Wednesday, May 13, 2020

محبت ڪلھ ۽ اڄ - ھمير گاد


محبت ڪلھ ۽ اڄ
ھمير گاد
اڄ ڪلھ جي جديد دؤر، پيار ۽ محبت کي رانديڪو بڻائي ڇڏيو آ. نهايت سولائيءَ سان موبائل يا فيس بڪ جي ذريعي راڻي ڳولهڻ پوءِ وري انهيءَ ڏي بئلينس موڪلڻ ۽ ائين ڪهاڻي اسٽارٽ...
اڪثر اهو به ڏٺو ويو آ ته ڇوڪرا جنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي خوابن جي شھزادي سمجهي انهن ڏي ايزي لوڊ موڪليندا آھن اهي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ شھزادي نه شهزادو پان وارو ۽ اسلم ڏَھيءَ وارو  نڪري پوندا آھن.


ڪجھ ماڻھو وري محبت ۾ ايترا انڌا ٿي ويندا آھن جو کائڻ پيئڻ ئي انهن کان وسري ويندو آ ۽ اگر غلطيءَ سان انهن جي محبوبه سان ئي شادي ٿي وڃي ته پيءُ ماءُ کي به وساري ڇڏيندا آھن.
محبت جنهن کي ملي اهو خوشيءَ ۾ چريو ٿي وڃي ۽ جنهن کي نه ملي اهو غم ۾ چريو ٿي وڃي.
استاد بخاريءَ چيو آ؛
”پيار ڏئي پيار گهرين ٿو، حيف هجئي استاد،
عاشق نه آهين، ڪو آهين وڏو واپاري۔۔۔“
اڄ ڪلھ جو پيار واقعي واپار بڻجي ويو آ. صرف نالي ۾ وڃي رهيو آ.
پهريان عاشق عشق ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ هڪ ڪيسيٽ ۾ پنهنجي پسند جا ڏھ درد ڀريا گانا ڀرائيندو هو ۽ سڄو ڏينهن رِوائينڊ ڪَري ڪري ٻُڌندو هو.
هاڻي ته اهڙو ڪجھ به ناهي بجاءِ غمگين ٿيڻ جي وري نئين عشق ۾ لڳي ٿو وڃي.بدلي وٺڻ لاءِ نئين محبوب سان گڏ پهرين نڪتل سيلفي پراڻي محبوب ڏي واٽس ايپ ٿو ڪري.
پهريان محبت جي ڪهاڻيءَ جو آغاز اڪثر هن جملي سان ٿيندو هو؛ ”اوهان زندگيءَ ۾ ڪڏھن محبت ڪئي آ.“
هاڻي ته اهو جملو به بدلجي ويو آ، هاڻي ته ڊائريڪٽ اهو چيو ٿو وڃي؛ ”اوهان جو موبائل نمبر ملي سگهي ٿو.“
پهريان ڪيڏو خوبصورت وقت هو جڏھن محبت ۾ گرفتار عاشق پري کان ئي سڃاتو ويندو هو. اداس چهرو، وکريل وار، هٿ ۾ دکايل سگريٽ...هاڻي ته جنهن عاشق جي محبت رُسي ٿي وڃي ته اهو خوشيءَ مان دوستن کي ٿو ٻڌائي“ ڀاءَ! شڪر آ جان ئي ڇُٽي.“
پراڻي زماني جي عاشقن کي شعر به زباني ياد هوندا هئا مجال آ جو ڪو لفظ هيڏي هوڏي ٿي وڃي.
پر اڄ جا عاشق ته پاڻ ئي شاعر بڻجي ويا آھن.
”تون جو اڄ پارڪ ۾ ملڻ کان انڪار ڪيو، ميسيج ڪري ٻُڌائين ته ها واٽ از پروبلم.“
اها آھي اڄ جي هڪ اينٽي بايوٽڪ عاشق جي شاعري.
خليل جبران چيو آ؛ ”جڏھن توهان محبت ڪيو ته ان کي اهو نه چئو ته هو منهنجي دل ۾ آ بلڪي چئو ته مان هُن جي دل ۾ آھيان.محبت قبضو ناهي ڪندي ۽ نه ئي ان تي قبضو ڪري سگهجي ٿو.
ياد رکو محبت توهان جي سر تي تاج رکندي آ ته گڏ ئي توهان کي ڦاسيءَ تي به چاڙهيندي آ.“
اڳي عاشق پنهنجي محبوب جي عشق ۾ گم ٿي ديوانو ٿي ويندو هو، مجنون بڻجي ويندو هو، کائڻ پيئڻ اُن کان بلڪل وسري ويندو هو، پر اڄ جو عاشق محبوب جي لاءِ بيوٽي پارلر وڃي ٿو فيشل ڪرائي ٿو. مختلف ڪِريمون استعمال ٿو ڪري. زنانه ڪپڙا پائي خوشيءَ ۾ پوري شھر جو چڪر ٿو لڳائي ۽ وري انهن ئي زنانه ڪپڙن سان وچ روڊ تي سيلفي ٿو ڪڍي. سيلفي ڪڍي اُتي ئي پنهنجي محبوبه ڏي واٽس ايپ به ڪري ڇڏي ٿو.نه ٽريفڪ جي ڪا پرواھ نه ئي موت جو ڪو خوف.
هي ڪهڙي قسم جو عشق آ؟ هي ڪهڙي قسم جي محبت آ.؟ اسين ڪري ڇا رهيا آھيون ۽ اسين وڃين ڪهڙي طرف رهيا آھيون.؟ اسان کي پاڻ کي به ڪا خبر ناهي.
اڄڪلھ جي ڪجھ عاشقن جا پنهنجي محبوبائن کيِ چيل يادگار ڊائلاگ.
۱- تون ٿي چوين ته اسين مرد جلدي بدلجي ويندا آھيون، ڪير ٿو چوي اسان کي ته شاديءَ کان پهريان به شاديءَ جو شوق هوندو آ ۽شاديءَ کان بعد به.
۲- چري تنهنجي هن مجنونءَ جي اندر ۾ ايڏو ٽئلينٽ لڪيل آ جو اڄ ڏينهن تائين ان کي مان پاڻ ئي ڪونه ڳولي سگهيو آھيان.
۳-اسان جهڙن عاشقن توهان جهڙين محبوبائن کي دل جگر ڏئي ڏئي آدم خور بڻائي ڇڏيو آ.
۴-عشق روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان وانگر هر عاشق جي ضرورت آ.
۵-تون مون کي ڀلي وساري ڇڏ، ليڪن مان توڏي موڪليل ايزي لوڊ ڪڏھن به نه ٿو وساري سگهان.
۶- جڏھن کان توکي ڏٺو آ بُک ئي مري وئي آ، رڳو ڇھ مانيون کائيندو آھيان.
ننڊ ئي حرام ٿي وئي آ، رڳو ۸ ڪلاڪ سُمهندو آھيان.
۷- مان تنهنجي محبت لاءِ ڇا نه ڪيو، نيوز چئنل ڇڏي سوپ سيريل ڏسڻ شروع ڪيا.
۸- منهنجي ملڪه! ياد آ توکي جڏھن مان تو وٽ گل کڻي ايندو هُيم تون منهنجي محبت جي قدر ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو پاليل ڪتو منهنجي پويان ڇڏي ڏيندي هئينءَ.
۹- منهنجي راڻي! رب ٿو ڄاڻي تون ئي منهنجو تقريبن آخري پيار آھين.
۱۰- جانان! تنهنجو هي مسڪين عاشق ايترو شريف آ جو جڏھن مان مُنهن ڌوئندو آھيان ته گهر وارا چوندا آھن؛ ”وضو ٿو ڪري.“
هڪ محبوبه پنهنجي عاشق کان بريڪ اپ ٿيڻ کان ٿورو وقت اڳ چيو ته: پاڻ هميشه لاءِ اڄ جدا ٿي رهيا آھيون، ويندي ويندي ڪا يادگار ته ڏئي وڃ.
ان عاشق ان کي ويندي ويندي گار ڏني ته محبوبه چيس: گار ڇو ڏنئي.؟
عاشق چيس: تو پاڻ ئي ته چيو ڪا (ياد+گار=يادگار) ڏئي وڃ.
عجيب انداز، عجيب ڳالهيون آھن. اڄ ڪلھ ته رڳو ٽائيم پاس محبت آ.
 محبت جي نالي ۾ اسين صرف چيٽنگ ڪري رهيا آھيون. مستقبل جو ڪو فڪر ناهي.
ڪتابن جي بجاءِ وِھاڻي کي سيني سان لڳائي سمهي ٿا پئون، قلم کي ڇڏي ڪري موبائل ۾ سڄو ڏينهن ڌيان آ.
زبان تي الله جي بجاءِ جانو جانو جي تسبيح آ.
امر جليل چيو آ؛
”اڳ ڪتابن جو قدر هوندو هو، اڄڪلھ بوٽن جو قدر آ.
اڳ اڇي پڳ جو قدر هوندو هو، اڄڪلھ اگهاڙن مٿن جو قدر آھي.
اڳ عمر ۽ تجربي جو قدر هو، اڄڪلھ عهدي ۽ ڪرسيءَ جو قدر آھي.
اڳ وڏن جو قدر هو، اڄڪلھ ننڍن جو قدر آھي.“
بلڪل ائين اڳ محبت جو قدر هو اڄڪلھ محبت پهريان بئنڪ اڪائونٽ ٿي پڇي. جيڪڏھن ڪنهن وٽ پئسو ۽ سٺي گاڏي وغيره آھي ته پوءِ دير ئي نه...ڇا جي پيءُ ماءُ جي عزت، ڇا جا رشتا پهريان اهو پئسو وارو عاشق.
مون کي ته ڪي عاشق، عاشق گهٽ ”آ شَڪ“ وڌيڪ لڳندا آھن. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي محبوب سان ايترو پيار ناهن ڪندا جيترو ان تي شَڪ ڪندا آھن.
محبت بلڪل بدلجي وئي آ، ليڪن ان جو نالو اڄ به محبت آ. روح نڪري چڪو آ، جسم باقي آ.

(روزانه فاسٽ ٽائيمز  ۱۹-۴-۶)

No comments:

Post a Comment