Monday, March 16, 2020

ھو جمالو - ڪيريو آفتاب


ھو جمالو
ڪيريو آفتاب
Image result for conventional wisdomمشهور لوڪ گيت هو جمالو جي تخليق جو سبب سنڌو درياهه مٿان روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ اڏيل بنا پلر (ٿنڀي) جي لوھي پل آھي... اچو ته ھن ھو جمالو لاڏي گيت جو اڀياس ڪيون. ھو منھنجو کٽي آيو خير سان. سال ۱۸۸۹ع ۾ جڏھن سنڌو درياءَ پنھنجي موجن ۾ تار ٿي وھندو ھو. تڏھن انگريز سرڪار سکر روھڙي شڪارپور جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي شھرن جي واپار ۽ عوام جي آمدروفت کي نظر ۾ رکندي تڏھوڪي انگريز واسراءِ لئنسن ڊائون پل جي نالي سان سنڌو درياهه مٿان ھڪ پل ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ان وقت جي انگريز سرڪار سکر ۽ روھڙي جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ھن بنا پلر (ٿنڀي) يا ڪنھن سھاري ٺاھيل لوھي پل لا۽ برطانيا مان ۳۳۰۰۰ ھزار ميٽرڪ ٽن وزني لوھ سنڌ گھرايو ويو جنھن جي قيمت ان وقت چاليھ لک رپيا ھئا ۹۰۰ فوٽن تي ٺھندڙ ھي بنا پلر جي لوھي پل جو ڪم ۱۸۸۶ع کان شروع ڪيو ويو جيڪو ٽي سالن تائين ھلندو رھيو ۽ ۱۸۸۹ع ۾ مڪمل ٿيو ھن سکر روھڙي جي وچ ۾ ٺھندڙ پل جي مستري جو نالو اليگزينڊر مينڊوز ھيو ۽ ھتي مزدوري ڪندڙ تقريبن سکر سينٽر جيل جا سزايافته قيدي ھيا باقي ٿورو گھڻو تعداد مقامي ماڻھو ھيا.


جڏھن پل ٺھي تيار ٿي ته ھن پل مٿان ريلوي لائين وڇائي وئي چون ٿا ته سنڌو درياهه مٿان ٺھندڙ پل دوران ڪيترا ئي مزدور پڻ درياهه ۾ ڪري سنڌوجي لھرن حوالي ٿي ٻڏي مري ويا جڏھن ھي لوھي پل ٺھي تيار ٿي ته ريلوي اختيارين ھن لوھي پل مٿان ريل گاڏي ھلائڻ لاءِ ڊرائيورن کي چيو پر ڪير به ھن پل مٿان ريل گاڏي ھلائڻ لاءِ تيار نه ھو ڇاڪاڻ ته ھي پل بنا پلر ۽ بنا ڪنھن سھاري جي تيار ڪهيل آھي ان وقت وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ سکر سينٽر جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدي جمال الدين عرف جمالو شيدي کي گھرايو ويو
جمالو شيدي جنھن  کي موت جي سزا جو حڪم آيل ھو. ان سان اھو معاھدو ڪيو ويو ته جيڪڏھن تون ريل گاڏي ھن پل تان گذاري سکر کان روھڙي تائين پڄائي وئين ته توکي سزامعاف ڪري آزاد ڪيو ويندوه ۽ انعام به ڏنو ويندو پوءِ جمالو کي ريل ھلائڻ جي ٽريننگ به  ڏني وئي آخر ڪار اھو ڏينھن به آيو جڏهن پل تي ٽرين هلائڻ جي تقريب ٿي. جمالو شيدي رنگ جو ڪڻڪائون سندس وار گھنڊي گھنڊي ھئا سندس وزن ڪجھ وڌيڪ يعني ٿلھو متارو ھو.
جمالو شيدي جڏھن سنڌو درياهه مٿان ٺھيل پل تان سکر کان روھڙي تائين ڪاميابي سان ريل کي پڄايو ته انگريز سرڪار جمالو شيدي کان ڏاڍو متاثر ٿي انگريز سرڪار سندس آزادي جو اعلان ڪندي کيس انعام سان پڻ نوازيو ۽ ان وقت وڏو ميلو جشن طور لڳايو ويو. ان جشن ۾ جمالو جي زال ۽ سندس گھر ڀاتين کي به گھرايو ويو ان وقت جمالو شيدي جي زال سندس ور جي کٽي اچڻ تي جھمريون ھڻندي ھي لاڏو گيت ڳايو. ھو جمالو واھه واھه جمالو منھنجو کٽي آيو خير سان ھو جمالو. جيڪو روھڙي واري پل تان ھو جمالو. تنھن بعد اڄ ڏينھن تائين جڏھن ڪنھن خوشي جي پڇاڙي ٿيندي آھي ته سنڌ جي ھر ڳوٺ واھڻ ۽ وستي ۾ ھو ھي لاڏو گيت ھو جمالو ڳائي پڄاڻي ڪندا آھن.
جمالو گيت ۾ ڪجھه لفظ اھڙا آھن جيڪي محبت ۽ سناشائي سان مشابھت ڪن ٿا جيئن. ھو جنھن جا پير پنج سير الا يا جنھن کي سوني منڊي چيچ  ۾ ھو جمالو ھاڻي سڀ ڪو سوچي ٿو ته جمالو شيدي جيل ۾ قيد ھو ته سوني منڊي ڪٿان آئي يا سندس پير پنج سير ڪيئن سو ان جي مشابھت ائين آھي جيئن اڪثر ٻھراڙين ۾ جڏھن ڪو شادي ڪندو آھي ته ڀلي اھو رنگ جو ڪارو ھجي پر لاڏا ڳائيندڙ عورتون ان کي ڀلو ڪري پيش ڪنديون آھن ۽ اسان جي ٻھراڙين ۾ اڌ نالو وٺڻ رواج ۾ شامل آھي پورو نالو گھٽ ماڻھو ھڪ ٻئي کي سڏيندا آھن ان لاءِ جمال الدين عرف جمالو شيدي جي گھر واري به سندس پورو نالو وٺڻ بجا۽ اڌ نالو جمالو ورتو آھي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اھي سھرا لاڏا عام آھن. سو جمالو شيدي جي زال طرفان پنھنجي مڙس کي کٽي اچڻ بعد سندس سان محبت جو اظھار ڪجهه هيئن ڪيو آھي.
ھو جمالو واھ واھ جمالو
ھو منھنجو کٽي آيو خير سان ھو جمالو.....
ھو جيڪو روھڙي واري پل تان ھو جمالو.....
ھو جيڪو سکر واري پل تا ھو جمالو.......
ھو منھنجو جمالو جتن سان ھو جمالو......
ھو جهنھن جا وار گھنڊي دار الا ھو جمالو....

No comments:

Post a Comment