Saturday, October 30, 2021

خانه بدوش قبيلي جي درد ڪٿا - ذلفي چاچڙ

خانه بدوش قبيلي جي درد ڪٿا

ذلفي چاچڙ



عمومن ماڻھو پنھنجو ۽ پنھنجي ٻچڙن جو سک چاھيندا آھن ۽ ان جي حاصلات لاءِ سدائين سرگرم رھي ڪوششون ڪندا رھن ٿا، کين ان جستجو ۾ بي انتھا تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پئجي وينديون آھن، جن ڪاڻ اھي مسئلا، مشڪلاتون ۽ مصيبتون سندن اولاد جي بھتر مستقبل ۽ پرسڪون زندگي واري اميد جي سامھون ڪجھ به ناھن ھونديون ۽ اھي سڀ پيڙائون، ڏک ماڻھو خوشي سان قبول ڪري سھي ويندا آھن، پر سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا لڏائو قبيلا ۽ مالوند ماڻھون به آھن، جيڪي رڳو پنھنجي چوپائي مال کي خوش ۽ ڍئو تي رکڻ لاءِ نه صرف خود پر پنھنجي آل و عيال کي به بيحد تڪليف ۽ ڏک ڏئي وڏا ڪشالا ڪٽيندا رھندا آھن، ان خيال ۽ مقصد سان ھو ھميشه لڏپلاڻ پڻ ڪندا رھندا آھن ۽ سدائين سفر ۽ مسافري واري حالت ۾ زندگي جا ڏينھن بسر ڪندا آھن، انھن لڏائو ۽ مسافري زندگي گذاريندڙن قبيلن ۾ شنباڻي قبيلو به ھڪ آھي، جيڪو ھونئن ته بلوچ قوم جي وڏي ذات بگٽي برادري جو (نک) پاڙو آھي، پر ھن پاڙي جا ماڻھو بگٽين جي ٻين پاڙي جي ماڻھن جيان سخت مزاج، ويڙھاڪ ۽ ضدي بلڪل به ناھن ھوندا ۽ نه ئي اھي ڪنھن سان ھرو ڀرو جو دشمني به پيدا ڪندا آھن، جڏھن ته اھي ماڻھو پنھنجو پلاند ڪرڻ ڪڏھن به ناھن وساريندا ۽ ايستائين پنھنجي سر تان ڪاري پڳ يا ڪپڙو ناھن لاھيندا، جيستائين اھي پنھنجو ڪنھن ڏانھن رھيل پلاند نه ڪن. مالوند اھي ماڻھو اتر سنڌ جي انھن خطرناڪ علائقن ۾ به پنھنجو مال چاريندي ۽ جھوپڙا اڏي ويٺل نظر ايندا آھن، جن علائقن ۾ رھندڙ ذاتين سان بگٽين جو خوني تڪرار به ھلندڙ ھوندو آھي، جتي اڪثر صرف ساڳي ذات وارو ھجڻ جي ڏوهه ۾ بيگناهه ماڻھن کي قبيلائي دھشتگرد قتل ڪري ڇڏيندا آھن، پر اھي ماڻھو به کين بگٽين جي پلاند ۾ ڪو نقصان نٿا پھچائين، توڙي جو سندن بابت اھا خبر به ھجي ٿي ته انھن جو شمار بگٽين ۾ ئي ٿئي ٿو، مثال طور ماضي ۾ بگٽي، جکراڻي، بگٽي، مزاري تڪرار ٿيو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا سوين ماڻھو قتل ٿيا، پر ان خوني ويڙهه ۾ شنباڻين پاڻ کي پري رکي پنھنجي مختلف نوعيت جي ڪٺن زندگي ۽ ڪرت ۾ مگن رھيا، ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌ ۾ آباد ٿيل شنباڻي قبيلي جي ماڻھن کي انگريزن سنڌ ۾ آندو ھو، حر تحريڪ کي چٿڻ لاءِ۔ منھنجو ان نقطي تي دوستن سان اختلاف آھي، ڇو ته اھي ڪڏھن به جنگجو رھيا ئي ناھن، ويجھي ماضي ۾ ڊيره بگٽي ۾ نواب اڪبر خان بگٽي خلاف ٿيندڙ آپريشن کان به ھو لاتعلق رھيا، بظاھر غريب ۽ پوشاڪ مان تنگدست لڳندڙ شنباڻي برادري جي ماڻھن وٽ ڪروڙين رپين جو چوپايو مال ھوندو آھي، جيڪڏھن اھي چاھين ته اھو پنھنجو سمورو مال کپائي دربدري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنھنجي زندگي جو انداز بدلائي سگھن ٿا ۽ ايئن گھڻا گھراڻا ڪري به چڪا آھن، جن پنھنجو سنڌ ۾ مستقل ٿاڪ قائم ڪري تعيلم حاصل ڪئي، جيڪي سدائين لاءِ سنڌ جا ۽ سنڌي ٿي ويا، ان قبيلي جا ڪيترائي نوجوان سنڌي ادب، شوبز ۽ سياست ۾ پاڻ مڃائي چڪا آھن.


شنباڻي برادري جي ڪيترن ئي ڪٽبن سان اسان جي پراڻي خانداني شناسائي رھي آھي، جيڪي منھنجي ڄمڻ کان به اڳ اسان جي ڪشمور واري ڳوٺ ۾ اچي پنھنجي مال سوڌو رھندا ھا، جن لاءِ منھنجو والد علائقي جي زميندارن ۽ ھارين جا ٿورا کڻي کين ووئنڻن جا ناڙ وٺي ڏيندو ھو، ناڙ فصل جي ڀيلاڙي کي چوندا آھن، جتي ڪجھ ڏينھن مال چاريندا ھا ۽ جڏھن فصل مڪمل طور اجڙي ويندا ھئا ۽ سندن مال جو چارو گھٽجي ويندو ھو تڏھن اتان پنھنجا قائم ڪيل عارضي جھڳا اکاڙي ڪنھن ٻئي پاسي روانا ٿي ويندا ھئا، تڏھن اسان وٽ چڻن جو فصل به جھجھو ٿيندو ھو. ھاري شروع ۾ پنھنجي چڻن جي ان فصل کي ٻڪرين ۽ رڍن کان ڀيلائيندا ھا، مال چڻن جي ڪچڙي ۽ نازڪ سائي گاهه کي شوق سان اھڙي طرح کائي وٺندو ھو جو ھر ٻوٽي جي زمين ۾ کتل پاڙ  ئي وڃي باقي بچندي ھئي، جا ڀيلاڻي کان بعد ٻيھر نسرندي ھئي ۽ اھو فصل پھريان کان گھڻو گھاڻو ٿيندو ھو ۽ اھو اپت به وڌيڪ ڏيندو ھو. منھنجي يادگيري ۾ شنباڻي برادري جا ڪجھ ماڻھو ھلندي ڦرندي يا مال چاريندي رڍن ۽ ٻڪرين جي وارن (اُن) سان واڻ وٽيندا ھئا، ان مان تيار ڪيل واڻ مڃ ۽ رٻڙي ڌاتي واري واڻ کان وڌيڪ پائيدار ۽ قيمتي ھوندو ھو، سندن زالون وري ٻڪرين ۽ رڍن جي ان مان ڳوڻيون، چادرون ۽ تنبو وغيره ٺاھينديون ھيون، جيڪو کين سياري جي سخت سردين کان بچائيندا ھو، ڇو ته انھن جون اڪثر راتيون کليل ميدانن ۽ وِلھ تي ئي گذرنديون آھن، پر ھاڻ اھو ھنر گھڻي قدر انھن کان به موڪلائي ويو آھي. سڄو ڏينھن مال پٺيان ڊڪ ڊوڙ ڪندڙ ھي ڌنار رات جو به سک سان سمھي ناھن سگھندا ۽ رات جو عورتن سوڌو واري واري سان جاڳي مال تي پھرو ڏيندا آھن، چوري وغيره جي امڪان کان علاوه رات جو پَھَرون (جانور) پنھنجي ليکي اٿي جيڏانھن منھن آيو، تيڏانھن ھليا ويندا آھن، ڇو ته ھو پنھنجي مال، گڏھن سوڌو ڪنھن جي به ڳچي ۾ رسو وجھي ٻڌندا ناھن، وٽن سوين ٻڪرين ۽ رڍن جو ڌڻ ھوندو آھي ۽ ان ڌڻ ۾ ويھارو کن ٻڪريون ۽ رڍون تازو وياميل ھونديون آھن، جن جي ڦرن کي گدڙ کڻي ويندا آھن. مون جنڊ تي ان کي پسجندي انھن وٽ ڏٺو، ڪڻڪ جي داڻن سان گڏ اھي سڪل ٽوهه جو بج به ملائيندا آھن، ھو ھڪ مڻ داڻن ۾ ٻئي کان چار ڪلو تائين ٽوهه جو سڪل ٻج مڪس ڪندا آھن، ان سان ماني معمولي ڪڙي لڳندي آھي، ان جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته ھو ايتري ماني ناھن کائيندا، جيترو کير پيئندا آھن، کير گھڻو پيئڻ سبب سندن بک ختم ٿيو وڃي ۽ کير جو وافر مقدار ۾ واپرائڻ سبب انھن جي پيٽ ۾ ڪيڙا پيدا ٿيو وڃن، جيڪي ٽوهه جي ٻج واري ڪوڙاڻ تي معدي ۾ ئي مري ويندا آھن.

سنڌ جا ھاري اڪثر ڪري کين پنھنجو مھمان سمجھي ووئنڻن جو ناڙ مفت ۾ ڀيلائڻ لاءِ ڏيندا آھن، بس ان شرط تي ته ھو ووئنڻن جون ڪاٺيون وڍي ڏيندا، جيڪو شرط ھو خوشي سان قبول ڪندا آھن، پر ڪيترن ئي ھنڌن تي کانئن ناڙ جا پئسا به ورتا ويندا آھن. شنباڻي اٺين مھيني کان ڏھرڪي شھر جي کينجھو واري علائقي ۽ پنجاب جي وارياسي پٽي جنھن کي روھي چوندا آھن، ۾ اچڻ شروع ڪندا آھن، جتي ھو مال چاريندا مورو قاضي احمد ۽ سعيد آباد تائين وڃي نڪرندا آھن ۽ پنجاب ۾ ملتان کان به اڳتي. انھن علائقن ۾ گھڻا ھاري، جتي پاڻي گھٽ ھجي ٿو، پنھنجي ٻنين ۾ گوار جو فصل پوکيندا صرف انھن لاء ئي آھن، جيڪي کانئن خريد ڪري مال کي کارائيندا آھن. گوار کائڻ سان سندن مال مرندو به جام آھي، جنھن کي ھو ”پٺو لڳڻ“ چون. ھي ايترا توھم ۽ وھم پرست ھوندا آھن جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ئي وقت پنج کان ڏھن تائين به جانور مري پوندا آھن، جن کي ھو حلال به ڪندا آھن پر ان جو گوشت نه ته پاڻ کائيندا آھن نه ئي وري ان خيال سان ڪنھن ٻئي کي ڏين ته اھي ماڻھو گوشت کائي ھِري پوندا ۽ دعا ڪندا ته ڀاڳين جو مال ايئن روز مرندو رھي. جڏھن سندن آس پاس ڪو ڪتو يا گدڙ اناڙيندو آھي ته سندن ساهه مٺ ۾ اچي ويندو آھي ۽ ھو سخت پريشاني ۾ وٺجي ويندا آھن ۽ سمجھندا آھن ته اجھو ڪا نه ڪا مصيبت آئي ۽ ڄاڻ ڪو نه ڪو مال مئو.

مون کي خبر ناھي ته خالد ڪنڀار پنھنجي ڪتاب ”خانه بدوش قبيله“ ۾ ان قبيلي جو ذڪر ڪيو آھي الائي نه، ڇو ته سندس ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه ھجڻ سبب آئون پڙھي ناھيان سگھيو. منھنجي خيال ۾ جيتري لڏپلاڻ شنباڻي ڪندا آھن، ايتري شايد ڪو ٻيو خانه بدوش قبيلو ڪندو ھجي. مون شنباڻي برادري جي ڪجھ واسطيدار ماڻھن کي چيو ته پنھنجا ٻار پڙھائڻ لاءِ اسان وٽ ڇڏي وڃو پر الائي ڇو کين پنھنجي ٻارن تي ايترو ڀروسو به ناھي ته ڪو اسان جا ٻار به لکي ۽ پڙھي سگھندا.

 

 (ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment