Monday, June 18, 2018

رسا ڪشي - مٺل جسڪاڻي


رسا ڪشي
مٺل جسڪاڻي
”رسا ڪشي“ ھڪ قسم جي راند آھي. ھن راند ۾ ھڪ رسو هوندو آهي، ان جي ھڪ ڇيڙي ۾ ھڪ ٽولي ۽ ٻئي ڇيڙي ۾ ٻيءَ ٽولي، رسو جھلي بيھندي آھي. رسي جي وچ تي هڪ نشان ھوندو آھي. جيئن ئي ريفري سيٽي وڄائيندو آھي، ته ٻئي ٽوليون زور لڳائينديون آهن، ھر ٽولي ٻي ٽولي کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.
تمام مزيدار راند آھي. روبرو ڏسڻ جو لطف ئي پنھنجو آھي. گھڻ ۾ اھا راند ٿيڻ جي صورت ۾، تماشائين مان ڪجھه ماڻھو، جنھن ٽولي جا ھمدرد ھوندا آھن، ان ٽولي کي کٽائڻ جا ھربا استعمال ڪندا آھن.


عام طور ھي راند اسڪولن ۾، ٻارن کي کيڏائڻ لاءِ ڪئي ويندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ھي راند وڏن ماڻھن جي وچ ۾ به ٿيندي آھي.
جديد دور ۾ ڪيتريون ئي قديمي رانديون بي موت مري ويون آھن. ڪجھه رانديون پڇاڙڪن پساھن ۾ آھن. مثال طور سنڌ ۾ لڪ لڪوٽي، بلورن راند، لاٽونئڙو ڦيرائڻ ۽ ويڙھائڻ، ڪوڏي ڪوڏي يا ڪٻٽي (ڪبڊي)، ونجھه وٽي، ڪندرو، ترڻ جا مقابلا وغيرہ وغيرہ ياد ڪريو، بيشمار رانديون آھن.
جديد دور جون تقاضائون به جديد ۽ وقت به وقت تبديل ٿيڻ جي ڪري، راندين ۾ به گھڻيون ئي تبديليون به اينديون رھن ٿيون، ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي نيون رانديون به ميدان ۾ لٿل آھن.
جديد دور ۾ ڪجھه رانديون، جيئن کيڏجن، تيئن ته نه، پر عام جام کيڏيون وينديون آھن. ”رسا ڪشي“ به ھڪ اھڙي عام راند آھي، جنھن کي وقت جي تقاضا پٽاندر، جديد طرز يعني بنا رسو استعمال ڪرڻ جي به کيڏيو ويندو آھي.
”رسا ڪشي“ جا مثالي مقابلا ته ھونئن ٻيا به گھڻا ھلندا رھيا آھن، پر ڪجھه عرصي کان صحافين جي پاڻ ۾ ۽ شاعرن ۽ اديبن جي پاڻ ۾ به ”رسا ڪشي“ زور شور سان جاري آھي.
صحافين توڙي شاعرن ۽ اديبن جون به بيشمار ٽوليون آھن، ڪجھه صحافي توڙي ڪجهه شاعر ۽ اديب ته ھڪ ئي وقت، ھڪ کان وڌيڪ ٽولين ۾ نه صرف موجود ھوندا آھن، پر سرگرم عمل به آھن. ھر ٽولي پنھنجي ننھن چوٽي جو زور لڳائي رھي آھي. تماشائين مان به ڪيترا ئي ميدان ۾ لٿل آھن.
ھر ”رسا ڪشي“، ڪڏھن جلدي ته ڪڏھن دير سان، پر نتيجي تي پھچي ٿي. جيڪو به جاري مقابلن مان لطف اندوز ٿيڻ چاھي، اھو راند ۽ راند جا گُر سمجھي، مشاھدو ڪري.
ياد رکو، راند جو مشاھدو ڪندڙ کي ئي تماشائي چئبو آھي، جيڪو تماشائي آھي، اھو راز جو راڻو آھي، وڻيس ته پري کان راند ڏسي، چاھي ته پاڻ به سندرو ٻڌي ميدان ۾ لھي پوي.
”رسا ڪشي“ جي نتيجي جو دارو مدار طاقت تي آھي. طاقت لاءِ فردن جو برابر ھجڻ ضروري نه آھي. ڪو ”ھڪو رانجھا لکان دا مٽ“، ڪي ”ٻه ته ٻارھن“...
”رسا ڪشي“ ھڪ قسم جي راند آھي. راند کيڏڻ يا راند ڏسڻ تي ڪا به پابندي نه آھي، ڪو به ڏوھه نه آھي. مون ته صرف راند متعلق معلومات ونڊ ڪئي آھي. اميد ته معلومات ونڊڻ تي به ڪا پابندي نه ھوندي، اهو ڪو ڏوھه نه ھوندو.

(روزاني عبرت حيدرآباد، خميس ۱۵ فيبروري ۲۰۱۸ع)

No comments:

Post a Comment