Friday, February 14, 2020

ويلنٽائن ڊي - ھمير گاد


ويلنٽائن ڊي
طنز ۽ مزاح
ھمير گاد
ڏٺو وڃي ته عاشقن جي لاء هر ڏينهن ويلنٽائن ڊي آ، سواءِ محبوبه جي پيءُ جي هٿان خوار ٿيڻ جي. اڪثر عاشق هن ڏينهن تي ڏاڍو پريشان هوندا آھن. پريشانيءَ جو سبب ٻيو ڪجھ نه بس اهو هوندو آ ته کاڌو کائڻ کان ٽي وي ڏسڻ جي آدابن تائين ته ڪتاب موجود آھن پر ڪنهن ڪتاب ۾ عشق جا آداب نه ٿا ملن. انهن ڪتابن ۾ عشق جا ڪيترا ئي شعر ته موجود هوندا آھن پر طريقو ٻڌايل ناهي هوندو. ڪاش طريقو به ٻڌايل هجي ها؟


هن ڏينهن تي عاشقن کي گهرجي ته گل يا ٻيو ڪو ئي گفٽ، محبوب ڏي خيال سان موڪلين. ايئن نه ٿئي جو رشيده جو گفٽ حميده ڏي هليو وڃي ۽ حميده جو وري رشيده ڏي. پوءِ وري عاشق جو جيڪو حشر ٿيندو، ان جو نقشو ئي ڦري ويندو. گهر وارا به ان کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. نا تجريبڪار عاشق، ان پوائنٽ کي غور سان پڙھن. جيترو گهڻو پڙھندا، ان جو ثواب ليلي مجنون جي روح کي ملندو رهندو.
محبوبه کان اهو به ڪڏھن نه پڇجي ته؛ ”توهان ڏي ان کان پهريان گهڻن ماڻھن تحفا موڪليا آھن؟“ جيڪڏھن اهو پڇندئو ته پوءِ محبوبه تان هٿ کڻي ڇڏيو. خوامخواھ پنهنجو وقت برباد نه ڪجو.
جيڪڏھن گفٽ، پاڙي جي ڪنهن دڪان تان وٺي ويندئو ته توهان جي لاءِ مصيبت به ٿي سگهي ٿي. اُتي ڪوئي اوهان کان ابتا سبتا سوال پڇي سگهي ٿو ۽ اوهان جي تصوير يا وڊيو رڪارڊ ڪري، سوشل ميڊيا تي رکي، اوهان کي ويتر مصيبت ۾ وجهي سگهي ٿو. ان کان بهتر آ ته گفٽ پندرنهن ويھ ڪلوميٽر پري کان، ڪنهن اڻ واقف کان وٺو. يا اهڙي ماڻھوءَ کان وٺو، جنهن جو دڪان جبل جي چوٽيءَ تي هجي. جيڪڏھن گفٽ، محبوبه جي بدران ان جي ڀاءُ کي ملي ويو ته سمجهو اوهان ناڪام عاشق آھيو. پر خير! پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالھ ناهي. جيڪو جيترو ناڪام عاشق هوندو آ، اهو اوترو ئي ڪامياب شاعر هوندو آ.
اڳي ماڻھو خط ۾ گل وجهي، پنهنجي محبوبه ڏي موڪليندا هئا. جيڪڏھن ڪنهن گل ۾ خوشبوءِ گهٽ هوندي هئي ته ان ۾ ٻلي مار عطر مڪس ڪندا هئا. جنھن سان محبوبه هيڏي يا هوڏي..
منهنجي هڪ دوست، بيوٽي پارلر تان فيشل ڪرائي، پنهنجي محبوبه کي ميسيج ڪري چيو؛ ”جان! مان تو کي هن ويلنٽائن ڊي تي سوئيٽر گفٽ ڪندس. بس دعا ڪر! جلدي لُنڊا بازار ۾ سيل لڳي.“
هن ڏينهن تي اڪثر عاشق، موبائل فون تي، محبوب سان فضول سوال ڪري، هن جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيندا آھن.
۱- جانو، تو اڄ ڪهڙي رنگ جي ڊريس پاتي آھي؟
۲- اڄ گهڻا ڀيرا تيزاب سان منهن ڌوتئي؟
۳- شگر فري واڱڻ پچائي کاڌئي يا نه؟
۴- نصيبو لال جا رومانٽڪ گانا ڪيترا ڀيرا ٻڌئي؟ ڀلا ٻڌ! مون کي ياد ڪيئي؟
۵- ڊرامي ’ميري پاس تم هو‘ جون سڀئي قسطون ڏٺئي يا مان لنڪ موڪليانءِ؟
۶- دلربا، اڄوڪي ڏينهن تي مهرباني ڪري ڪپڙا ته نه ڌوئجانءِ! نه ته سڄو ڏينهن خراب گذرندو.
ان جو محبوب، پهريان ته پنهنجو مٿو پٽيندو، پوءِ چوندو؛ ”ان کان ته پهريان وارو بواءِ فرينڊ چڱو هو، پاڻ چريو ٿي ويو پر ڪڏھن به اهڙا سوال ڪو نه پڇيائين.“
هن ڏينهن تي صرف انسان ئي نه بلڪ جانور به، اڳيان اڳيان هوندا آھن. ٽي سال پهريان، انڊيا جي شھر بينگلور ۾ ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي انوکي شادي ڪئي وئي. جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار ڪو انسان نه پر گڏههِ ۽ گڏهُه هئا. جڏهن ته ان شاديءَ ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي.
هڪ عاشق، پنهنجي محبوبه کي واٽس ايپ تي ميسيج ڪيو ته؛ ”اسان پنهنجي شاديءَ ۾ ڏھ ھزار ديڳيون تيار ڪرائينداسين ۽ ويھ هزار ڪرسيون هونديون.“
ان تي سندس محبوبه جواب ۾ چيس: ”اها شادي هوندي يا ڪو ڌرڻو لڳندو.“
تازو ويلنٽائن ڊي تي، شادي ڪندڙن لاءِ سائنسدانن انتهائي سخت وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ميل آن لائن جي رپورٽ موجب؛ آسٽريليا جي يونيورسٽي آف ميلبرن جي سائنسدانن، جديد تحقيق کانپوءِ نوجوان جوڙن کي هدايت ڪئي آهي ته؛ ”ڪڏهن به ويلنٽائن ڊي تي، شادي نه ڪن. ڇو ته ان ڏينهن ٿيندڙ شادين جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.“
هن ڏينهن تي جيڪو شادي ڪري، اهو پهريان ٻه سؤ ڀيرا سوچي يا ڪيس تان هميشه جي لاء هٿ کڻي وڃي.
هن ڏينهن تي ڪي عاشق وري اچانڪ فنڪار ٿي ويندا آھن. ماشاءَالله سان، وري ڳائيندا ائين آھن ڄڻ ڪنهن گڏھ کي نسوار ڏئي ڇڏي هجي ۽ اهو گڏھ پاڳل ٿي ويو هجي. جڏھن محبوب کان پڇندا ته؛ ”منهنجو آواز ڪيئن لڳئي؟“ ته موٽ ۾ محبوب چوندس؛ ”واھ! ڇا ته تنهنجي آواز ۾ درد آھي، ڏسجان تون تمام گهڻي ترقي ڪندين. تمام گهڻو اڳتي ويندين. دوزخ کان به ٽيھ ڪلوميٽر اڳتي.“

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ۾، ۱۴ فيبروري ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment