ڪنڀارڪي ھنر جي اھميت
موسيٰ ڪنڀر
ارتقائي طور انسان
جڏهن غارن جھنگلن کي ڇڏي پاڻي جي پيچرن ڀرسان گھر اڏي پاڻ ۾ ملي جلي ويٺو ته تهذيب
جي ارتقا شروع ٿي، پهرين هن ڪچا ۽ پوءِ پڪا گھر اڏيا، حملي کان بچڻ لاءِ ڪاٺ جا هٿيار
۽ ٻني جي کيڙڻ لاءِ هر ۽ پاڃاري ٺاهيا. اناج رکڻ لاءِ گنديون، ماني پچائڻ لاءِ
دانگي ۽ ٻوڙ رڌڻ لاءِ ڪني ۽ ٿڌو پاڻي رکڻ لاءِ گُندي ٺاهي. اهڙي ريت واڍڪي، رازڪي
۽ ڪنڀارڪي ڪم اهميت ورتي. مطلب ته ڪنڀارڪو ڪم ايترو پراڻو آهي جيتري انسان جي
تهذيب. هن ڪم جا ۱۲ هزار سال آڳاٽا نشان چين مان لڌا ويا، جيڪي چڪ بدران هٿ سان ٺاهيل آهن،
(چائنا آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۲۰۰۰ع). ۸ هزار سال مهر ڳڙهه ۽ سنڌ جي آمري واري دڙي وٽان هٿ سان
مٽي جا ٺاهيل ٿانو لڌا ويا آهن، جڏهن ته عراق ۾ ۴۰۰ ق. م جي دور جو چڪ هٿ آيو، عراق کانپوءِ اهو
هنر ايران آيو جتي چڪ جي ڪجهه جديد صورت ٺهي، مصر ۾ به ڪنڀارڪا ٿانو ۽ انهن کي
پچائڻ لاءِ آوي هٿ آئي. ايران وٽان بلوچستان ذريعي سيوهڻ ۾ ڪنڀارڪو هنر پهتو، جيڪو
اپر توڙي وچولي سنڌ، لاڙ، ٿر، ڪڇ ۽ گجرات جي مارواڙ علائقي ۾ پهتو.


