Thursday, August 3, 2017

مُنگھو - مٺل جسڪاڻي - گل بھار باغائي

مُنگھو
سٽون: مٺل جسڪاڻي
تصوير: گل بھار باغائي
مُنگھو (واحد) مُنگھا (جمع) جابلو ميوو آھي. جيئن کنڀي برسات کان پوءِ ٿئي، ھيءُ به ائين برسات کان پوءِ ٿئي. فرق اھو آھي جو کنڀي، زمين مان سڌي نڪري ٿي، پر ھيءُ ھڪ ننڍي قد جي ٻوٽي ۾ ٿئي ٿو. ٻوٽو پنن وارو ٿئي ٿو. منگھو، پنن ۾ اندر ائين لڪل ھوندو آھي، جو پري کان ھن جي ھجڻ جي يا نه ھجڻ جي خبر به نه پوندي آھي.
ميوي جي ٻاھران، ڪنڊن وانگر چُنھبياريون سُيون نظر ته اينديون آھن، پر ميوو کائڻ مھل محسوس نه ٿينديون آھن.


ميوو ڪچو ھوندو ته پٽڻ وقت، جيئن اڪ جي پن پٽڻ وقت ڏانڊيءَ مان کير جھڙو پٽڙو مادو نڪرندو آھي، تيئن ھن جي ڏانڊيءَ مان بہ نڪرندو آھي. ميوو پچڻ واري مرحلي ۾ وڃڻ ڪري ٻاھران سائو، اندران ڦڪاڻ مائل ھوندو آھي. پچڻ کان پوءِ اڪ وانگر ٿي پوندو آھي.
ھن جا پن گول نه بلڪ گولاوان، سنھڙا ۽ ننڍڙا ٿيندا آھن. ٻوٽن مان ٻڪريون به، ميوو چونڊي کائينديون آھن.
جابلو ماڻھو پٽي، ڪچو کائيندا آھن. ويجھن شھرن، بازارن، گسن تي ائين وڪڻندا آھن جيئن کنڀيون وڪڻندا آھن. گھٽ تعداد ۾ ٿيڻ ويل مھانگا ھوندا آھن. جڏھن ججھا ٿيندا آھن ته ان صورت ۾ سستا وڪامندا آھن.
حڪيم ھن جون ڪيتريون ئي خوبيون ٻڌائيندا آھن.

مون ھن جي ٽنڊوڄام ۾ ھٿرادو پوک به ڪئي ھئي ۽ پوکڻ جو طريقو، مضمون جي صورت ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڇپرايو ھو. پر يار ڪمال جو ۽ لاجواب ميوو آھي. 

No comments:

Post a Comment