Sunday, June 11, 2017

ڪاڇي جو واڻ - ممتاز علي جمالي

ڪاڇي جو واڻ
ممتاز علي جمالي
جوهي کان وٺي واهي تائين، واهي کان وٺي ٽندو رحيم خان. ٽنڊو رحيم خان کان وٺي ڇني، شاه حسڻ، منڇر ۽ جوهي تائين. انهيءَ وچ واري علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي. اهو علائقو تقريبن غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي بسر ڪري رهيو آهي. انھيءَ ڪري ڪاڇي جا ماڻهو نـه غريب آهن بلڪ ساده سٻاجهڙا ۽ محنت ڪش بـه آهن. ڪاڇي جي ٻين شين جيان واڻ بـه پوري سنڌ توڙي ملڪ ۾ مشهور آهي.


واڻ، جبل ۾ ٿيندڙ قدرتي فصل ڦيش يا پِيش مان ٺهندو آهي. ڦيش جا بـه ڪجهـه قسم آهن. هڪڙي مادي، ٻي نر. نر جا پن اڇا ۽ ننڍا هوندا آهن ۽ مادي ڦيش جا پن وڏا ۽ ساوا هوندا آهن. ڦيش لابارو ڪري، ڪٽي ويندي آهي. بعد ۾ ڦيش کي سڪائڻ لاءِ، کولي ميدان ۾ يا گهرن جي ڇتين تي رکبو آهي. جڏهن اها ڦيش سڪي ويندي آهي تـه ان کي هيٺ لاهي، منجھانئس غير ضروري پنن کي الڳ ڪيو ويندو آهي. بعد ۾ ان جو هڪ هڪ پن، الڳ ڪيو ويندو آهي.
ڪجهـه ڪاريگر، پاڻ ڦيش سڪائي، پاڻ واڻ ٺاهيندا آهن. مگر ڪجهـه وري مارڪيٽ مان وٺي ايندا آهن. اهو ڦيش، مارڪيٽ ۾، اُٺن ذريعي پهچائي ويندي آهي.
واڻ جي ٺاهڻ جي ڪم کي ست-مڙسي-ڪم بـه چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ جو واڻ ٺاهڻ دوران ست عمل ڪيا ويندا آهن.
سڀ کان پهرئين مرحلي ۾؛ ڪاريگر، ڦيش جي پنن کي الڳ ڪندا آهن. اگر ان دوُران ڪو پن ڦيش جو ڪسو نڪرندو آهي تـه ان کي الڳ ڪندا آهن، جيئن واڻ مضبوط ٺهي.
ٻيو مرحلو؛ ڦيش جا پن، الڳ ڪرڻ بعد، مٺ تي پن جهلي، ان کي ڪنھن پٿر مٿان رکي ڪاٺ جي مڳلي سان ڪٽيندا آهن. ائين انهيءَ ڦيش جا پن ڪٽجي نرم ٿي ويندا آهن.
ٽئين مرحلي ۾؛ کٽي نرم ڪيل ڦيش جي پنن کي پاڻيءَ ۾ وجهندا آهن، جئين ڦيش جا پن نرم ٿين ۽ وٽڻ ۾ اچن. ڦيش کي ڪڏهن ۱۲ ڪلاڪ تـه ڪڏهن ۶ ڪلاڪ پاڻي ۾ وجهندا آهن. اگر نر ڦيش آهي تـه اهو جهٽ ۾ پاڻيءَ ۾ نرم ڪپهـه جهڙي ٿي ويندي آهي. مگر مادي آهي تـه انهيءَ کي گهڻي وقت تائين پاڻيءَ ۾ رکندا آهن.
چوٿون مرحلو اهم ۽ تڪليفدھ مرحلو هوندو آهي؛ ان ۾ ڦيش کي پاڻيءَ مان ڪڍي، هٿ سان وٽڻ شروع ڪندا آهن. واڻ ٺاهڻ جو ڪم ڪاڇي وارا ٻارھن مهينـا ئي ڪندا آهن. ڪڏهن سرد راتين ۾ بـه ٿڌي ڦيش کي پاڻيءَ مان ڪڍي پيا وٽيندا آهن. ان کان پوءِ سؤ يا ڏيڍ سؤ ميٽر جا نوڙا ٺاهيندا آهن. انهيءَ کي ڪاريگر، ڪاڇي جو واڻ يا ڪورڙ چوندا آھن. ڪن ڳوٺن ۾، ان کي نوڙي بـه چوندا آهن. ڪورڙ جو مطلب؛ ڪچو واڻ آھي. ڪاريگر، ڪورڙ جا ويھن کان ٽيھ ويٽا يا نوڙا ٺاهيندا آهن. پوءِ ان کي وري پاڻيءَ ۾ رکي ڇڏيندا آهن.
پنجين مرحلي ۾؛ ان نوڙي جا ٻـه پاسا ڪِلَ ۾ ڦاسائي ڪري واڻ وٽيندا آهن. جنهن سان نوڙي واڻ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. اڪثر ڪري ڪاريگر، واڻ جي وزن وڌائڻ لاءِ ان دوُران مٽي بـه وجهندا آهن. جنهن سان نـه صرف واڻ جو وزن وڌندو آهي بلڪ ان جو رنگ بـه مٽيءَ وانگي اڇو ٿيندو آهي.
ڇهين مرحلي ۾؛ ان واڻ کي ڪل مان ڪڍي ڪري، ديويءَ جي وڻ يا ڪنڊيءَ جي وڻ يا نم جي وڻ سان رهڙيندا آهن ته جيئن واڻ صاف ٿي وڃي.
هن عمل جو آخري ۽ ستون مرحلو تمام زبردست ۽ دلڪش هوندو آهي. ان مرحلي اندر، ڪاريگر واڻ کي هڪ گل وانگي نوڙي ۾ ٻڌندا آهن. جنهن جو وزن اڌ ڪلو کان ٽي پاءَ ٿيندو آهي. جڏهن اهي گل جهڙا واڻ جا نوڙا ٺهندا آهن تـه پوءِ نـه صرف واپاريءَ کي اهو واڻ وڻندو آهي بلڪ اهو واڻ گهڻي عرصي تائين محفوظ پڻ رهندو آهي.
اهو واڻ تقريبن هر شهر ۾ وڪامڻ لاءِ ويندو آهي. جيڪو کٽن، ڪرسين ۽ ٻين شين ۾ استعمال ٿيندو آھي.
اهو عمل ڊگهو ضرور آهي پر ڪاڇي جو عورتون هر ڪم لاءِ هڪڙو الڳ الڳ ڏينهن رکنديون آهن. جهڙوڪ ڦيش ڪٽڻ جو الڳ ڏينهن رکنديون آهن. ڦيش وٽڻ کي الڳ ڏينهن ڏينديون آهن.
اڪثر ڪري ڳوٺ جون عورتون، اهو سڄو عمل گڏجي ڪنديون آهن. اهي سڀ ڳوٺ جون مايون، هڪ وڻ جي هيٺيان ويهي، ھڪٻئي سان پنهنجا سور به سلينديون آهن؛ جنھن ۾ مذاق، گلا ۽ ڪچهري بـه ڪنديون آهن. ڳوٺ جون اهي عورتون، پنهنجي گهر جو چلهو انهيءَ واڻ جي آمدني مان هلائينديون آهن.

مائي باڊي، جنهن کي واڻ ٺاهيندي سٺ سال ٿيا آهن، تنھن ٻڌايو؛ اهو ڪم اسان جي ابن ڏاڏن کان هلندو ٿو اچي ۽ اسان جو گذر سفر بـه انهيءَ واڻ مان ٿيندو آهي. مگر صوفا سيٽ اچڻ ۽ ڦيش جي مهانگائيءَ جي ڪري، واڻ جي اهميت ۽ ڪاروبار ڏينهون ڏينهن گهٽجندو ٿو وڃي.




ڪاڇي ۾ پِيش ۽ واڻ جو ڪاروبار
عابد لاشاري
پيش هڪ قدرتي هڪ ٻوٽو آهي، جيڪو بنا ڪنهن ٻج ۽ سار سنڀال جي جابلو علائقن ۾ پيدا ٿئي ٿو. هيءَ ٻوٽو سنڌ ۾ گورک هل اسٽيشن ۽ نئين گاج جي آسپاس ٿئي ٿو. جڏهن ته بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ به تمام گهڻو ٿئي ٿو. پيش جا ۲ قسم ٿيندا آهن. جابلو ماڻهو هڪ قسم کي سچي پيش چون ٿا، جيڪا ڏوڙي يا ٻيڻي ڪرڻ سان ٽڙڪي يا ٽٽي نٿي. جڏهن ته ٻئي قسم کي ڪوڙي پيش چوندا آهن جيڪا ڏوڙي يا ٻيڻي ڪرڻ سان ٽڙڪي يا ٽٽي پئي ٿي. هي ٻوٽو پاڻمرادو ڄمندو آهي. هن ٻوٽي جي شڪل کجي جيان ٿئي ۽ هن جو ٿڙ کجي جي وڻ جيان ٿئي ٿو. هي ٻوٽو وڍڻ سان اڃا به وڌيڪ بهتر ٿيندو آهي. پيش جو ٻوٽو ميوو به جهليندو آهي، جيڪو کجور جهڙو ٿيندو آهي پر شڪل ۾ ڪجهه گول ٿيندو آهي. جابلو علائقي جا ماڻهو اهو ڪچو يا پڪو ميوو شوق سان کائيندا آهن.
پيش ٻوٽو هن وقت جابلو ماڻهن توڙي ڪاڇي واسين جي گذر سفر يا روزگار جو اهم ذريعو بڻيل آهي. بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن ۾ آباد ماڻهو هي ٻوٽو ڪٽي سڪائي وڪرو ڪندا آهن. ڪاڇي ۾ مقامي طور اڪثر جابلو ماڻهو پيش اٺن تي کڻي اچي ڀروارن شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن، جنهن مان پوءِ ڪيتريون ئي شيون ٺاهي وڪرو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪيو ويندو آهي. جابلو خانا بدوش يا لاڏائو ماڻهو جيڪي مال جي چاري جي حوالي سان وقت به وقت پنهنجي رهائش تبديل ڪري ڪاڇي ۾ اچن ٿا، اهي ماڻهو پيش مان پنهنجي رهائش لاءِ ڀونگا ٺاهڻ لاءِ وڏا تڏا به ٺاهين ٿا. سردي هجي يا گرمي برسات هجي يا طوفان پر اهي پکڙا هر موسم ۾ مضبوط هوندا آهن. اهي تڏا نه صرف پکڙا اڏڻ ۾ ڪم اچن ٿا پر ڪاڇي سميت سنڌ جا ماڻهو خاص طرح اونهاري جي موسم ۾ رلي جي جاءِ تي تڏي کي اوليت ڏين ٿا. ڇاڪاڻ ته تڏا، رلي جي ڀيٽ ۾ ٿڌا رهن ٿا. ان کانسواءِ تڏن مان منھن ۽ ڇپرا به ٺاهيا وڃن ٿا. ٻهراڙي ۾ پيش مان ٺهيل تڏا يا نکون مسجدن ۾ به ڪم آڻيندا آهن. جڏهن ته پيش مان ٽٻڻيون، ڇليون، ڇٻا، ٻهارا، رانديڪا ۽ ٻيو سامان به ٺهي ٿو ۽ وڏي پئماني تي کٽن جو واڻ به ٺاهيو وڃي ٿو.
پيش جو ڪاروبار دادو ضلعي جي ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. خاص طور تي جوهي تعلقي جو شهر واهي پانڌي مرڪز آهي. جابلو ماڻهو پيش کي ڪجهه ڏينهن لاءِ سج جي تپش ۾ سڪائڻ لاءِ رکي ڇڏين ٿا. سڪڻ سان ان جو بار هلڪو ٿيندو آهي ته کڻڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. پيش جي سڪائڻ کانپوءِ پيش جي ڦڙن کي هڪ رسي ۾ گڏ ڪري ٻڌو ويندو آهي جنهن کي مقامي ماڻهو بند چون ٿا، جيڪڏهن ۲ بند به گڏائبا ته ان کي ٻٽ چون ٿا. مقامي ماڻهو سفر ۾ گڏجي قافلن جي صورت ۾ نڪرن ٿا ۽ پيش جا گڏهه يا اٺ ڀري آڻين ٿا. ان قافلي کي مقامي ماڻهو ساٿ چون ٿا. ايئن پيش سوين اٺن ۽ گڏهن تي ڪاڇي جي شھر واهي پانڌي آندو وڃي ٿو، جتي وڪرو ڪرڻ بعد پنهنجي ٻارن ۽ گهر لاءِ هفتي يا مهيني جو راشن وٺي وري قافلي جي صورت ۾ واپس وڃن ٿا. اهو راشن جيئن ئي ختم ٿيندو آهي ته ان کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ وري پيش کڻي واپسي مارڪيٽ ۾ پهچي ويندا آهن. اهو سلسلو صدين کان هلندو اچي پيو. ڪاڇي جا واپاري پيش في مڻ ۸ سئو رپيا خريد ڪن ٿا، جيڪو پوءِ ۱۰۰۰ رپين جي حساب سان وڪرو ڪن ٿا.
ڪاڇي جي هزارين غريب خاندانن جو گذارو پيش تي هوندو آهي. ڪاڇي ۾ اڪثر عورتون پيش مان واڻ تيار ڪن ٿيون، واڻ تيار ڪرڻ لاءِ پنج مرحلا هوندا آهن. سڀ کان پهرين پيش کي ٽوڙبو آهي پوءِ پيش کي ڪاٺ مان ٺاهيل هٿوڙن نما مگلين يا مگرين سان ڪٽبو آهي. ان کان پوءِ ان کي وٽبو آهي جنهن کان پوءِ (ڪل) جنهن ۾ نوڙين کي پڪ ڏبو آهي. پڪ ڏيڻ يا پڪائڻ کانپوءِ ان واڻ کي گهرڙبو آهي ته جيئن ان جي کهراڻ ختم ٿي وڃي، ان کانپوءِ وڃي سٺو واڻ تيار ٿيندو آهي. جوهي تعلقي جي اتر واري علائقي ۾ عورتن سان گڏ مرد به واڻ وٽڻ جو ڪم ڪندا آهن. سٺي واڻ جو في مڻ ۳ هزار رپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪسو واڻ ۲ هزار کان ۲۵ سئو رپيا في مڻ وڪرو ٿيندو آهي.
جيتوڻيڪ، پيش ڪاڇي جي غريب خاندانن جي روزگار جو اهم ذريعو آهي پر مناسب اگهه نه ملڻ ڪري هاڻ ماڻهو پيش جي ڪاروبار کان ڪنارا ڪشي ڪرڻ لڳا آهن. ڇاڪاڻ ته پيش جي اگهه جي ڀيٽ ۾ واڻ جو اگهه گهٽ ٿئي ٿو. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ايندڙ وقت ۾ پيش يا واڻ وٽڻ ۽ پيش مان ٻيون شيون جوڙڻ جو ڪاروبار ختم ٿي ويندو ۽ ان ڪاروبار سان لاڳاپيل انيڪ غريب خاندان بدحالي جي ور چڙهي سگهن ٿا.

No comments:

Post a Comment