Thursday, January 6, 2022

اچ ته چَهر ڪرايانءِ - عزيز سولنگي

اچ ته چَهر ڪرايانءِ

عزيز سولنگي



گڏهن لاءِ هر موسم هڪ جهڙي آهي. اها آهي هِينگڻ جي موسم. گڏهن لاءِ ڇا سرءُ، ڇا بهار! ڪهڙو سيارو، ڇا اُونهارو! ان ڪري ئي سنڌي چوڻي آهي ته، گڏهه هِينگندي وس وڃائي! هتي ’وس‘ مان مراد وسڪاري جي مُند آهي ۽ گڏهه مان مُراد صرف گڏهه آهي. هن وقت سنڌ ۾ برساتون جاري آهن ۽ گڏھ به هِينگن پيا. فِضا ۾ هِينگن جا جلترنگ پيا وڄن، جيڪي برسات جي آواز سان گڏجي عجيب رِڌم پيدا ڪري رهيا آهن. هِي چوماسي جون برساتون نه پر سياري ۾ سِيءَ کي مهميزون هڻندڙ مِينهَن آهن. ان ڪري اهي ان ”وس“ جي ذمري ۾ نٿا اچن، جنهن ”وس“ جي ڳڻپ هڪ مُند طور ٿئي ٿي.


هونئن ته سِيءُ سڀني ساھَ وارن کي پوندو آهي پر ڪُڪڙ جي حالت وڌيڪ خراب هُوندي آهي، جيڪو کَنڀَ ڍاري ڏَڪندو پيو آهي. ان ڪري ئي چوندا آهن ته، سِيءَ صفا ڪُڪڙ ڪري ڇڏيو آهي. سِيءُ (عاشقن ۽ مجذوبن سميت) سڀني کي سَٽي ۽ ساڙي رکندو آهي. عاشقن جي دُنيا به عجيب آهي، جيڪي اکين کي اوڇڻ ۽ وارن کي ’پٿر‘ ڪري مجاز جي موسم ۾ مستقل رهڻ چاهين ٿا پر سياري جي موسم ۾ اُنهن کي به ته اکين جو اوڇڻ ۽ وارن جون پٿراڻيون وسريو وڃن ۽ اهي به سخت سِيءَ ۾ اهو چوڻ کان نٿا ڪِيٻائين ته، ”اڃا اوري آءُ، سِري مُنهنجي سوڙ ۾.“ هڪڙا اُهي آهن، جيڪي جوانيءَ سان جُٺ ڪري پوڙها ٿيا آهن، پر ڪي وري طبعي طور تي پوڙها آهن. اُهي ائين چوندي ٻُڌا وڃن ٿا ته، سِيءَ ۾ آٿر به ڀلا....! جيڪي سِيءَ جي ٻولي سمجهن ٿا، تن جو چوڻ آهي ته، سيارو چوي ٿو ته،

ڪوٽ وارن سان ڪُڇان ڪو نه،

سوڙ وارو مُنهنجو سائين،

رليءَ واري کي رڙيون ڪرايان،

سج اُڀري تائين!

(هنن سِٽن ۾ رليءَ واري سان ترميم ذريعي رعايت ڪئي وئي آهي.) ان حساب سان مُلڪ ۾ صرف ٻه موسمون آهن، هڪ ’اوري آءُ‘ ۽ ٻي ’پَران مَر!‘

ڀلو ٿئي مُئل انگريزن جو جن جي لاٿل ڪوٽن، اسان وٽ سِيءَ کي ’ڪوٽ‘ ڏنو آهي. جڏهن ته، پي ٽي آءِ حڪومت جا وزير مشير چون ٿا ته، عوام تي خزاني واري وزير شوڪت ترين جو احسان آهي، جنهن لنڊا جي ڪپڙن تي (مِني بجيٽ ۾) ڪو ٽئڪس نه هنيو آهي. اها حقيقت آهي ته، لنڊا نه هجي ته، سِيءَ جي ڪري مُلڪ جي گهڻي آبادي گهٽجي وڃي ها، جيڪا هُونئن به سياري ۾ وڌي ويندي آهي. برطانيا جي رحمدل انگريزياڻي مائي لِنڊا (Linda) غريبن جي مدد خاطر استعمال ٿيل ڪپڙا مُفت ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هن ان حوالي سان پنهنجن دوستن کان به مدد ورتي ۽ اهڙيءَ ريت اهو نيڪيءَ جو ڪم ڪيو ويو. اهي لنڊا بازارون هتي انگريزن جي دور کان هلنديون اچن، جتي استعمال ٿيل جوتا ۽ ڪپڙا سستي اَگهه ۾ دستياب هوندا آهن، پر اسان جي حُڪمرانن جي اُنهن پراڻن ڪپڙن تي به نظر آهي ته، اُنهن تي به ٽئڪس مڙهي عوام کي ان سهولت کان پري ڪري ڇڏجي! اهو فرق آهي غلام بڻائيندڙ برطانيا جي مائي لِنڊا ۽ ’رياستِ مدينه‘ جي شوڪت ترين ۾!

سياري جي مُند، ساز ۽ سُرود جي مُند پڻ آهي. سخت سِيءَ ۾ ڄاڙي وڄندي رهندي آهي. ڏَندَ وڄندا رهندا آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سرسوتي ستار رکي کڙتال ۽ چپڙي وڄائي رهي آهي. سيارو سڀني کي وڄائي ٿو، سواءِ پوڙهن جي، جن جا نه ڏَندَ آهن ۽ نه ئي ڏاٺون. خير، سيارو سر تار ۾ ته اُنهن کي به آڻي ٿو. آواز اُهي به ڪڍن ٿا پر ائين، جيئن لوهار جي ڌنوَڻ ڌوَنڌي هجي.

سياري جي موسم ٿڌ، مڏاڙ، کَنگهه ۽ کڙڪي جي موسم آهي، ان ڪري چيو ويندو آهي ته، اها ڪچي موسم آهي (ڪچا ڏِينهن ۽ ڪچي موسم ٻه ڌار ڳالهيون آهن.) ڪچي موسم ۾ چهر ۽ چاٽو وڻندو آهي. يخني سُوپ وارا به بيٺا هوڪا ڏيندا آهن: ”پِي.......... نه پِيئندين ته پڇتائيندين!“. ”چنا جور گرم“ وارو رڙ ڪري چوندو ته، ”اچ ته چَهر ڪرايانءِ“ چهر جو چشڪو هر دور ۾ زنده رهيو آهي. اهو چشڪو ذائقي جو به آهي ته لمس جو به. چون ٿا ته نيپولين بوناپارٽ سياري ۾ آچار کي به راڻي جوزيفائين جيترو اهم سمجهندو هو. هُو نه صرف جوزيفائين پر آچار سان به ايترو ئي پيار ڪندو هو ۽ آچار کي تندرستيءَ جو اهم ذريعو تصور ڪندو هو.

آچار کي انگريزيءَ ۾ Pickle چئجي ٿو، جيڪو ڊچ لفظ Pekel مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”نمڪين پاڻي“. چيو وڃي ٿو ته، آچار پرتگالي طبيب ”پارسيا دا اورٽا“ جي ايجاد آهي. آچار جي شروعات هونئن ته ۲۴۰۰ قبل مسيح ۾ قديم ميسوپوٽيميا ۾ ٿي. ۲۰۳۰ قبل مسيح ۾ ونگن جي آچار جون آرڪيالاجيڪل ثابتيون دجله جي ماٿريءَ ۾ ملن ٿيون. هندوستان ۾ آچار هزارين سالن کان موجود آهي. سورهين صديءَ جي ڪتاب ”پدماوت“ ۾ به آچار ۽ چٽڻين جو ذڪر آهي. ابو الفضل آئين اڪبري ۾ آچار، چٽڻين ۽ مربن جو ذڪر ڪيو آهي. مغلن جي حرمن ۾ آچار ۽ کٽاڻ جو واهپو گهڻو هوندو هو. قلوپطره گڏهه جي کِير، چرٻي، گُلاب جي عرق سان گڏ آچار کي به پنهنجي حُسن جو راز ڄاڻائيندي هُئي. ارسطو آچار کي تندرستيءَ جو راز سمجهي ٿو. عِيسائين جي مقدس ڪتاب انجيل ۾ به آچار جو ذِڪر ملي ٿو. سلميٰ حسين (بي بي سي، دهلي) پنهنجي هڪ تحرير ۾ ڄاڻايو آهي ته، آمريڪي صدر جارج واشنگٽن جي کاڌي جي ميز تي آچار جا ۴۷۶ قسم موجود هوندا هُئا.

سنڌ ۾ هُونئن ته، گهڻن شهرن ۾ آچار ٺاهيو وڃي ٿو پر شڪارپور جو آچار سڄي دُنيا ۾ مشهور آهي. هن وقت سواءِ انسانن جي، هر شيءِ جو آچار ٺاهي سگهجي ٿو پر مصر وارا ته چون ٿا ته، فرعونن جي لاشن کي حنوط ڪرڻ (مميز ٺاهڻ) آچار ٺاهڻ واري ٽيڪنڪ کان ڀلا ڪيئن مختلف آهي؟ سنڌ ۾ آچار ٺاهڻ وارو اُتم درجي جو آرٽ به موجود آهي. ڇا اُن آرٽ ذريعي هن دور جي مرڪزي سرڪاري بيان بازن جي زهر اوڳاڇيندڙ زبانن جو ڪنهن به ريت آچار بڻائي، ايندڙ نسلن جي عبرت لاءِ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، جن جي نظر سنڌ جي سيارن، اُونهارن، سَرءُ ۽ بهارن تي آهي؟

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment