Thursday, January 6, 2022

مور ماڻھن جي ديس جو مور پکي - ”راز“ علي گل ڀٽو

مور ماڻھن جي ديس جو مور پکي

”راز“ علي گل ڀٽو



سڪندر اعظم جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھيو، ان وقت ھن ٻي ڦر لٽ سان گڏ سنڌ جي سونھن وارو پکي ”مور“ به پڪڙي پنھنجي ماءُ ڏانھن يونان موڪليو ھيو، سڪندر اعظم جي ماءُ مور کي ڏسي چيو ھيو ته جنھن ديس جو مور پکي ايڏو سھڻو آھي ته اتان جا ماڻھون ڪيڏا نه خوبصورت ھوندا، آخر ڪار حملي آور ڦوروءَ جي ماءُ ھئي! جنھن مور جي سونھن جي تعريف ته ڪئي، پر اتان جي سھڻن ۽ امن پسند ماڻھن کي ستائڻ کان نه روڪيو.


مٿيون سٽون لکڻ جو مقصد اھو ھيو ته قبل مسيح ۾ به سنڌ جي اتر ۽ مرڪز ۾ ججھي تعداد ۾ مور ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ ته ان وقت ماڻھن کان وڌيڪ ٻيلا ۽ ميدان ھوندا ھئا، درياھ بنا روڪ ٽوڪ ۽ جالارا وھندا ھئا، مور ھونئن ته دنيا خاص طور تي ايشيا ۾ عام جام رھي ٿو، پر سنڌ ملڪ جو مور پکي سنڌ ۾ صديون پراڻو رھاڪو آھي، سٺن وقتن ۾ جھنگ ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪمي نه ھجڻ ڪري مور سنڌ جي گھڻ آباديءَ وارو پکي ھيو، جيسيتائين انسانن جي آبادي ۽ زراعت ۾ اضافو نه ٿيو ھو، ايسيتائين مور جي نسل کي ڪو خاص خطرو نه ھيو، پر جيئن جيئن سنڌ ۾ انساني آبادي ۽ زراعت لاءِ زمين جو استعمال وڌڻ لڳو، تيئن مور جو نسل خطرن جي آوهه ۾ اچي ويو، خاص طور سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ مرڪزي سنڌ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ٿر وارو ريگستان انساني آبادي ۽ زرعي زمين جي وڌڻ ڪري سوڙھو ٿيندو ويو، جنھن سان ٻيلن جي واڍي مورن جي قدرتي رھائش ۽ واڌ ويجھ ۾ خلل وڌو، جنھن ڪري ھن سھڻي پکيءَ جو وجود خطري ۾ اچي ويو، مور جي پسنديده رھائش ٻيلا، ڀٽون ۽ واريءَ وارا ميدان آھن، جن کي انسانن سوڙھو ڪري مورن لاءِ ماحول تنگ ڪيو آھي.

سنڌ وانگر مور جي فطري سونھن به ڄڻ ھن جي وجود جي ويري آھي، حسن جتي ڪنھن ساھواري کي سھڻو بڻائي ٿو، اتي اھو سندس لاءِ خطرا به پيدا ڪري ٿو، مور جو سنڌ جي فطري ماحول ۾ وڏو حصو آھي، نر مور جي وجاھت ۽ سونھن قابل ديد آھي، مور دنيا سان گڏ سنڌ ۾ ڪيترن رنگن ۾ موجود رھيو آھي، خاص طور تي چمڪندڙ نيرو، سونھري، اڇو ۽ ڪاري رنگ جا مور ھتي موجود آھن، جن ۾ اڪثريت چمڪندڙ نيري رنگ جي آھي، عزيزن، دوستن ۽ عملدارن کي تحفي ۾ مور ڏيڻ بجاء مور جي نسل جي بقا لاءِ سندس ٻچن  ۽ آنن سان گڏ شڪارين کان به بچائڻ جو خيال رکڻ گھرجي، نه ته مور صرف ڪتابن، فلمن ۽ چڙيا گھرن ۾ ملندا، مور جي بقا لاءِ اسان سڀني جي انفرادي ۽ اجتمائي ذميواري آھي، دنيا ۾ جھنگلي جيوت خاص طور تي مور جي واڌ ويجھ ۽ بقا لاءِ حڪومتي ۽ انفرادي سطح تي ادارا ته جوڙيل آھن، جيڪي عملي اپائن سان گڏ عوام کي آگاھي به ڏين ٿا، جنھن سان مور جي نسل کي ڪي قدر تحفظ ملي ٿو، موجوده حالتن ۾ ڄڻ مور دنيا سان گڏ سنڌ ۾ بقا جي جنگ وڙھي رھيو آھي.

ڪجهه سالن کان ٻين خطرن سان گڏ راڻي کيت(زڪام)جي بيماري به مور لاءِ وڏو خطرو بڻجي وئي آھي، ھيءَ بيماري ڪڪڙن مان به مورن ۾ منتقل ٿئي ٿي، جنھن جو ھيل تائين ٽڪن بطخ علاوھ ڪو خاص علاج نه ٿيو آھي، مور گھڻي ڀاڱي يا عام طور جھنگلي پکي آھي، جنھن ڪري بيماريءَ دؤران ھن جي سار سنڀال لھڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آھي، شوق خاطر ٿوري تعداد ۾ گھرن ۾ به پاليو وڃي ٿو، ھن وقت مور گھڻي ڀاڱي خير پور ضلعي جي ناري تعلقي جي ڏورانھن سرحدي علائقن، سانگھڙ جي اوڀرندي حصي ۾ ڪجھ  ۽ ٿرپارڪر ضلعي تائين محدود ٿي ويو آھي، ھونئن ته مور جي نسلي واڌ ويجھ ۽ سار سنڀال سنڌ جھنگلي جيوت کاتي جي ذمي آھي، پر پئسي ۽ عملي جي کوٽ مور جي سار سنڀال جون ضرورتون پوري ڪري نٿي سگھي، ذڪر ڪيل علائقن ۾ جھنگلي جيوت کاتي جون علائقائي دفتر ته موجود آھن، پر ڏورانھن علائقن تائين عملي جي ۽ ڳوٺن کان دفترن تائين غريب عوام جي پھچ ڏاڍو ڏکيو عمل آھي، جنھن ڪري گھڻي ڀاڱي خانه پوري ٿئي ٿي، ھونئن به جھنگلي جيوت کاتو سرڪار جي اوليت ۾ ته آھي ئي ڪونه، مور جي نسل جي تحفظ لاءِ عملي قدمن ۽ جاڳرتا مھم جي تمام گھڻي ضرورت آھي، جنھن ۾ اخبار، ريڊيو، ٽيليويزن، ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ شامل آھن، مور جي چمڪندڙ ڳچي، ڊگھي پڇ ۽ کنڀن تي اڇي نيري، ۽ سائي رنگ جون گول ٽڪليون ترتيب سان ٿين ٿيون، شايد ان ڪري رب سائين مور کي جنت جو پکي چيو آھي، مور گھڻو ڪري جوڙي ۽ ٽولن جي صورت ۾ رھڻ پسند ڪندو آھي، کاڌ خوراڪ جي لالچ ۾ گھڻي ڀاڱي ڏينھن جو گھرن جي آسپاس رھندو آھي، جو ان جي مادي ڊيل جي ڊيگھه چاليھن ۽ پنجاهه انچن جي وچ ۾ ھوندي آھي، نر مور جي ڊيگھه اڪثر ڪري اسي انچن تائين ٿئي ٿي، سندس وزن چئن کان ڇھن ڪلو جي وچ ۾ ٿيندو آھي، مور جا اڏامڻ وارا پر ٻن سالن کان شروع ٿي چئن سالن تائين مڪمل ٿي ويندا آھن، پڇ ھر سال فيبروريءَ ۾ ڦٽي آگسٽ ۾ ڇڻي ويندا آھن.

انساني شڪارين ۽ بيمارين کان علاوه زرعي دوائن جو فصلن ۽ باغن ۾ استعمال به مور جي موت جو خاص ۽ وڏو ڪارڻ آھي، ڇو ته اناج، سائو گاهه، گؤنچ مور جي خوراڪ آھن، زرعي دوائن جي ڦوھاري سان دوا خوراڪ ذريعي مور جي پيٽ ۾ وڃڻ ڪري مور جو موت ٿيو وڃي، شڪارين پاران شڪار ڪرڻ سان گڏو گڏ آنا ۽ ٻچا چوري ڪرڻ به مور جي نسل ڪشيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا، شڪار ڪيل مور جو گوشت کائڻ جي ڪم اچي ٿو، جھنگ ۾ ڊوڙڻ مور جو بھترين مشغلو آھي، اڏام تمام ٿوري ڪندو آھي، وڌ ۾ وڌھڪ وڻ کان ٻئي وڻ، يا ھڪ گھر کان ٻئي گھر تائين اڏام ڪري ٿو، ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ٿر جو مور کاڌ خوراڪ جي حاصلات لاءِ رھائشي علائقن جي ويجھو اچي ويندو آھي، مور اڪثر ڪري وڻن تي واھيرو ڪندو آھي، آنا لاھڻ ۽ آرو ڪرڻ مھل گھاٽي جھنگ جو انتخاب ڪندو آھي، مور انسان دوست ۽ ماحول دوست پکي آھي، مور ٻن سالن کان ٽن سالن جي عرصي ۾ بالغ ٿي ويندو آھي. ڊيل گھڻو ڪري برسات جي موسم ۾ چئن کا ڇهھ آنا ڏيندي آھي، اٺاويھن کان ٽيھن ڏينھن جي آري ڪرڻ کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽندا آھن، عرب شڪاري به مور جي شڪار کي پسند ڪندا آھن، مور جي ٻي خوراڪ ۾ اناج سائو گاهه، گلن ۽ وڻن جا نازڪ گؤنچ، نانگ بلائون، ڪوئا، ماڪڙ، ڪرڙيون، ننڍا جيت ۽ ڏڪار جي ڏينھن ۾ مئل جانورن جو گوشت به کائيندا آھن، مور آواز ڏاڍو سريلو ۽ وڻندڙ آھي، منفرد پڙلاءِ واري آواز جي ڪري شڪاريءَ کي مور تائين پھچڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، انسانن کانسواءِ ڏڪار جي ڏينھن ۾ سرڻ، باز، ڪتا، گدڙ ۽ بگھڙ به مور جو شڪار ڪندا آھن، مور جي پرن مان پکا، پکيون، درٻارن تي ڏيڻ لاءِ ٻھاريون سينگار ۽ ڏيکاءُ جو سامان ٺھندو آھي، خدا تعالي مور کي حسن ڏيئي انسان جي وندر لاءِ خلقيو آھي، اسر ويل چؤنرن، جھوپن، منھن ۽ وڻن جي ڏارن تي مورن جي سريلن آوازن ۾ ٽھوڪا ٻڌڻ جوڳا ھوندا آھن جنھن سان ماڻھن جو ذھن تازو ٿي وڃي ٿو، پنھنجي طور دوستيءَ وارو ورتاءُ مور جي نسل جي بقا ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، ڪيترا جيوڙا به مور جي موت جو سبب بڻجن ٿا.

ڏڪار جي ڏينھن ۾ مورن جو اجتماعي موت به ٿئي ٿو، جيڪو ھڪ وڏو حادثو آھي، بيماريءَ سبب مئل مور کي ھڪدم کڏ کڻي پورڻ گھرجي، اھڙي بيماريءَ جو ھڪٻئي کي ۽ لاڳاپيل ادارن کي سڌ ڏيڻ لازمي آھي، ھن امن ۽ انسان دوست پکيءَ جو جياپو انساني بقا لاءِ مددگار آھي، مور جي مختلف طريقن سان نسل ڪشي ان علائقي کان علاوه سموري سنڌ جو مسئلو آھي، جنھن لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آھي، راڻي کيت جي بيماري جيئن ته ٻين پکين ۽ انسانن تي به اثر انداز ٿيندي آھي، ان ڪري ان خلاف اجتمائي احتياط جي ضرورت آھي، راڻي کيت بيماريءَ سان کنگھه، نڙيءَ ۾ سور، کائڻ پيئڻ گھٽجڻ جي ڪري وزن به گھٽجي وڃي ٿو، پائخاني ۽ مئل پکين ذرريعي ھيءَ بيماري پکڙجي ٿي، ان بيماريءَ جي صورت ۾ مورن کي گڏجي کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ کان روڪڻ گھرجي، بجليءَ جو ڪرنٽ به مور کي ماري ٿو، مورن کي بيماريءَ جا ٽڪا ضرور ھڻائڻ گھرجن، وڻن جي واڍي روڪي پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي، لاڳاپيل کاتي سان لھ و چڙھ ۾ ھجڻ کپي، سنڌ جي سونھن ۾ مور جي حسن جو وڏو حصو آھي، ان ڪري مور جو تحفظ ھر حال ۾ ضروري آھي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment