Wednesday, November 24, 2021

مڱيرا

مڱيرا

(کائڻ جا شوقين ڌيان ڏين)

عوامي آواز اخبار



مڱيرا هونئن ته ڊراءِ فروٽ ۾ ايندا آهن ۽ انهن ۾صحت جا ڪيترا ئي فائدا آهن پر انهن جي روز جي استعمال سان ڪجھ نقصان به آهن. جن جي باري ۾ هتي اسان توهان کي ٻڌائينداسين.

سياري جي ٿڌين راتين ۾ مڱيرا کائڻ جو پنھنجو ئي مزو آھي. پر جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ڪنھن به شيءِ جو گهڻو استعمال، انسان جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي. اهڙيءَ ريت، مڱيرا به گهڻا کائڻ يا روز کائڻ سان، ڪجھ نقصانده ٿيندا آهن، جن جي باري ۾ توهان سڀني کي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.


معدي ۾ تيزابيت:

مڱيرا کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت ٿي ويندي آهي. ان کي محدود حد تائين کائجي. مڱيرا، وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان معدي ۾ گرمائش ٿي ويندي آهي، جنھن سان هاضمي جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو.

ساھ:

مڱيرا، ساھ جي مرض جو هڪ اهم سبب بڻبا آهن. ڇو ته انهن ۾ تيل جو مقدار گهڻو هوندو آهي، جنھن سان ساھ ٽُٽڻ لڳندو آهي. اهو انهن ماڻهن جي لاءِ ته وڏو خطرناڪ آهي جيڪي اڳ ۾ ئي ساھ جي تڪليف جا مريض هجن.

وزن:

جيڪي ماڻهو وزن وڌڻ کان گهٻرائيندا آهن، اهي مڱيرن جو گهڻو استعمال نه ڪن. ڇو ته اهي وزن جلدي وڌائيندا آهن ۽ ميٽابولزم سست رفتاريءَ سان ڪم ڪندو آهي.

حاملہ عورتون:

حاملہ عورتون، مڱيرا کائڻ کان پرهيز ڪن. ڇو ته اهي خشڪ آهن ۽ الرجيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. تنهنڪري حمل دوران، انهن جي کائڻ کان پاسو ڪجي.

سوڊيم:

مڱيرن کائڻ سان جسم ۾ سوڊيم جو مقدار وڌي ويندو آهي. جنھن سان بلڊ پريشر ۽ دل جو عارضو به ٿي سگهي ٿو.

خارش:

مڱيرا کائڻ سان، جسم ۾ خارش ۽ مٿي ۾ خشڪيءَ جو خدشو گهڻو رھندو آهي. تنھن ڪري اھي روز کائڻ کان، پاسو ڪجي.

ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ هر شيءِ جا فائدن سان گڏ نقصان به ٻڌايا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت جتي مڱيرن کائڻ جا نقصان بيان ڪيا ويا آهن، اتي انهن جي کائڻ جا فائدا به ڪيترا ئي ٻڌايا ويا آهن. فائدن جي حوالي سان، اسان توهان کي ٻڌايون ته انهن ۾ ڪيتري خوراڪ آهي ته توهان به حيران ٿي ويندا.

مڱيرن ۾ پروٽين، ڪيلشيم، وٽامن اِي، وٽامن بي ون، فاسفورس بي ۶، فيٽ ٿايامائن، فولاد، وٽامن ڊي ڪي ۽ بي ۶ فوليٽ به موجود آهن، جيڪي صحت لاءِ وڏا فائديمند ثابت ٿيندا آهن. پر انهن جو جَجهو مقدار، صحت تي نقصانده اثرات مرتب ڪندو آهي.

No comments:

Post a Comment