Saturday, January 25, 2020

گڏهه يا ڪتي واري زندگي، چونڊ پنهنجي پنهنجي - خير محمد ڪولاچي


گڏهه يا ڪتي واري زندگي، چونڊ پنهنجي پنهنجي
خير محمد ڪولاچي
سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ سنگت مان ميل ملاقاتون به ٿينديون رھيون. هڪ ڏينهن ست اٺ دوست چانهه پيئڻ لاءِ وڃي ويٺاسين. ان چوياريءَ ۾ هر ڪنهن جا واقف پئي شريڪ ٿيا. هڪ همراهه جيڪو منهنجي دوست جي واسطي وارو هو سو به اچي اتي ويٺو. ٻين اڻ واقفن جي ڀيٽ ۾ هن ويهندي دوست کي اتي ويٺلن سان تعارف ڪرائڻ جو چيو. ان تي منهنجي دوست سندس نالي ٻڌائڻ سان گڏ اهو به ٻڌايو ته هو هڪ اهم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي فائر آهي. شايد هن ان محفل ۾ پنهنجي عهدي جي حوالي سان توجهه پئي چاهيو. منهنجي باري ۾ هن کي ٻڌايائين ته هي ڪولاچي صاحب آهي، جيڪو ڪئناڊا ۾ رهندو آهي. ان ٻڌڻ تي هن مون کي مخاطب ٿيندي چيو ته؛ ٻڌو آهي ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ ماڻهو وڃي اتي مزودري ٿا ڪن. اهو چئي هن منهنجو جواب ٻڌڻ چاهيو. مون محسوس ڪيو ته ھن ۾ ٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ وارو رويو ھو، جيڪو سندس اندر احساس ڪمتري جي نشاندھي ڪري ٿو. مون کيس چيو ته؛ ان جو جواب ڏيڻ کان اڳ، مان تو کي هڪ سِک جو قصو ٿو ٻڌايان. ان سِک سان منھن جي ملاقات ان وقت ٿي جڏهن اسان ٽورنٽو ويجهو، هڪ ننڍي شهر ۾، هڪ هوٽل تان ماني کائي نڪتاسين پئي.


خبر پئي ته ان ھوٽل جو مالڪ سِک آهي. ھو به اتفاق سان ملي ويو. خبرون چارون ڪندي ٻڌايائين ته ويجهن شهرن ۾ سندس کاڌي جا اهڙا چار هوٽل آهن. صبح جو مان نيرن ڪري نڪرندو آهيان. هڪ هوٽل جي سنڀال ڪري ان ۾ کٽل سامان پورو ڪري وري ٻئي تي ويندو آهيان. ائين سڄو ڏينهن ڪم ڪار جي نگراني ڪرڻ کان پوءِ رات جو ٻارھين بجي ڌاري واپس گهر پهچندو آهيان. هڪ ڏينهن منهنجي پٽ مون کي چيو ته؛ ”بابا هي ته گڏهه واري زندگي آهي.“ مون کيس وراڻيو ته؛ ”بابا! جيڪڏهن گڏهه جي زندگي نه گذارينداسين ته پوءِ ڪتي واري زندگي گذارڻي پوندي.“
کيس چيم ته؛ ”سائين اسان ته گڏهه واري زندگيءَ جي چونڊ ڪئي آهي. جن کي گڏھ واري زندگي پسند ڪونھي سي ڀلي ڪتي واري زندگي گذارين. ماڻهو ڀلي پاڻ کي ڪيڏي به تسلي ڏئي ته مان وڏي عهدي تي آهيان پر گهڻو ڪري ان کي ڪامورن، سياستدانن جي رحم ڪرم تي رهڻو پوي ٿو. پئسن ڪمائڻ لاءِ خودداري وڃائڻي پوي ٿي. پوسٽگ وٺڻ لاءِ ڪن جي درن تي وڃي صاحب جي ملڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڪا شخصيت ناراض ٿئي ته دڙڪا ڏئي پوسٽ تان ھٽرائي ڇڏي. پوءِ اھڙي زندگي کي ڪھڙو نالو ڏجي.“
ان تي، همراهه منهن ڦيري، سندس ڀر ۾ ويٺل ٻئي همراهه سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو ۽ جلد پوءِ چپ چاپ اسان جي محفل مان کسڪي ويو.
اسان جي معاشري جو اهو اليمو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن نوجوان مئٽرڪ پاس ڪئي يا گريجوئيشن ڪئي پوءِ کڻي سندس علمي قابليت گهٽ به هجي پر هو پاڻ کي پڙهيل سمجهندو آھي. هو ڪڙمي، مزدور، دڪاندار کان پاڻ کي مٿانهون پيو سمجهندو. ائين نوڪري يا سٺي نوڪري وارو پاڻ کي اڃا مٿانهون ڄاڻندو. چڱي نوڪريءَ جي حوالي سان رعب وجهڻ، سندس نفسيات جو حصو بڻجي ٿو وڃي. سرڪاري ملازمن جو ھڪ ننڍو تناسب به آھي، جيڪو عزت سان نوڪري ڪري ٿو. اھڙا نه احساس ڪمتري ۾ رھن ٿا، نه منجھن لالچ آھي. نه وري کين ٻئي کي گھٽ ڏيکارڻ جي ضرورت آھي.
هڪ ڀيري، ھڪ سان دوست ملڻ، سندس گهر وياسين، جتي هڪ همراه اڳ ئي ويٺو. ملڻ کانپوءِ هن نالا وٺي اسان جو تعارف ڪرايو ۽ اڳ ويٺل همراه جو تعارف ڪرائيندي به فقط هن جو نالو ٻڌايائين ۽ چيائين ته هي منهنجو سالو آهي. ميزبان سمجهيو ته اهو تعارف ڪافي آهي.
اسان ته هڪ صنعتي اداري ۾ انجنئير هئاسين، تنهن ڪري رعب وجھڻ لاءِ ڪجهه ڪو نه هو. تنهن ڪري اها اسان جي ضرورت به نه هئي. پر سامھون وارو همراه وڪڙ کائيندو رهيو ۽ موقعو ڳوليندو رهيو ته ڪنهن بهاني هو ٻڌائي ته سندس عهدو ڇا آهي. نيٺ گفتگوءَ دوران، ڪنهن سياسي موضوع تي بحث ٿيڻ لڳو ته ان ۾ حصو وٺندي ھن چيو ته؛ ”ڪالهه اسان ٽي، ڊي ايس پي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، جن جو ھن موضوع تي ھي موقف ھو.“
اسان چانهه پي، ڪچهري پوري ڪري، اٿياسين ته ميزبان اسان کي ٻاهر گاڏيءَ تائين ڇڏڻ آيو. پر هن ڊي ايس پي ڊرائنگ روم ۾ ئي اسان کان موڪلايو. ٻاهر اسان دوست کي چيو ته؛ اڳتي همراه جي تعارف ۾ ڊي ايس پي ضرور شامل ڪندو ڪر، نه ته هو همراه پيو بي قرار ٿيندو. هن جي ضرورت جو ته خيال رکندو ڪر.
اسان جي دوست به ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ۽ چيو ته؛ ”ٺيڪ ٿا چئو! ڪن کي ڀلي اهڙي ضرورت نه هجي پر گهڻا پنهنجي عهدي يا مرتبي واري فخر تي سڪون محسوس ڪندا آهن.“

(خير محمد ڪولاچيءَ جي تازي ڇپيل ڪتاب جو ھڪ باب، سندس ئي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment