Saturday, January 4, 2020

ھلندي ڪا ٽنڊي - نصير مرزا


ھلندي ڪا ٽنڊي
نصير مرزا
حيدرآباد کان ٽنڊي الهيار ويندي، رستي ۾ هيءُ جيڪو ”قبو اسٽاپ“، اڄ ته بابا اتي روڪيس. روڪيس...ان ڪري جو اتان کاٻي هٿ تي فرلانگ اڌ جي مفاصلي تي نڪ جي سڌ ۾، بقول مرزا قليچ بيگ؛ جيڪو داناءُ درويش، مجذوب عارف، ڪامل ۽ خوش گفتار شخص ابدي آرامي آھي، ان جي قبر ڪتبي تي وڃي پڙهي ته ڏسو! هي ڇا ته حيرت جهڙا لفظ لکيل آهن: ”جيئن توهان اڄ آهيو، تيئن آئون ڪالهه هوس. سڀاڻي توهان به ائين ئي هوندئو جيئن اڄ آئون آهيان-“ ۽ ان لحد ۾ ليٽل آهي وتايو فقير...جنهن تي واهه جو ميلو متل اٿوَ.


هاڻي هيءَ ڳالهه به سڀني کي خبر آهي ته خلق، ثقافت ۽ اوقاف کان وسري ويل هن خوش ڪردار ۽ لذيذ گفتار، داناءَ، مفڪر وتايي فقير جي مزار تي پهريون ادبي سيمينار ڪوٺائڻ جو پُور ڪنهن وقت ٽنڊي الهيار جي اسسٽنٽ ڪمشنر سائين عبدالقار منگي کي ئي پيو هو ۽ اها پندرهين مئي جي تاريخ ۽ ۱۹۸۵ع جو سن هو... تڏهن اجاڙ قبرستان ۽ وتايي جي تربت جي آسپاس اوچتو طنبو تولان کڙا ٿي ويا ۽ اديبن شاعرن ۽ راڳين لاءِ پلاءَ ۽ چاشنيءَ جون ديڳيون دمجي ويون، وتايي جي تربت سيرانديءَ بينر تي لکرايو ويو... خوش آمديد.... ڀلي ڪري آيا، ڀلي ڪري آيا...
اسان جي دوست عبدالقادر منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ”جوئي آهيان سوئي آهيان ۾ لکيو آهي....سال ٿيا، سنڌي ثقافت جو ليجنڊ عبدالحميد آخوند، ڪمشنر اسلم سنجراڻيءَ جي آفيس ۾ مون سان مليو، چوڻ لڳو: مون سوچيو هو وتايي فقير بابت آئون پهرئين ڪانفرنس سڏائيندس، پر توهين مون کان گوءِ کڻي ويا.“
آئون يا مون جهڙا تاريخ کان ڪيئي بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ، ڪنهن وقت وڏڙن کان وتايي جا ٽوٽڪا ۽ چُٽڪا ٻڌي سمجهندا هئاسين ته پڪ سان وندر ورونهن لاءِ وتايو به شايد ڪنهن سُگهڙ جو تخليق ڪيل خيالي ڪردار آهي، پر سنڌ جي تاريخ جو جيڪو مُستند ماخذ ”تحفة الڪرام“ جو پڙهيم ته، مصنف مير علي شير قانع گواهي ڏيو بيٺو هو ته: هيءُ فقير ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ حيات هو. جيڪو ٺٽي مڪلي جي ميدانن تي اوليائن ۽ عارفن جي قبرن جي آسپاس گهمتاريون ڏيندو وتندو هو. پوءِ الائي ڪهڙو پُور پيس جو عمرڪوٽ، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ڏانهن روانو ٿي ويو. مير علي شير عربي خط ۾ سندس نالو ”ط“ سان لکيو آهي، ۽ نصرپور واري تاريخدان محمد يوسف شاڪر به سندس نالو ”ط“ سان ئي ڄاڻائيندي لکيو هو ”وطومل“... سندس پٽ جو نالو ”ميلو رام“ ۽ چاچي جو نالو ساڌو رام...
هاڻي هتي سوال ته اهو وتايو يا وطومل هندو هو يا مسلمان؟ قليچ بيگ لکيو؛ ”هندو ۽ مسلمان دلا ساڳئي ڪنڀر جا، سڏجن ٿا جدا ٿانوَ، مگر آهي مٽي هڪ.“
سائين علي احمد بروهي، جنهن کي پڻ پنهنجي دور جو ماڊرن وتايو سڏيو ويو، ان انهيءَ بحث کي سمٽيندي لکيو: ”ڇا به هو، پر هندو هوندي، وتايو ڪنهن به ٻانڀڻ جي ڦند ڦيرَ ۾ نه آيو ۽ نه ئي مسلمان ٿي، ڪنهن مولوي صاحب جي وڪڙ ۾ آيو. ٻنهي کي هڪجهڙي گوهي ڏيئي، صاف صوفي ٿي، سنڌي سماج جو گوهر آبدار ٿي گهمندو ڦرندو ۽ عقل ڀريا نقطا ورهائيندو رهيو.“
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب لکيو: ”اوهان وتايي جي نقلن کي شايد ”هڪ ڀوڳ“ ڪري ڀانيو، پر عقلمندن لاءِ هي نقل، عقل جي موتين سان ڀريا پيا اٿوَ.“
هاڻي هيءُ وتايو پنهنجي ذات ۾ آخر هو ڀلا ڇا ۽ ڪير؟ ته ان جو اندازو سندس هن عقل ڀريي نقل مان لڳايو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته؛ ”وتايو گهمندو ڦرندو، هڪ اهڙي شهر ۾ وڃي نڪتو، جتي سندس ڪا به سڃاڻپ ڪا نه هئي. رات جو هڪ مسافر خاني ۾ وڃي ٽڪيو. جتي اوچتو سخت بيمار ٿي پيو. مٿس غشي طاري ٿي...ته ڇا ٻُڌي سندس سيراندي کان بيهي ڪي ماڻهو سُس پُس ۾ پيا چون؛ ويچارو مسافر، الهه ڄاڻي، الائي هندو الائي مسلمان!؟ اوچتو جي هتي مري ٿو پوي ته ڪهڙي ڪار ڪريونس، پُوريونس يا ساڙيونس؟ تڏهن ماڻهن واتان اهڙا ڀڻڪا ٻُڌي، وتايو ٽپ ڏئي اُٿي کڙو ٿيو. چئي؛ هتي مرڻ مناسب ئي ناهي. سو مربو ته هلي ان هنڌ، جتي پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪو سڃاڻندڙ ته هجي.“
خير اها ڳالهه به طئي آ ته هيءُ وتايو صاحب داناءُ درويش ۽ ظرافت جو اهڙو ئي صاحب هو، جيئن ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ مُلا نصر الدين، پيراڻو ڀنڀرو، ڪاڪو آچار ۽ مُلان دو پيازو جا مثال ملن ٿا.
وتايو دنيا مان رخست ٿيو ته کيس پنهنجي مرشد ”شيخ لوهيڻي“ جي مزار واري قبرستان ۾ جاءِ ڏني وئي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ لکيو: ”وتايو سنڌ جو سماج سڌارڪ داناءُ هو، جنهن سنڌ جي جاگيردارن ۽ دقيانوسي سماج کي غير سنجيده گفتن ۾ ڇا ته سنجيده سنجيده سنيها ڏنا آهن. مثال طور سندس هڪ گفتي ۾ ڄاڻايل آهي ته؛ ”وتايو واٽ وٺيو پئي ويو جو سامهون کان ڪانڌي ڪو لاش کنيو پئي آيا. پڇيائين هيءَ ميت، ٻار جي يا وڏي جي؟ ٻڌايائونس، وڏي جي. پڇيائين؛ عورت يا مرد؟ ٻڌايو ويس؛ لاش عورت جو آهي. پڇيائين؛ ڪنواري يا پرڻيل؟ ٻڌايو ويس؛ ”ڪنواري“... هڪدم چيائين؛ ”اوهو... مئي سهايائون پر ڪنهن کي پرڻائي نه ڏنائون“.
ايئن هڪڙي ٽوٽڪي ۾ ماءُ چويس ٿي؛ وتايا ڪٿان ٽانڊو کڻي اچ ته باهه ٻاري ماني پچائي ڏيانءِ. وتايو گُهمي ڦري، ٽانڊي بنا موٽي گهر ٿو اچي. چويس ٿو؛ افسوس امان ٽانڊو ته ڪٿان به نه مليو. تڏهن ماءُ چڙ منجهان چويس ٿي؛ هاڻي سڌو وڃ دوزخ، اتان جي آڙاهه مان کڻي اچ ٽانڊو. بيزاريءَ مان وراڻيس ٿو؛ اي امان دوزخ ۾ به باهه ۽ ٽانڊا ٿورو ئي پيا دُکن. هر ڪو پنهنجا ٽانڊا هتان ئي کڻي ويندو اٿئي؟
هڪ ڀيري، وتايو گڏهه تي چڙهي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي گڏهه گوهي ڪري ڦيرائي ڦيرائي کڻي پٽ تي اڇليس. يڪدم ٽپ ڏئي، ڪپڙا ڇنڊي، ڦڪو ٿي، اُٿي، گڏهه ڏانهن ڪاوڙ مان گهوري، چوڻ لڳس؛ ”تو کي ڇا چوان! زبان تي جيڪو لفظ چڙهي آيو آهي، اهو ته تون اڳي ئي آهين!“
هاڻي انهيءَ گڏهه کي وڪري لاءِ وتايو پڙي ۾ جو ڪاهي آيو ته جيڪو به خريدار گڏهه جي اڳيان اچي ته اڇل ڏيئي ان کي چڪڻ ٿو لڳي ۽ ڪو جي پويان ٿو بيهيس ته ٺڪاءَ اِٽ... تڏهن وٺندڙن مان هر هڪ سان گڏهه اهڙي ڪار جو لائي ڏني ته هڪ خريدار ڪاوڙ مان چيس؛ ”اهڙو کِٽر گڏهه ڪنهن کي کٽي کنيو آهي جو توکان خريد ڪندو؟ وتايي پيشمانيءَ مان وراڻيو؛ ”ادا...آئون به گڏهه ڪو وڪڻڻ لاءِ ناهيان ڪاهي آيو، پڙيءَ ۾ ان ڪري آندو اٿم ته خلق ڏسي، ته هي گڏهه مون سان ڪهڙي ويڌن لائي ويٺو آهي.“
هڪڙي ڏينهن ڪو همراهه، وتايي کان سندس اهو گڏهه اُڌارو وٺڻ آيو. نٽائيندي وراڻيائين؛ ”ادا ان کي ته ڪو ٻيو سوالي ڪاهي ويو آهي.“ ايتري ۾ اندران لوڙهي مان گڏهه هينگ ڪئي. هاڻي همراهه جا ڪن کڙا ٿي ويا. حيران ٿي چيائين؛ ”فقير! گڏهه ته هينگ ڪري خود پيو ٻڌائي ته گهر ۾ آئون ٻَڌو بيٺو آهيان.“ تنهن تي وتائي وراڻيس؛ ”افسوس، گڏهه تي اعتبار ڪيئي، پر مون تي نه...!“
هڪ ڏينهن وتايو، ڪپڙا لاهي تلاءَ ڪناري وهنتو پئي. اهڙي ڪِرت ۾ مصروف ڏسي، ڪنهن حرڪتيءَ ڇا ڪيو جو فقير جي قميص تي ڪوئلي سان گڏهه جي تصوير ٺاهي ڇڏيائين. هاڻي وهنجي سهنجي تلاءَ مان نڪري هن قميص پاتي ته اڳيان گڏهه جي تصوير! ويجهر ۾ اتي ڪيترا ئي ماڻهو بيٺل هئا. وتايي جي قميص ڏي ڏسي، پيٽ تي هٿ رکي ٻيڻا ٽيڻا ٿي کِلڻ لڳا. تڏهن کلندڙن ڏانهن ڏسي ڪاوڙ منجهان وڏي واڪ وتائي چيو؛ ”اڙي!! هيءُ ڪهڙي گڏهه منهنجي قميص سان منهن اُگهيو آهي؟“ جنهن سوال تي سڀ ماٺ ٿي ويا ۽ اهڙو ڪُڇن جهڙي ڀِت!

No comments:

Post a Comment