Wednesday, February 2, 2022

ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري ڳئون - اياز حيدر پتافي

ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري ڳئون

اياز حيدر پتافي



سنڌ واسي ۸۰ سيڪڙو هن نسل کان بي خبر آهن آئون به ۲۰۱۹ع کان پهرين ڳاڙهي سنڌي ڳئون يا مليري نسل Breed جهڙي ناياب نسل کان بي خبر هيس. ٿي سگهي ٿو ملير ڪراچي يا لاڙ جا ڀاڳيا هن نسل کان واقف هجن، آئون زندگي ۾ پهرين دفعو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ريسرچ فارم ۾ مليري ڳئون ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو هيس ته اهڙا بريڊ سنڌ وٽ هجڻ باوجود اسان دنيا جا بريڊر ۽ فريزن نسل پالڻ جي پويان ڇو آهيون دنيا اسان جا نسل پئي پالي اسين دنيا جا؟


وري جڏهن آ هڪ معزز انهيءَ لاڳاپيل کاتي ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ خاص ڪر سنڌ جي ڳئن جي نسلن تي وڏي تحقيق ڪئي آهي ۽ اڃا ڪري پيو هن ٻڌايو ته سنڌ جون ٽئي ڳئون مليري يا ڳاڙهي ڳئون، ٿري يا ٿرپارڪر ۽ ڪانڪريج دنيا جي بهترين کان بهترين نسل آهن پر افسوس سنڌ حڪومت توڙي وفاق هن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته مليري نسل کي دنيا ۾ Red Sindhi Cow طور سڃاڻو ويندو آ، پر هتي سنڌ ۾ هن جي ڪا خاص اهميت ئي ڪونهي. دنيا جا ۳۳ ملڪن ۾ وڏي پيماني تي پالي ويندي آ دنيا هن نسل تي وڏي تحقيق پئي ڪري ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن خاص ڪر برازيل هن تي ايتري تحقيق ۽ سؤ سيڪڙو اوريجنل شيپ ۾ آڻي هن مان پندرھن ۱۵ ليٽر کير پيو وٺي اسان وري پنجاب جي نارمل مليري ڳئون کان هلڪي نسل ساهيوال ۽ دنيا جي ٻين نسلن تي تحقيق ۽ سيڙپ پيا ڪيون

اهو صرف مون کي ٻڌائي نه رهيو هو پر ان جي اندر ۾ شديد ڪاوڙ به هئي. اکيون ان جون ائين روئي رهيون هيون ڄڻ هو ڪنهن وڏي صدمي جي ڪهاڻي پيو ٻڌائي. اڃان ڪهاڻي هتي ختم نه ٿي ٿئي هن ٻڌايو ته هن نسل جو اڃان تائين سنڌ حڪومت وٽ سؤ سيڪڙو اوريجنل سيمن ٻج به دستياب ڪونهي جيڪڏهن دستياب آ ته اهو به برازيل ملڪ کان گهرايو پيو وڃي. مان هن نسل تي تحقيق ڪئي آ پر اوريجنل ڪونه ملي يا جنهن وٽ آهي اهو ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪونهي. جڏهن آءُ سنڌ مان ڳولي ٿڪجي پيس ته وري ڪراچي سان ملندڙ بلوچستان جي پٽي تي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هتي خضدار جي هڪ فارم تان سؤ سيڪڙو اوريجنل ملي مون هن جون ڳالهيون خاموشي سان ٻڌي رهيو هيس دل ۾ سوچڻ لڳس ته ڪيڏو نه ڪوڙو شخص آ جو پ پ فوپيا اٿس سنڌ حڪومت خلاف هيڏا ڪوڙ پيو ريڙهي!

هو منهنجو تاثر ڏسي پڇڻ لڳو، ڇا توکي ڪاوڙ پئي اچي مون چيو نه نه سائين ڇو ته هو وڏو ماڻهو هو آءُ هن اڳيان ڳالهائڻ لائق ئي نه هيس هن ڪري چپ ٿي سوچڻ لڳيسهن وري چيو پتافي صاحب اوهان وارو سردار عبدالباري خان پتافي صاحب لائيو اسٽاڪ ۾ ڪم جي شروعات ڪئي آ ڇاڪاڻ ته هن وقت سردار عبدالباري خان پتافي صاحب نئون وزير بڻيو هو، هن ٻڌايو ته پتافي صاحب ذاتي طور مال جو شوقين هجڻ ۽ سنڌ ۾ هڪ سٺو فارمر هجڻ ڪري سنڌ جي نسلن تي ڪم جي شروعات ڪئي اٿس هن کان اميد رکي سگهجي ٿي ڪجهھ ئي مهينا ٿيا اٿس نه ئي هن جي ڪم جي داد ڏئي سگهجي ٿي نه ئي وري ڪاوڙ يا گلا ڪري سگهجي ٿي.

آ چپ ڪري هاسٽل تي هليو آيس هاسٽل تي اچي هن معزز شخص جي ناسوري ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ پهرين يو-ٽيوب تي پوءِ گوگل تي Red Sindhi Cow سرچ ڪرڻ شروع ڪيو جيئن رزلٽ اڳيان آيو، زمين پيرن هيٺيان نڪري وئي ته هن معزز شخص جو ناسورو ڪوڙ سچ ٿي پيو هو. پريشان ٿي ويس دل چيو ته وري هن سان ملي اڃان ڪا ڄاڻ وٺان پر هو وڏو ماڻهو هو جيڪو اڃان تائين هٿ ناهي اچي سگهيو. جڏهن هٿ آيو ته معافي به وٺبي ته وڌيڪ حال احوال به. سو اسان وٽ جيڪي گهر ۾ عام ڳئون جنهن کي پاڻ سنڌي ڳئون سڏيندا آهيون اها سنڌي ڳئون نه بلڪ ”نامعلوم ڳئون” آهن، جيڪي مختلف نسلن مان ڪراس ٿي ڪري اصل بڻ بنياد ۽ پنهنجو اصلي وجود وڃائي ويٺيون آهن. انهن کي صرف نامعلوم ڳئون ئي سڏي سگهو ٿا.

اوهان وڏن ڏاڏي يا ابي وارن کان اهو ته ٻڌو هوندو ته پهرين ڳئون ۽ مينهن دلا ۽ بالٽيون کير ڏينديون هيون هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جي ڳئون ٽي ڪلو کير ڏيندي آ ته اها وڏي نالي واري ڳئون سڏبي آ. جڏهن ڳئون ۽ مينهن جو اصل بڻ بنياد رهيو ئي ڪونهي ته بالٽيون ۽ دلا کير ڏيندي ڪٿان؟ هي کارُل ۽ نامعلوم ڳئون آهن سو کير به اهڙو ڏينديون.

 https://www.facebook.com/photo?fbid=3064817597126586&set=a.1434758586799170

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

https://awamiawaz.pk/840106/

No comments:

Post a Comment