Thursday, December 23, 2021

زال مُئَي ڏيڍ يتيم - عزيز سولنگي

زال مُئَي ڏيڍ يتيم

عزيز سولنگي



شير افگن علي قلي بيگ لاءِ وقت جي مورخ کي اهو لکڻو پيو ته؛ ”هُو خاور مانيڪا جيترو معاملا فهم ۽ تدبر رکندڙ هُجي ها ته، ائين بي موت نه مري ها.“ زالَ جي حُسن، مُڙس مارائي وڌو. خبر ناهي ته شير افگن جي زالَ مهرالنساءَ ڪاني ڪرامت واري، ٽوڻي ڦِيڻي واري ۽ پهتل هُئي، جو کيس اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هُئي ته، جوڌا ٻائيءَ جو شيخو ۽ اڪبر جو عياش شهزادو سليم نورالدين جلد ئي بادشاهه بڻجندو.


شير افگن معنيٰ شِينهَن کي زير ڪندڙ. هُو پنهنجي دورَ جو وڏو ٻلوان هو. اُن زماني ۾ شِينهَن کي اڪيلي سر گِرفت ۾ آڻڻ ڏکي ڳالهه هُئي. هاڻوڪي زماني ۾ ته، نيب ۽ غيب جي طاقت سان شِينهَن کي هَنٽر سان هلائي سگهجي ٿو. اڳوڻي زماني ۾ ائين نه هو. ٻانهَن جي ٻَل تي ڀاڙڻو پوندو هو. اندرين، ٻاهرين، وچين ۽ جانٺي وارن انگن تي انحصار ڪرڻو پوندو هو. ائين شِينهَن جي ’ٻانهَن‘ مروڙڻي پوندي هُئي، جيئن جاپاني پهلوان انوڪي، يوگنڊا جي صدر عيدي امين کي (اُن جي صدر ٿيڻ کان اڳ) مُقابلي ۾ هارائيندڙ پاڪستاني اڪرم پهلوان جي ٻانهَن مروڙي هُئي. تڏهن مس مس وڃي شِينهن زير ٿيندو هو ۽ ڏَندَ شيڪي ڪِري پوندو هو. بهرحال نوُرجهان جو حُسن شير افگن لاءِ اجل بڻجي آيو. تاريخ ۾ اُن قتل جي آڱر شهزادي سليم تي کنيل آهي، جنهن جي مهرالنساءَ سان مُلاقات لاهور جي مينا بازار ۾ ٿي هُئي. جڏهن اڪبر بادشاهه لاهور آيو ته هڪ درٻاري قاسم خان دلڪشا باغ ۾ مينا بازار لڳرائي هُئي. مينا بازار لڳرائڻ جي شروعات هُونئن ته همايون بادشاهه جي دور کان ٿي پر اڪبر ان کي عروج تي رسايو.

نوروز جي جشن جي موقعي تي مينا بازارون لڳايون وينديون هيون، جيڪي پنج ڇهه ڏينهن هلنديون هُيون. اسٽال به عورتن طرفان لڳايا ويندا هُئا ۽ مردن جي داخلا ممنوع هوندي هُئي، سواءِ مُغل بادشاهن، شهزادن ۽ شاهي خاندان جي فردن جي. مغليه دور جي مينا بازارن جو مقصد بادشاهن جي حرم ۽ مغل شهزادن لاءِ خوبصورت عورتن جي چُونڊ ڪرڻ هو. نورجهان جي والد مرزا غياث بيگ، صفوي دور ۾ ايران کان هندوستان جو سفر ڪيو. سفر دوران رستي ۾ قنڌار ۾ مهرالنساءَ جو جنم ٿيو. مرزا غياث کي خان خانان، اڪبر جي دربار تائين پهچايو. اهڙيءَ ريت ان جي ڪُٽنب جي شاهي محل تائين رسائي ٿي.

دهليءَ جي حُڪمران رضيه سُلطانه ته پنهنجي غُلام (ياقوت) جي غُلام هُئي پر نُورجهان پنهنجي بادشاهه (جهانگير) جي بادشاهه هُئي. نُورجهان جو مُلهه سڄي هندوستان جي قيمت کان به وڌيڪ هو. جهانگير هندوستان جي وسيع سلطنت نورجهان جي قدمن ۾ رکي، پاڻ ان جي ٻانهن ۾ قرار محسوس ڪندو هو. اصل بادشاهه نُورجهان هُئي، جيڪا نه صرف سڄي هندوستان پر جهانگير جي دِل تي به حُڪمراني ڪندي هُئي. هُوءَ جهانگير جي وِيهِين زالَ هُئي. سِڪن تي جهانگير سان گڏ نُورجهان جو نالو به اڪريل هُوندو هو. جيئن هن دورَ ۾، هن مُلڪ ۾ صدارتي محل ۾ آرڊيننس فيڪٽري لڳل آهي، تيئن کڻي جهانگير جي دورَ ۾ نه هو پر نُورجهان اڪثر ڪري “نُورجهان بادشاهه بيگم” جي نالي سان شاهي فرمان جاري ڪندي هُئي. هُوءَ مُلڪي انتظامي معاملن کان سواءِ جنگي معاملن ۾ به مهارت رکندي هُئي. جڏهن مهابت خان جهانگير کي قيد ڪيو ته، نُورجهان پاڻ لشڪر جي ڪمان ڪري جهانگير کي آزاد ڪرايو. توڙي جو اُن وقت هندوستان ۾ هيروئين ۽ ڪوڪين جو رواج نه هو، ان ڪري جهانگير جي فرمائش، اڌ سير گوشت، هڪ سير شراب ۽ نُورجهان جي گُلاب بدن جي لمس تائين محدود هُئي.

حرم ۾ سُهڻيون عورتون ۽ درٻار ۾ ماهر حڪيم، مغل حاڪمن جو مرغوب مشغلو هوندو هو. رُڳو شاهجهان جي حرم ۾ مورخ، عورتن جو تعداد ۸ هزار ٻُڌائين ٿا. شنوائيءَ جو وارو ايندي ايندي ماين جي اڌ عُمر گُذري ويندي هُئي. (مغليه حرم ۾ هندوستاني زليخائن طرفان يوسفن جون قميصون ڦاڙڻ جا واقعا به ملن ٿا.) ٻئي طرف شاهجهان جي راڻي ارجمند بانو بيگم ممتاز محل جي اها حالت هُئي جو شاهِي حڪيم جڏهن ڪمزوري ختم ڪرڻ جي ڦَڪي خالي پيٽ کائڻ لاءِ ڏني پر هندوستان جي اُن راڻِيءَ کي اها ڦَڪي سڄي عُمر کائڻ جو موقعو ئي نه مليو، جو سندس پيٽ خالي ئي نه رهندو هو. ويچاريءَ جو موت به چوڏهين ٻارَ جي ويم دوران ٿيو ۽ شاهجهان بادشاهه ڏيڍ يتيم ٿي ويو، ڇو ته چوندا آهن، پِيءُ مُئَي اڌ يتيم، ماءُ مُئَي سڄو يتيم ۽ زالَ مُئَي ڏيڍ يتيم.

زهر جو پيالو رُڳو سقراط ئي نه پيتو هو پر پنهنجي محبوب جي محبت جي پرک طور پشاور جي حاڪم تيمور شاهه جي ڪنيز محبوبا بي بي جان عرف ’بي بُو‘ پڻ پيتو هو. تيمور شاهه سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ’ملڪهء عاليه‘ ۽ ٻيا شاهي ڪٽنب جا فرد ان کي حسد مان ’بي بُو‘ بدران ’بيجو‘ يا ’بيزو‘ سڏيندا هُئا، جنهن جو مطلب آهي ’باندري‘. هڪ ڏينهن بادشاهه تيمور شاهه سان سچي محبت جي پرک واري مهڻي تي هن ’ملڪه‘ طرفان ڏنل زهر جو پيالو وٺي پي ڇڏيو ۽ تڙپي تڙپي پَساههَ پُورا ڪيا. هن پيالو ملڪه جي هٿن مان ورتو ۽ ديوار تي لڳل تيمور شاهه جي تصوير ۾ اکيون کپائي ڇڏيون ۽ زهر جو پيالو پِي پساهه پورا ڪيا.

هڪ طرف عورتن جي مُحبت ۽ وفاداريءَ جو اهو مثال، ’بي بُو‘ جي صُورت ۾ سامهون آيو ته ٻئي طرف وري مردن جي موٽَ اها هُئي، جو عورتن جي بازار سجائي وئي. مردن پرايون ته، ڪنيزون ۽ ٻانهيون بڻائي وڪرو ڪيون پر ”پنهنجون“ به وڪڻڻ کان پوئتي نه هٽيا. هونئن ته شاديءَ جو رواج باقاعدي ۲۳۵۰ قبل مسيح ۾ ميسوپوٽيميا ۾ پيو ۽ طلاق جي شروعات حمورابي جي دور ۾ ۱۷۶۰ قبل مسيح ۾ ٿي. حمورابي جا جيڪي ۲۸۲ قانون پٿر تي اڪريل آهن، اُنهن ۾ طلاق جو قانون به شامل آهي، پر قديم انگلستان ۾ ۱۸۵۷ تائين طلاق جو عمل انتهائي پيچيده ۽ مشڪل هوندو هو. انگريزن وٽ سترهين صديءَ کان اوڻيهين صديءَ تائين زالن کي طلاق ڏيڻ بدران وڪڻڻ جو رواج هو. ڪارو ڪاريءَ وارو طريقو به مروج هو. انگريزي ’گولڊن گرل‘ کي ڪاري قرار ڏئي، اُن جي چاهيندڙ کان وڏي رقم ورتي ويندي هُئي. اُن عورت جي چاهيندڙ کان وڏي رقم ڀرائي ويندي هُئي. ڪتاب لکن ٿا ته، عورتن کي ڪَنڌ، هٿن ۽ چيلهه ۾ رَسا ٻَڌي بازار ۾ آندو ويندو هو ۽ نيلام ڪيو ويندو هو.

گهڻو ڪري وڏو واڪ اُن جو پهريون عاشق ئي ڏيندو هو. نيلام سان اُن جي شاديءَ جو ٻَنڌڻ ختم ٿي ويندو هو. نيلام وقت اهو به ٻُڌايو ويندو هو ته، مائيءَ جو وزن ڪيترو آهي، رنگ ڪهڙو، عُمر ۽ ڊيگهه ڪيتري اٿس. ڪڏهن ڪڏهن ته نيلام وقت اوگڻ به ٻُڌايا ويندا هُئا ته صفا ڇِتي آهي. اصل کپر آهي کپر! هن جو ڪَکيل پاڻي به ناهي گُهرندو! يا وري خريدارن کي اها صلاح ڏني ويندي هُئي ته، خوش مزاج زالن جي خريداريءَ کان پاسو ڪريو. ڪڏهن ڪڏهن زالن جي وڪري وقت اُنهن جون خُوبيون پڻ ٻُڌايون وينديون هُيون. جهڙوڪ: ڏُهائي ڪري سگهندڙ، توهان سان ”پيئڻ“ ۾ ساٿ ڏئي سگهندڙ، ڳائيندڙ.... توهان اُن جي سُونهَن تي هَٿَ سيڪي سگهو ٿا. انگلينڊ ۾ ۱۸۵۷ع ۾ طلاق ڏيڻ جو عمل آسان بڻايو ويو، جنهن ڪري اُتي زالن جو وڪرو ختم ٿيو. مطلب ته اُتي ۱۸۵۷ع ۾ آخري زالَ وڪرو ڪئي وئي.

خير! خُوش ته هتي وارا به زالن مان ڪونه آهن، جنهن جي ثابتي هڪ شخص طرفان ”زالَ گُهرجي!“ واري اشتهار جي موٽ ۾ کيس وصول ٿيندڙ هزارين ايس ايم ايس مان ملي ٿي، جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته، ”مُون واري وٺ!“. خبر ناهي ته اهڙو ايس ايم ايس پاڪپتڻ کان غني بالا حويلي پهتو هو يا نه، پر اها خبر ضرور آهي ته، شير  افگن ۾ ٿورڙو به تدبر هُجي ها ته، سندس سر بچي وڃي ها.

 

(عزيز سولنگي؛ ’زال مُئَي ڏيڍ يتيم‘ ڪالم، ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment