Sunday, January 30, 2022

ھيڏھون جو ھوڏي - ابراھيم کرل

ھيڏھون جو ھوڏي

(لوڪ ڏاھپ)

ابراھيم کرل



لوڪ ڏاھپ به ڪمال جي ھوندي آھي، جنھن ۾ زندگيءَ جا تجربا ۽ مشاھدا بيان ڪيا وڃن ٿا، اڳڪٿيون، انومان، وھم وسوسا، کٽڪا الڪا، مطلب ته زندگيءَ جون اھي سڀ ٿيڻيون، اڻ ٿيڻيون ڳالھيون، به بيان ڪيون وينديون ھيون، جن جو گمان سوچ، ساڀيان، خواب، شعور لاشعور ۾ واسو ڪندو ھو. سنڌ جي لوڪ ڏاھپ به اھڙن اڪيچار مسئلن سان ڀري پئي آھي.


ڪوھ مڙئي ڪوھ پر اڻ سونھينءَ اوکو گھڻو” غور ڪري ڏسبو ته ھي ذو معني شعر ھڪ ته مفاصلي جي ترجماني ڪري ٿو ۽ ٻي طرف وري ڪوھ معني جبل، جيڪڏھن پنڌ ڏانھن خيال ڪيون ٿا ته ھڪڙو ڪوھ (ميل) يا وري اڄوڪو ڪلوميٽر به ناواقف ماڻھوءَ لاءِ الائي ڪيترو پنڌ آھي.

ڪوھ کي جبل چئون ته جبل جي پنڌ جو ڪوھ به ھلڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. سونھان ماڻھو ته جبل جھاڳي ٿا وڃن پر اڻ سونھين لاءِ اھو ڏکيو ڪم آھي. اڄڪلھ وک کان ويندي ڪوھ تائين جو پنڌ يا ان کان به وڌيڪ مفاصلو طئي ڪرڻ ھاڻي ڄڻ ته خواب مثل ٿي پيو آھي، سائنس جي ترقي ۽ نين ايجادن اھڙيون ته مشينون يا ڪلون ايجاد ڪري ڇڏيون آھن جو، پل ۾ ماڻھو الائي ڪٿان جو ڪٿي پھچي وڃي ٿو، پيرن جو ھاڻي پنڌ، ھوائن جي ور چڙھي ويو آھي، جيئن محبت ۾ مسافريون ڪرڻ، جبل جھاڳڻ، ور وڪڙن وارا پيچرا لتاڙڻ، ھاڻي ديواني جو خواب ٿي پيا آھن،  تيئن حاصل ڪرڻ، وري لاحاصل جھڙي تڙپ کي به شڪست ڏئي ڇڏي آھي، اھڙا اوزار ايجاد ٿي ويا آھن، جيڪي اھو سمورو احوال آڻي آڏو رکن ٿا ته محبوب جي لوڪيشن ڪھڙي آھي، اڳي ماڻھون منھن ڏسڻ لاءِ پيو ڪشالا ڪٽيندو ھو، برن ۽ جبلن کي جھاڳڻ جو جوکم وارو ڪم ڪندو ھو، پر ھينئر پنھنجي ھٿ ۾ جھليل موبائيل جي اسڪرين تي ويٺو ڪچھريون ڪري، ۽ محبوب جا پيلا ڏند ويٺو ڏسي، اڳي محبوب جو ديدار ڪرڻ لاءِ ٻاٿون پيون کائبيون ھيون، درين مان ديدار ٿيندا ھئا، ھاڻي اھا دري ھٿ ۾ جھليل موبائيل مان ظاھر ٿي ٿئي،.

سچل جو ڪلام؛ ”دريءَ منجھاران دوست ڏٺوسي، لالڻ ليئڙو پائي جي ھليو ويو الا ڪنھن کي ٻڌايان حال ڙي جيڏيون”

ھاڻي نه اھو لالڻ رھيو ۽ نه اھا دري جنھن مان ديدار ڪبو ھو، وڊيو ڪال، ھڻي ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيو.

ھاڻي عاشق شھر ۾ دانھون ڪندي اھو ڪونه ٿا چون ته؛ “ھڪ شخص ھڪڙي شھر ۾ دانھون گھڻيون ڪيون، بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون.” وڃڻ ۽ پنڌ ڪرڻ، دانھون ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪونھي. اڳي محبت ڪرڻ واري لاءِ سوکڙيون کڻي وڇبيون ھيون، جنھن ۾ مصري، مساڳ، ميندي، ڪو وڳو يا ڀڳل مائو وغيره ته محبوب پيو ماڻا ڪندو ھو ته “ھي تڪليف ڇو ڪيئي، مان ڪٿي لڪائيندس، پڪڙجي پوان ته سسي جسم کان ڌار ھوندي.”، پر اڄڪلھ، آن لائين خريداريءَ اھڙو ڪم سولو ڪري ڇڏيو آھي جو، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪٿان به محبوب لاءِ قيمتي شيون خريدي موڪلي سگھجن ٿيون، پارسل جو پھچي ٿو ته اڳم اھو غيرتمند مڙس رسيو ڪري وڃي عورت جي جھول ۾ رکي ٿو، “چڱو ڪيئي گھر ويٺي گھرايئي، ڪير بازار جا ڌڪا ٿاٻاکائي ھا. “

رواج، روايتون مٽجي ويا.

“سھڻا تون نه وڃ لاڙ، پکو مان جھلينديسانءِ” لاڙ وڃڻ به ڪو اوکو ڪم ھو، جنھن جي بدلي پکو ھڻڻ جھڙو ڪم سر تي کنيو ويندو ھو، ھينئر ته مڙس زالن کي ويٺا پکا ھڻن ۽ پکا جھلين، سو اھي چيڪلي وارا چڪر ئي مٽجي ويا ۽ پنڌ کٽي پيا آھن، بيل گاڏيون ويون، شاھي بگيون ختم ٿي ويون، گھوڙا نڪري ويا جن جاطنبيلا ٺھيل ھوندا ھئا۽ کين کرکلا لڳندا ھئا، ھاڻي ته کرکلن جو نانءُ نشان ئي ڪونه ٿو ملي، گڏھن جي ڪڍ اھي چائنا وارا اھڙو اچي پيا آھن جو، ويچارن ھينگڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي ته متان سنڌ جي ماڻھن وانگر کنڀجي وڃن، ھونئن نه ته لٻاڻا ھروڀرو پيا گريس لوڳيندا ھئا ته، ٻه آڱريون ڀري گڏھ جي خلا ۾ ڦيري سڪون جي ننڊ ڪندا ھئا، لوڪ قصن ۽ ڪھاڻين ۾ شد مد سان بيان ٿيندڙ ھي گڏھ پنھنجي اوقات وڃائي ويٺا آھن، جن جي جاءِ ھاڻي لوڊر اچي والاري آھي، گڏھ ڏيو لوڊر وٺو جيئن ڪو زمانوھو ته لوھ برابر ٻٽالون جو ھوڪو ٻڌي اسان پراڻو لوھ سائيڪل يا ريڙھي واري کي ڏئي ٻٽالون وٺي باھ ۾ وجھي لاھوري گجر جون سڪون لاھيندا ھئا سين، تيئن چائنا ھاڻي ھڪ گڏھ جي عيوض لوڊر ڏئي رھي آھي، ۽ گڏھ مان چائني ڊش ٺاھي عياشي ڪري رھي آھي، اسان وٽ گڏھ وڌي رھيا آھن، اھي جانورن ۾ نه پر ٻي مخلوق ۾ جيڪي مسلسل ھينگي رھيا آھن، جنھن جو علاج به شايد چائنا وارن وٽ ھجي.

No comments:

Post a Comment