو لُري ۽ لُڪ سهي ٽڙندو آهي. جنهن جو ٽڙڻ جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي. هن جي حسن تي آڪاش جا نو لک تارا موهجي پوندا آهن. سانوڻ جا بادل مينهن ڦڙا وسائي هن سان پريت جو اظهار ڪندا آهن.

* دنيا جي سچي ۽ سولي حقيقت؛ هڪ سج ۽ ٻه پاڇا آهي.“ جنهن کي هر ماڻهو چٽو ڏسي ۽ سمجهي ٿو. اسين ٿر جا ماڻهو، سج جي پهرئين ڪرڻي کان اڳ، پاڻي ڳڀي جي لاءِ نڪري پوندا آهيون ۽ سج لٿي گهر ورندا آهيون. ٻئي پاڇا جيئڻ جا جتن ڪندي، مٿي لنگهائيندا آهيون.

* گوڙي مندر کان هيٺ ويندي پوري پارڪر ۾ سرخ گهوڙا نظر ايندا، هي پارڪر جي رهواسين بيگڙي جي حملي کان پوءِ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت جي لاءِ تيار رکيا آهن، جيئن ڪو بيگڙو ٻيهر حملو نه ڪري سگهي.

* پئسي کي ڪيڏي به همه گير طاقت ملي وڃي، پر پيار کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي. پئسي تي جسم خريد ڪري سگهجن ٿا، پر روح نه. روح ته پيار ۾ صرف روح سان رچندو آهي.

* اڪيلائيءَ جي راتين ۾ ڪنهن تڙپ ۽ تمنا ۾ لڇندي ڏسي چنڊ واريءَ جي دڙن تي ذرو ذرو ٿي ويندو آهي. من موهن ڀڳت جو روح بڻجي ڀٽائي جي آڳر تي حا ضري ڀري ڳائيندو ايندو آهي ته؛ ”سر تيون اَهين تان وڃو ڙي وڃو، منهنجو لکيو لڪن سان.....“.

* ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ظالم ماڻهو جي اندر ۾ پڻ شرافت ائين جهلڪو کائيندي آهي، جيئن ٿر ۾ مينهوڳيءَ جي ڪاري رات جو، وڄ چمڪندي آهي. (تلسي ڪرت رامائڻ)

* ڳاڙھاڻ، گلن ۾ جيئن سهڻو ڏيک ڏيندي آهي تيئن ماڻهو جي ڳلن تي به پياري لڳندي آهي. پيلاڻ، رڳو گلن ۾ سونهي ٿي.

* سج کي پنهنجي روشني آهي، پوءِ به گرهڻ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دئيت به ديوتائن تي ڀاري ٿي ويندا آهن. پر انهن جي فتح عارضي هوندي آهي.

* گرهڻ سج جو هجي يا چنڊ جو، اسان وٽ گرهڻ کي روشني ۽ ماڻهو جي وچ ۾ رڪاوٽ سمجهيو ويندو آهي. احتجاج طور گرهڻ وقت ماني نه کائبي آهي ۽ پاڻي ۾ ڊڀ اُڇليا ويندا آهن. جيئن ڊڀن جي تيز ڌار، پاڻي ۾ پاڇولي کي ٽوڙي ٿي، تيئن گرهڻ پڻ ٽٽي پوي.

* پکي اونداهه راتين ۾ به پنهنجو آکيرو ڳولي وٺندا آهن. اسان جي پيار جا پکيئڙا سڏونت سارنگا جهڙي سڪ، روح ۾ سمائي پهرن جي اونداهه ۾، پنهنجي پريت تائين پهچندا آهن.

* اسان وٽ ماڻهوءَ جي سونهن جو معيار؛ ٻاجهارو سڀاءُ، گهڻگهرو من ۽ اعتماد جو عڪس رکندڙ اکيون آهن. ۽ ڪوجهپڻي جي دائريڪار ۾؛ ماڻهوءَ جي من ۾ ڪوڙ، سُڀاءَ ۾ ڏاڍ ۽ اکين ۾ لوڀ جا ليئا اچن ٿا.

 

(ڀارومل امراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment