Thursday, January 5, 2017

سنڌ ۾ مِينهنَ جو سُواگت ۽ دراوڙي سڀيتا جون دريافت ٿيل ڪجهه ڪڙيون - سنگرام


سنڌ ۾ مِينهنَ جو سُواگت ۽ دراوڙي سڀيتا جون دريافت ٿيل ڪجهه ڪڙيون

سنگرام

تازو ئي ”خط: ٻن اديبن جا“ نالي ڪتاب پڙهيم، جيڪو بيحد پسند آيو. ڪتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي صاحب جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خط بيحد معياري ۽ علمي ۽ ادبي لحاظ کان، هڪ بي مثال ادبي خزانو آهن. اُن ڪتاب ۾ شامل ڪيل هڪ خط ۾ سائين جويو صاحب جوڻيجي صاحب کي لکي ٿو:

”.... مِينهن کي آڻڻ لاءِ هندو توڻي مسلمان اتي ٿر ۾ ڪهڙا سنؤڻ ساٺ ۽ پوڄا پاٺ ڪن ٿا. ناچ ڪَن ٿا، گيت ڳائين ٿا ۽ ٻيا ڪهڙا جتن ٿا ڪن؟ هڪڙي اِها ڳالهه، ۽ ٻِي ڳالهه ته مِينهن پون ٿا، تڏهن هُو ڪهڙيون خوشيون ۽ ڪهڙا گيت ڳائين ٿا، سنؤڻ ساٺ ۽ پوڄا پاٺ ڪن ٿا....“


اِنهيءَ جي جواب ۾ محترم جوڻيجي صاحب لکيو هو ته:

”هتي ٿر ۾ مِينهن جي هر ڪا شيءِ آءُ ڀڳت ڪندي آهي. ڳئون ڪَنَ کڻي رانڀاٽ ڪنديون آهن، وَڇون ٽڏنديون ۽ ڪُڏڪارا ڪنديون آهن. ڄارين تي سائو رنگ چڙهي ايندو آهي. ٻارَ ’ڀيڄ ڀٽائي ڪر مُلڪ مٺائي‘ چئي، ڊوڙون پائيندا آهن، يا ته وري چند ڄڻا جهول پلاند جهلي، گهر گهر جي اڱڻ تي وڃي ڳائيندا آهن: ’ڪاررڙو ڪنڀارڙو، اَنُ پاڻي ڏي ته مولا مينهڙا وسائي....‘“

محترم عبدالقادر جوڻيجو سنڌ جو مڃيل ليکڪ آهي ۽ هُن صاحب مِينهن جي سُواگتَ واري موضوع تي جيتوڻيڪ ڏاڍي سڀاويڪ انداز ۾ لکيو آهي، ليڪن الائي ڇو پڙهندي مون کي ائين لڳو ته موضوع جي وسعت تمام گهڻي آهي ۽ جوڻيجي صاحب جي اُنهيءَ مختصر ليک مان موضوع جو مقصد پورو نٿو ٿئي. حالانڪ آءٌ اهو به سمجهان ٿو ته اِهو احوال هُن صاحب هڪ ئي خط ۾ لکيو هو ۽ ظاهر آهي ته خط ۾ ماڻهو اختصار کان ڪم وٺندو آهي. بهرحال منهنجي خيال ۾ هيءُ هڪ بيحد دلچسپ موضوع آهي، تنهنڪري ان بابت آءٌ پنهنجا ويچار لائق پڙهندڙن سان ونڊڻ گهران ٿو.

مِينهن جو اسان جي عام زندگيءَ تي ڏاڍو گھرو اثر آهي. ڇاڪاڻ ته ٿَرُ ۽ ڪاڇو ته هونئن ئي سورنهن آنا مينهن تي ڀاڙين ٿا، پر اسان جو بيراج ۽ بارانيءَ وارو علائقو پڻ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح مينهن تي دارومدار رکي ٿو. اِنهيءَ جو هڪ ڪارڻ اِهو به آهي ته اسان جو سماج اڄ به ڪي قدر هڪ زرعي ۽ ڌَنارڪو سماج آهي، جنهن ڪري اسان جي ماڻهن جي گذر سفر جو گهڻو تـڻو وسيلو ٻني ٻارو ۽ مال چارڻ آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو مِينهن جو پوڻ اسان لاءِ ڪنهن وَڏ ڀاڳ کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي هوندو. مِينهن نه پوڻ ڪري سڄو ڏيهه ئي ڏُلجي وڃي ٿو. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو ٿر ۽ ڪاڇو ته ڇا، پر سڄيءَ سنڌ جا ماڻهو مِينهن کي سارين ٿا، جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي:

سارنگَ سارَ لَهيج، الله لڳ اُڃيَن جِي،

پاڻي پوڄُ پَٽَن ۾، اَرزان اَنُ ڪريج،

وطن وسائيج، ته سنگهارن سُک ٿئي!

وسڪاري جي مُند ۾ مِينهن آڻڻ لاءِ اسان وٽ سڄيءَ سنڌ ۾، مذهب يا ذات پات جي مَت ڀيدَ کان هٽي ڪري، ننڍن توڻي وڏن، ٻارن توڻي ٻُڍن، نَرَ توڻي نارين، مطلب ته هر زبان تي اِهو ئي وِردُ هوندو آهي: ”ڀيڄ ڀٽائي ڪر ملڪ مِٺائي!“ يا ”ڀيڄ مولا ڀيڄ. ـ گوڏي جيڏو ريج!“

نه رُڳو انسانَ، پر ٻِيءَ هر مخلوق، پکي پکڻ، جيت جڻيا، مطلب ته هر ڪنهن شيءِ کي مينهن جي تانگهه ۽ طلب، تاتِ ۽ تَنوار هوندي آهي. لاکيڻي لطيف، اِنهن سڀني جي اُمنگن جي ترجماني ڪندي فرمايو آهي:

سارنگ کي سارين؛ ماڻهو، مِرگهه، مينهون،

آڙيــون اَبــر آسـري، تــاڙا تـنـواريـن،

سِپون جي سمونڊ ۾، نئين سج نهارينِ،

پَلَرُ پيارينِ، ته سَنگهارن سُک ٿئي!

ٿر ۾ ته تاڙي جي تنوار ٻڌي، هاري ناري، مارو ۽ سانگي ماڻهو ٻَهه ٻَهه ٻَهڪي اُٿندا آهن:

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هر سنباهيا، سَرها ٿيا سَنگهار.

۽ جڏهن مِينهن وسندو آهي، ته محترم عبدالقادر لکيو آهي: ”ڳئون ڪَنَ کڻي رانڀاٽ ڪنديون آهن، وَڇون ٽڏنديون ۽ ڪُڏڪارا ڪنديون آهن، ڄارين تي سائو رنگ چڙهي ايندو آهي.....“

اِنهيءَ ڪيفيت جو اظهار لطيف سائينءَ ڪهڙن نه سٺن لفظن ۾ ڪيو آهي:

اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪِريون ڪاريون،

وَسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،

لٿينِ لُکَ لطيف چئي، ڍايون تاساريون،

ڀِڄنديون ڀَٽاريون، وري وٿاڻين آيون.

اڄ به ٻهراڙين ۾ ٻارڙا مِينهن وسڻ کان پوءِ نڪري آيل ”مينهن جا ماما“ جن کي ”مينهن وساڙا“ به سڏجي ٿو، ڏسي گد گد ٿيندا آهن.

مِينهن لاءِ آسائتا ٻار ۽ ٻُڍا ته آهن ئي آهن، پر سُهاڳڻ ناريون اُنهيءَ مُند ۾ ڇا ٿيون سوچين؛ ڀٽائي سائين فرمائي ٿو:

اڄ پڻ اميدون، آگم سَنديون اُڀ ۾،

سانوڻ پَسي سَرتيون، سڄڻُ ساريو مون،

آءٌ آسائتي آهيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،

گهَرِ گهُرجين تون، مُند مڙيئي مِينهن جي!

اِن ريت سنڌ ۾ مِينهن جو آڌرڀاءُ وڏي اُتساهه سان ڪيو ويندو آهي. تنهن کان علاوه مينهن آڻڻ جا ڪيئي سانگَ ۽ سنؤڻ ساٺ به ڪيا ويندا آهن؛ جن مان سڀ کان گهڻي عام مقبول رسم آهي ”خيرات جو ڀَت رڌي، عام ماڻهن کي کارائڻ“. ڪي ماڻهو وري جيت جَڻئي ۽ پکي پکڻ کي اَنَ داڻو چوڳي طور ڏيندا آهن. تنهن کان علاوه مسلمان مسجدن ۾ نماز دوران ۽ هندو پنهنجن مندرن ۾ مِينهن لاءِ خاص دعائون گهُرندا آهن. ان کان علاوه خاص هڪ ٻِي رسم به آهي، جيڪا ٽولين جي صورت ۾ نڪري فقط ننڍا ٻارڙا ادا ڪندا آهن:

مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ اسين هڪ جيڏا ٻار سڄي راڄ مان اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا هئاسين، ۽ پوءِ، جهول پلاند جهلي، گهر گهر وڃي، هر هنڌ اڱڻ تي، هڪ گيت ڳائيندا هئاسون: ”ڪارڙو ڪُمارڙو، اَنُ پاڻي ڏي، مولا مينهڙا وسائي!“ پوءِ گهر گهر مان ڪا سگهڙ زال سياڻِي اَنَ داڻن جي لَپ اسان جي جهوليءَ ۾ وجهندي هئي، ۽ دعا به ڏيندي هئي ته مولا ڪو جلد مينهن وسائي ته سُک ٿين! ايئن اسين هڪ گهر کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين گهر، مطلب ته سڄي راڄ ۾، گهمندا ساڳيو گيت ڳائيندا ۽ اَنُ گڏ ڪندا هئاسون. اِن ريت جَهجهو اَنُ گڏ ڪري، اچي ڪنهن هڪ هنڌ تي ويهندا هئاسون. پوءِ ڪي ٻارڙا گهرن مان ديڳڙا کڻي ايندا هئا ته ڪي وري ڳُڙ جون ڪَڻيون، ۽ ڪي ٻارڙا ڪاٺين ميڙڻ ۾ جُنبي ويندا هئا! ڄڻ ڪا هاڻوڪي قسم جي ”اسڪائوٽنگ ڪئمپ“ هجي! اُن وقت ٻارن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ اُدم ڏسڻ وٽان هوندو هو. هر ٻارُ وڏي چاهه ۽ اُتساهه سان ڪم ڪندي پنهنجي ٻئي ساٿيءَ کان اڳتي نڪرڻ ۽ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ جُنبي ويندو هو.

ائين پوءِ چُلهه ٺاهي، باهه ٻاري، اَنُ ديڳڙي ۾ وجهي رڌيندا هئاسون. اُن وچ ۾ سڄي راڄ جا ننڍا وڏا ٻار، نينگريون توڻي نينگر اُتي اچي مِڙندا هئا، ۽ گهُگهرَ (ڪچڪول) رڌجڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا. ڪي ٻارڙا وري پنهنجن پنهنجن گهرن مان پِتل يا ٽامي جا لوٽا پاڻيءَ سان ڀري کڻي ايندا هئا، ۽ اِن ريت ۱۰ کان ۱۵ کن لوٽا گڏ ٿيندا هئا. جڏهن گهُگهر رڌجي تيار ٿيندا هئا، تڏهن اُنهن کي دم تي رکي، ٿورڙي مفاصلي تي پاڻيءَ سان ڀريل لوٽا هڪٻئي مٿان رکي، اُنهن جي قطار ٺاهيندا هئاسون. لوٽن جي قطار کان ڪجهه وڇوٽيءَ تي لوٽن جي چوڌاري هڪ گول دائرو ٺاهي پوءِ اُن ليڪي مٿان سڀيئي ننڍا وڏا ٻارڙا گڏجي ڪورس جي انداز ۾ ”ڪارڙو ڪُمارڙو، اَنُ پاڻي ڏي، مولا مينهڙا وسائي!“ ڳائيندي، ڊوڙون پائي، ان وقت تائين پيا ڦرندا هئاسون جيستائين اُها لوٽن جي قطار ڊهي نه پوندي هئي. اُن بعد اِهو ڏسندا هئاسون ته لوٽا ڪهڙي طرف ڏانهن ڪِريا. اِهو هڪ عام ۽ مَڃيل عقيدو هوندو هو ته گهڻا لوٽا جنهن به طرف (يعني اتر، ڏکڻ، اوڀر، اولهه) ڪرندا هئا، ته مينهن ان طرف کان ضرور وسندو! نه فقط ٻارڙا پر وڏا به اِنهيءَ ڳالهه سان متفق هوندا هئا. لوٽن ڪِرڻ کان پوءِ، رَڌَل گهُگهرُ اُتي موجود ٻارڙن ۾ هڪ جيترو ورهائڻ بعد، اسين گهرن جو رُخ ڪندا هئاسون، ۽ گهر گهر وڃي اُن جي وِرڇَ به ڏيندا هئاسون. اُتي موجود عورتون وڏي چاهه ۽ بيچينيءَ منجهان سوال ڪنديون هيون ته لوٽا ڪهڙي طرف ڪِريا؟ اُنهن کي لوٽن ڪِرڻ جو طرف ٻڌائي، هڪ گهر کان ٻئي گهر ۽ ائين سموري راڄ ۾ اُها ونڊ ورهائيندا هئاسون، جنهن کي سڀئي ننڍا وڏا وڏي چاهه سان کائيندا هئا. مينهن آڻڻ لاءِ اهو عمل اسين اوترا ڏينهن جاري رکندا هئاسون، جيسين مِينهن نه وسندو هو. ۽ جڏهن مينهن وسندو هو تڏهن اسين ائين سمجهندا هئاسون ته اُهو مينهن اسان جي اِنهيءَ رسم ادا ڪرڻ ڪري وُٺو هو!

منهنجي خيال ۾ اِها رسم سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٿوري گهڻيءَ گهٽِ وڌائيءَ ۽ ڦيرگهير سان، اڄ به هلندڙ آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته مذهب جي فرق کان سواءِ (آءٌ مُلن ۽ ٻاوَن جي ڳالهه نه ٿو ڪريان، پر عام سنڌي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٿو ڪريان) سڀيئي سنڌي ماڻهو، هندو توڻي مسلمان، اها رسم ادا ڪندا آهن. هيءَ رسم ٻار رضاڪاراڻي نموني بنا ڪنهن جهل پل ۽ لالچ لوڀ جي، پوري ڪندا آهن. اِن سان هڪ ته اُنهن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيڻ ۽ ڪنهن ڪم جي تڪميل واسطي پنهنجين صلاحيتن جي اظهار جو کين موقعو ملندو هو. ٻيو هيءُ ته اِنهيءَ عمل سان منجهن سماجي ڀلائيءَ جو اُمنگ بيدار ٿئي ٿو. سندن هن عمل ۾ هُنن لاءِ اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ اجتمائي عمل ذريعي ڪنهن مقصد حاصل ڪرڻ جو سبق به سمايل آهي.

مون پنهنجي سِر اِنهيءَ رسم تي ڪافي سوچ ويچار ڪيو آهي ته اِها ڪيئن شروع ٿي ۽ اُن جون جڙون ڪٿي کُتل آهن. ٻين ڪيترين عام ثقافتي ۽ سڀيتائي ريتن رسمن وانگر هن رسم بابت به ڪا پيرائتي ڄاڻ ته ملي نه سگهي، البت اِن جا پيرا مون کي هڪ مبهم قديم رسم ”وَرِتَ“ تائين پهچندا محسوس ٿيا.

وَرِتَ جو مرڪزي نقطو، ٻِجُ يا جوهر، ڪا هڪ خواهش معلوم ٿئي ٿي. اُن ۾ اُچاريل مَنتَرُ يا مَنڊُ ڳجهارت، گيت، ناچ يا نِرتِ ۽ ايتريقدر جو اُن ۾ ڪم ايندڙ تصويري خاڪا جن سڀني کي گڏي ”اَلپانَ“ (alpanas) يا ”سَهَجَ ساٺَ“ سڏبو آهي، اِهي سڀئي وِرتَ جي مقصد جي چوڌاري هڪ جهڳٽو ٺاهين ٿيون. انهن سڀني جو رُخُ ڪنهن هڪ خواهش کي روپ ڏيڻ يا بيان ڪرڻ هوندو آهي. مشهور فيلسوف اَڀئه نِندَر ناٿ ٽئگور پنهنجي جَسُ جوڳيءَ هڪ لِکيت ”بنگال جا وِرتَ“ ۾ لکي ٿو:

”وِرتُ محض هڪ خواهش يا ڪِريا ڪَرمَ جو نالو آهي. اسين انهيءَ کي تصويرن ۾ بيان ٿيل ڏسون ٿا، سِلوڪن، شعرن يا گيتن ۾ اُنهيءَ جو پڙاڏو ٻُڌون ٿا، ڊراما ۽ نِرتِ ناچ اُنهيءَ جي ردِعمل جي ساک ڏين ٿا؛ مختصر اِهو ته وِرتَ ۾ انسان جون اُهي خواهشون ۽ سَڌون سمايل هونديون آهن، جيڪي ڳائبيون آهن، نَقش چِٽيل خواهشون، خواهشون جيڪي چُرندڙ پُرندڙ ۽ زنده آهن.“

اَڀئه نِندر ناٿُ، وَرجائي ورجائي اِها ڳالهه چئي ٿو ته وِرتَ کي ڌرمي يا مذهبي ڪوٺڻ غلط ٿيندو. اُن جي پورائي لاءِ، جي ڪجهه ڳالهيون ڪجن ٿيون يا ٿين ٿيون اُهو سڀ نه ته پوڄا پاٺ آهن ۽ نه ئي ڪنهن ڪُفاري جا جتن. اُهي ڪنهن ماڻهوءَ پاران ديوتائن يا ڪنهن مابعد الطبيعات هستيءَ آڏو سِيسُ نِوائڻَ يا سَجدي ڪرڻ ۽ پنهنجيءَ ذات لاءِ ڪجهه رعايت يا پاسخاطري ۽ ليلائڻُ به ناهن. بلڪ، اِهي ڪِن واضح عملن جي وسيلي سڄي سماج جي ڪلياڻ، سوڀ يا ڀَلي واريءَ ڪنهن خواهش جي تڪميل لاءِ مَنَ جا لاڙا آهن. اَڀئه نِندر ناٿُ شاعراڻي انداز ۾ چوي ٿو: ”وِرتَ ڌرتيءَ جي ساز سان ماڻهو جي مَنُ جو سُر ملائين ٿا.“

اسان وٽ اڄڪلهه سنڌ توڻي هند ۾ وِرتَ روزي واري مفهوم ۾ رکيا ويندا آهن، جيڪو عملُ هندو ڌرم تي اسلام جي اثر کي ظاهر ڪري ٿو. اڄڪلهه جي وِرتَ تي مذهبي رنگ ڪجهه سوايو چڙهيل نظر اچي ٿو، تنهنڪري اهي ڪنهن به صورت ۾ اصلي يا نِبار وِرتَ به ناهن.

وِرتَ جو هڪ عنصر اِهو به آهي ته اها رسم اجتماعي طور تي ادا ڪئي ويندي آهي. ماڻهن جو ذڪر جوڳو انگُ اجتماعي ۽ سماجي ڀلائي واريءَ ڪنهن خواهش جي پورائي لاءِ اُن رسم ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ڪنهن هڪ فرد جي ذاتي خواهش يا اُن لاءِ ترتيب ڏنل عمل وِرتُ نه ٿو ٿي سگهي. ورت فقط اُن صورت ۾ ٿئي ٿو جڏهن ان ۾ ماڻهن جو ذڪر جوڳو تعداد پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري. وِرتُ هڪ اجتماعي عمل آهي ۽ اُهو ڪنهن اجتماعي ڀلائي واريءَ ڪنهن خواهش جي پوري ٿيڻ تي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو.

هاڻي جيڪڏهن اسين هتي سنڌ ۾ ادا ٿيندڙ يا ادا ڪئي ويندڙ ”ڪارڙو ڪُمارڙو“ واريءَ رسم کي مٿي بيان ڪيل وِرتَ جي پس منظر ۾ ڏسنداسين، ته اسان جي اِها رسم اُن وِرتَ سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. جيڪي ڳالهيون وِرتَ جي باري ۾ ڪيل آهن، سي سڀئي ”ڪارڙي ڪُمارڙي“ جي هلت ۾ موجود مِلن ٿيون. جيئن برسات جي خواهش، ٻارڙن جو گڏجي اِها رسم ادا ڪرڻ ۽ گيت ڳائڻ جنهن ۾ برسات وسڻ جي خواهش سمايل آهي، ۽ ان ۾ نِرت ۽ ناٽڪ ڪرڻ به اچي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت اِن رسم ۾ ڪابه مذهبي رسم، ڪُفاري جِي يا ڪنهن پوڄا پاٺ وغيره جِي به شامل ڪانهي. ۽ نه ئي اهڙيءَ ڪنهن شخصي خواهش جو اظهار ئي اُن ۾ ڪيو ٿو وڃي، تنهنڪري هن رسم کي وِرت چوڻ ۾ ڪو به هرج نه ٿيندو.

بنگال جا ڪُڙمي خاص ڪري ”واشُو ڌَر وِرت“ جي رسم ادا ڪندا آهن. اِهو تهوار وِچ اونهاري جي اُساٽيل ڏينهن ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن گنگا (ندي) لَهي ويندي آهي ۽ آسمان فقط ڦُلهيار جي ڍير جيان ڏيکاري ڏيندو آهي. وِرتُ ضرور برسات جي خواهش جي پورائيءَ واريءَ نيت لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي، يعني گهڻي ۽ جهجهي پاڻيءَ لاءِ. اِن رسم جي ادائگيءَ دوران ڪُڙمي ڳائين ٿا، اُهي وسڪاري لاءِ ڳائين ٿا، ۽ اُن گيت ۾ اُهي خيالن ئي خيالن ۾ اِهو لقاءُ ڏسن ٿا ته تتل ڌرتي پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي وڃي ٿي ۽ ٻارڙا مزي مزي سان اُن پاڻيءَ ۾ تَرن ٿا ۽ تُڙڳن ٿا، ۽ ائين اُهي ناٽڪ به ڪن ٿا. ڪُڙمي هٿرادو برسات تخليق ڪرڻ جا سانگ به رچيندا آهن. اُهي ڇا ڪندا آهن، جو وڻن جي ٽارين ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ٽِڀا يا لوٽا ٽنگي ڇڏيندا آهن، جن ۾ ننڍڙا ننڍڙا سوراخ ٿيل هوندا آهن. اُهي ٽِڀا اُنهن لاءِ بادلن مثل هوندا آهن. پاڻي اُنهن مان هيٺ ٽِمي ٿو معنيٰ ته برسات وسي ٿي. ائين اُهي خواهش پٽاندر حقيقت جي پورائي لاءِ هڪ وڏي اُدم ۽ اُتساهه وچان ناٽڪ رچائين ٿا. اُهي ڪُڙمي اُن نِرت ۽ ناٽڪ دوران جيڪي گيت ڳائين ٿا تن ۾ برسات جي خواهش ائين بيان ڪيل هوندي آهي ڄڻ ته اُها سچ پچ به پوري ٿيندي!

مٿي ذڪر ڪيل وِرتَ جي وصف ۽ بنگال ۾ ڪُڙمين پاران ادا ڪئي ويندڙ ”واشُو ڌَر وِرتَ“ واريءَ رسم کي ڌيان ۾ رکندي، اسين جيڪڏهن هتي سنڌ ۾ ادا ڪئي ويندڙ رسم ”ڪارڙو ڪمارڙو“ تي هڪ سَرسَري نظر وجهنداسين ته ٻنهي رسمن ۾ ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي معلوم ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اول ته ٻنهي رسمن ۾ برسات آڻڻ جي خواهش هڪجهڙيءَ شدت سان سمايل آهي، ۽ ٻيو ته اها سڌي سنئين هڪ اجتماعي خواهش آهي، جيڪا سڄي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن جو سڌيءَ طرح ذاتي يا شخصي مفاد نظر نٿو اچي، بلڪ اُن ۾ ”سڀني سان گڏ پنهنجو ڀلو“ وارو منطق ئي نظر اچي ٿو. ٽِين ڳالهه اِها ته هيءَ رسم به گهڻا ماڻهو هڪٻئي سان پاڻ ۾ سهڪار ڪري ادا ڪن ٿا. تنهن ڪري اِها اجتماعي به آهي. تنهن کان علاوه ٻنهي رسمن ۾ پاڻيءَ جي لوٽن يا ٽِڀن جو ذڪر ۽ اُنهن مان پاڻيءَ جو هيٺ زمين تي ڪرڻُ ثابت ڪري ٿو ته بنهه ڪنهن معمولي گهٽ وڌائيءَ سان مجموعي طور تي اِها رسم ساڳيءَ نوعيت جي آهي ۽ ساڳئي مقصد لاءِ ساڳيءَ ئي مند ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي. ٻنهي رسمن جي ادائگيءَ دوران هڪ گيت ڳايو وڃي ٿو ۽ ننڍي پئماني تي هڪ ناٽڪ رچايو وڃي ٿو. گيت جو مقصد لڳ ڀڳ ساڳيو ئي معلوم ٿئي ٿو، يعني هڪ اهڙو گيت جنهن ۾ مينهن وسڻ جي خواهش شدت سان ڪئي ويئي هجي.

هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته بنگال ۽ سنڌ ۾ هڪ ئي مقصد لاءِ هڪجهڙي رسم پيدا ڪيئن ٿي سگهي؟ ڇا، بنگال ۽ اسان جي سڀيتا ۾ ڪا هڪجھڙائي آهي! يا اِهو ته ڇا بنگالي ۽ اسين ارتقائي لحاظ کان هڪ ئي نسل سان تعلق رکون ٿا؟ ڇا، ماضيءَ يا تاريخ کان اڳ واري ڪنهن دؤر ۾ هلندڙ ريتون رسمون سڄي ننڍي کنڊ ۾ هڪجھڙي انداز ۾ رائج هيون؟ ڇا، ”واشو ڌَر وِرتَ“ واري رسم ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ به سنڌ جيان ٿوريءَ گهڻيءَ ڦيرگهير سان رائج آهي؟ اِهي البت ڪجهه ڏکيرڙا سوال آهن، ۽ محقق، ڏاها ماڻهو ۽ تحقيقي ادارا ئي اِن ڏس ۾ ڪو خاطر خواهه جواب ڏيئي سگهن ٿا. جيئن ته اِهي سوال تحقيق طلب ۽ اسان جي پهچ کان ٻاهر آهن، تنهنڪري اُنهن کي اِتي ئي ٿا ڇڏيون. بلڪ اِها اميد ضرور ڪنداسون ته ڪڏهن نه ڪڏهن اِنهن سوالن تي جامع، گهڻ پاسائين ۽ سنجيده تحقيق ٿيڻ ئي گهرجي. تيستائين، هڪ سوال جيڪو واقعي به هتي اسان کان جواب طلب آهي، سو هيءُ آهي ته سنڌين توڻي بنگالين جي تهذيبي حياتيءَ ۾ اِهو قديم عنصر اڃا تائين هڪ زندهه رسم طور ڪيئن بچي سگهيو آهي؟

اِنهي سوال جو جواب البت اسان کي اڌوگابرو ۽ مبهم ئي سهي، پر ملي ضرور ٿو. ـــ ”لوڪ. ـ يَتِ“ جي اتهاس مان. ـــ ”لوڪ. ـ يت“ جو مطلب آهي ئي عام ”ماڻهن جي عقيدن ۽ وِيچارن جي اُپٽار“. ــــ ٿورن لفظن ۾ لوڪ سڀيتا جو ٻيو نانءُ به ”لوڪ. ـ يت“ ئي آهي.

هند ۽ سنڌ جي سڀيتا، تاريخ توڻي فلسفي ۾ لوڪ. ـ يَتِ جو موضوع هڪ اهم جڳهه والاري ٿو، جنهن جون جڙون موهن جي دڙي واريءَ سڀيتا ۽ اُن کان به اڳ واري دؤر ۾ کُتل ملن ٿيون. هن موضوع تي دنيا ۾ هرهنڌ وسيع تناظر ۾ گهڻ پاسائين ۽ جامع تحقيق ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ بدقسمتيءَ سان اُن ڏانهن لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي اِن طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي.

بهرحال، اسين هتي ”لوڪ. ـ يَتِ“ فلسفي ۽ اُن کي مڃيندڙن جي ريتن رسمن جو ذڪر ڪريون ٿا. ”لوڪ. ـ يَتِ“ جو هڪ مطلب ”دنياداريءَ جي ڄاڻ“ به آهي، جنهن کي اڄ جي وسيع تر تناظر ۾ ديهه. ـ واد، جَڙ. ـ واد، گرهستي پَڻي جو فلسفو يا ماديت به چيو وڃي ٿو. جديد دؤر جي غير جانبدار دانشورن، ڏاهن ۽ عالمن جو مؤقف آهي ته ”لوڪ. ـ يَتِ“ مان مراد هئي، اُهي عام فهم ۽ مُبهم عقيدا، اُهي ريتون رسمون ۽ رواجَ، جن جو تعلق ٿُلهي ليکي آڳاٽي تنترڪ ڌرم سان جوڙيو ويندو هو، روحاني ۽ ديني خيالَ اُن ڌرم ۾ گهڻو پوءِ ملايا ويا هئا. اصل تنترڪ ڌرم، پنهنجي فلسفاڻي روپ ۾، هڪ ناستڪ ۽ جڙ. ـ وادي فلسفو هو، جنهن جا مڃيندڙ هر انهيءَ شيءِ جا انڪاري هئا، جيڪا ڪنهن ”ٻيءَ دنيا“ سان واسطو رکندڙ هئي.

”لوڪ. ـ يت“ اڀياس موجب لوڪن جون رسمون رواجَ ڪي تحرير ۾ آيل نه آهن پر اُهي اُن وقت جي عام عوام جي روزمرهه جي زندگيءَ جو لازمي جُز ضرور هئا. عالمَ ۽ مُحقق وڏيءَ تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ اِنهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته لوڪ. ـ يَتِ مَتِ جون ريتون رسمون هيٺين ٽِن اصولن تي قائم هيون:

ناستي داتم: يعني ڪو به داتا يا آسماني هستي ڪونهي.

ناستي هَتيا اَم: يعني ديوتائن لاءِ ڪا به ٻَلِي يا قرباني ڪانهي.

ناستي پَرلوڪَ اَم: يعني ٻَليُن ۽ قربانين ڏيڻ سان پرلوڪ (مُئي کان پوءِ) حاصل نٿو ٿئي.

”لوڪ. ـ يَتِ“ مَتِ کي مڃيندڙ ماڻهو پنهنجي جوهر ۾ شَڪي سُڀاءُ وارا ماڻهو هئا ۽ روح يا مابعدالطبيعاتي آتما يا پرم آتما جي وجود تي شڪ جي آڱر کڻندا هئا.

ديوي پرساد چَٽو پاڌيائيه پنهنجي لازوال تحقيق ”لوڪ. ـ يَتِ“ ۾ ناليواري محقق جَين هَئرِيسن جي تحقيق جو حوالو ڏيندي، لکي ٿو ته ”قديم عهد“ وارا ماڻهو غلاماڻين عاجزين ۽ دعائن وغيره کان واقف ئي نه هئا. اُهي ته باعمل انسان هئا، جيڪي ديوَ آتمائن ۽ غائب هستين کان ڪجهه گهُرڻ بدران سڀڪجهه پنهنجي سِرِ پاڻ ئي جهلڻ، ميڙڻ ۽ پيدا ڪرڻ تي ايمان رکندا هئا. کين خبر نه هئي ته پرماتما نالي جي ڪا قوت به آهي جو ڪنهن اهڙيءَ اڻ ڄاتل يا لڪل هستيءَ کان دعا گهري يا اُن کي ڊيڄاري يا خوش ڪري، ڪم ڪرائي سگهبو. وٽن اهڙو تصور به نه هو. بلڪ اُهي سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ ڪرڻ جا قائل هئا. تنهن کان علاوه اُهي پنهنجو قيمتي وقت دعائن گهرڻ، ليلائڻ ۽ لالچائڻ بدران باعمل زندگي گذارڻ، زندگيءَ جي لطافتن کان ڀرپور نموني لطف اندوز ٿيڻ ۽ رقص ۽ موسيقيءَ ۾ صرف ڪندا هئا. ساڳيءَ ريت جڏهن کين زندگيءَ جي ضرورتن جهڙوڪ برسات، اُس يا واءُ وغيره جي ضرورت پوندي هئي، ته اُن جي حاصلات لاءِ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي گڏ ڪري، سڀئي گڏجي، اهڙو ناچ گانو ڪندا هئا جيڪو سندن خيال موجب اُنهن اُهو مَنڊپُ مِينهنَ وَسائڻ، هوا لڳڻ يا اُس نڪرڻ لاءِ ئي ٺاهيو هو.

قديم سنڌي سڀيتا:

رِگ ويد ۽ مهاڀارت کان علاوه هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ حقيقت جا بي شمار ثبوت مليا آهن ته انهن شهرن ۾ جيڪو به قتل عام يا ماڻهن جو عام ڪوس ٿيو هو، سو آرين ڪيو هو. تنهن هوندي به، اُنهيءَ آڳاٽيءَ سڀيتا جا اثر پري پري تائين پکڙيل هئا، جنهن سبب انهيءَ تهذيب ۽ ثقافت کي مڃڻ وارن سڀني ماڻهن جو مڪمل خاتمو نه ٿي سگهيو. اُنهن ماڻهن جا عقيدا، نظريا ۽ رسم ۽ رواج قائم رهيا ۽ اڃا تائين به قائم آهن. قديم سنڌي سڀيتا جي جيڪا ثقافت هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ نظر آئي آهي، تنهن مان خبر پوي ٿي ته اُنهيءَ جو بنياد تنتر ڌرم تي بيٺل ۽ ٻڌل هو.

تنتر مَتِ جي باري ۾ تاريخ مان ثابتي ملي ٿي ته اهو نظريو رِگ ويد يا ٻين ويدن جي لکجڻ کان اڳ ۾ موجود هو. انهيءَ جا سڀيئي منتر ۽ ريتون رواجَ اهڙا آهن جيڪي ويدن جي روايت تي پورا نه ٿا لهن.

تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته جنهن دؤر ۾ آريا سنڌ تي ڪاهي آيا هئا، تنهن دؤر ۾ قديم سنڌي سڀيتا ۾ رهواسين ۾ جيڪي سياسي دانشور قسم جا ماڻهو هئا تن کي آرين ڌڪار وچان ”اَسَر“ سڏيو. ’لوڪ. ـ يَت‘ ريتين رسمن ۽ اَسرن جي رسمن تي غور ڪبو ته انهن ۾ ڪوبه نمايان فرق نظر نه ايندو. برهمڻن اَسَرن کي ”راڪاس“ ۽ ”بدڪار“ سڏيو.

اَسرن بابت ديوي پرساد چٽو پاڌيائيه جهڙن جڳ مشهور ريسرچ اسڪالرن جديد تحقيق وسيلي ثابت ڪيو آهي ته اُهي اَسَر اُن دؤر جي عام يا وڌيڪ اڻ سڌريل ماڻهن، جن کي هو چارُو، کائُو، يا چارواڪ سڏيندا هئا، تن لوڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ باشعور ماڻهو هئا، ۽ اُهي سنڌ جي اُن قديم دؤر ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جهڙين عظيم سڀيتائن جا باني ۽ عاليشان جوڙيندڙ هئا.

تنتر مَتِ ۽ قديم سنڌي سڀيتا:

تنتر واد بابت تحقيق ڪرڻ وارا ڪيترائي جديد محقق انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته انهيءَ جو بنياد ماديت واري فلسفي تي هو، جنهن کي هو ديهه. ـ واد چوندا هئا. ’ديهه‘ يا ’ديهيءَ‘ مان سندن مراد انساني جسم هو. جنهن کي تنتر واد ڪائنات جو ابتدائي خلاصو قرار ڏئي ٿي ۽ اها ڳالهه تنتر مَتِ ۽ لوڪ. ـ يَتِ ۾ مشترڪ آهي. گيتا ۾ اَسَر قبيلي جي ماڻهن تي جيڪا تنقيد ڪئي ويئي آهي، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اَسَرن جا نظرياتي بنيادَ به تنتر واد تي ٻڌل هئا. گيتا ۾ اَسَرن تي جيڪا لعنت ڦٽڪار ڪئي ويئي آهي، تنهن مان اِهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته گيتا جن پروهتن يا پنڊتن لاءِ هڪ مقدس ڪتاب هو تن جي اخلاقيات کي اَسَرن قبول نٿي ڪيو، جنهن جو مکيه ڪارڻ اهو هو ته انهن پنڊتن جو ڪائنات جي تخليق بابت نظريو اَسرن جي نظريي کان مختلف هو. گيتا ۾ خود اِها ڳالهه بيان ٿيل آهي. گيتا ۾ بيان ٿيل آهي ته اَسرن جي خيال موجب هيءَ دنيا فقط جنسي مُحرڪ سبب وجود ۾ آئي آهي. گيتا جي شلوڪ ۳:۱۶ ۽ ۱۷:۱۶ ۾ بيان ٿيل آهي ته اَسرن جي نظريي موجب ڀڳوان جو ڪوبه وجود نه هو، اُهي پرلوڪ کي به نه مڃيندا هئا. اُنهن جون ريتيون رسمون ايشور جي انڪار تي جُڙيل هيون. لوڪ. ـ يَتِ وارن جو به اِهو ئي نظريو هو جيڪو تنتر واد مان نڪتو هو. لوڪ. ـ يَت، اَسَر، چاروَڪ ۽ تنتر واد کي مڃڻ وارن جو چوڻ هو ته تخليق جيئن ته نَر ۽ ماديءَ جي جنسي ميلاپ مان ٿئي ٿي، تنهن ڪري سڄي ڪائنات به عورت ۽ مرد جي ميلاپ مان پيدا ٿئي ٿي. اهو نظريو واضح طور تي هڪ جڙ. ـ وادي نظريو آهي.

تنتر مَتِ جا گيت:

تنتر مَتِ ۾ رقص ۽ ترنم يا راڳ رنگ کي مقدس عمل قرار ڏنو ويو آهي. نالي وارو دانشور ۽ شاعر رابندر ناٿ ٽئگور لکي ٿو ته: ”راڳ رنگ ۽ موسيقيءَ انسان جي حقيقي خواهشن جي پوري ڪرڻ واريءَ جدوجهد مان جنم ورتو آهي. موسيقي ۽ راڳ ۾ بنيادي شيءِ رِدم يا تال آهي. ۽ اِها تال هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو انسانن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻ، محنت ڪرڻ، قدم کڻڻ، گڏجي هٿ لوڏڻ ۽ گڏجي آواز ڪڍڻ جي ترڪيب سيکاري ٿو.“

انسان جيئن جيئن سڀني انسانن ۾ هم آهنگي يا يگانگت کي نکارڻ جي ضرورت محسوس ڪندو ويو، تيئن تيئن هو سُر ۽ تال کي به سڌاريندو ۽ نِکاريندو ويو. انساني هم آهنگيءَ جي اعليٰ ترين صورت حاصل ڪرڻ لاءِ احساسن ۽ جذبن جي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي جيتري وڌيڪ ضرورت محسوس ڪئي ويئي، سُر ۽ تال اوترا ئي وڌيڪ منظم ٿيا. امير طبقا جيئن ته انسانن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ ۾ مصروف رهن ٿا، تنهن ڪري اُهي موسيقيءَ ۽ راڳ رنگ کي فقط تفريح جو وسيلو سڏين ٿا. جڏهن ته پورهيت ماڻهو هڪٻئي ۾ رِلي ملي هڪ ٿيڻ جي تانگهه ۾ تڙپندا رهندا آهن، تنهنڪري اُهي سُر ۽ تال سان گڏوگڏ تڙپڻ ۽ لُڇڻ کي پنهنجي خوشي ۽ پنهنجو ايمان سمجهن ٿا. قديم هند توڻي سنڌ جي ثقافتي صورتحال جو اڀياس ڪرڻ سان اهو به معلوم ٿيندو ته سُر ۽ تال دراصل اُنهن ئي ماڻهن تخليق ڪيو هو جن کي تنتر مَتِ جا پوئلڳ چيو وڃي ٿو. لوڪ. ـ يَتِ ۽ چاروَڪ سڏرائڻ وارا ماڻهو جيڪي تهذيبي حوالي سان دراوڙ ۽ ذات پات جي حوالي سان اڄڪلهه شودر سڏجن ٿا، انهن ئي ڳائڻ ۽ موسيقيءَ کي ايجاد ڪيو هو.

جنهن دائري ۾ بنگالي ۽ اسين باهمي تعلق رکون ٿا يا اسان جا ڏورانهان ابا ڏاڏا تعلق رکندڙ هئا، سا هيءَ ڌرتي ئي هئي ۽ آهي، جتي اُهي حقيقتاً ڄاوا هئا ۽ اسين اڄ به ڄمون پيا، اُنهن اسانجن وڏڙن ابن ڏاڏن جون خواهشون اسان ئي وانگر هن سنسار ۾ ڌَن، ڀاڳَ، فصل، صحت، وڏيءَ عمر ۽ ٻين ضروري دنياداريءَ جي گهُرجن جي پُورائي واريون هيون. برسات جي خواهش ڪرڻ، اُنهيءَ لاءِ نِرت ۽ ناٽڪ رچائڻ ۽ گيت ڳائڻ ظاهر آهي ته هڪ مادي خواهش آهي، جنهن سان سندن مادي ضرورتون ۽ خوشيون وابسته هيون. اِنهيءَ ۾ ڪنهن به روحانيت يا ”ٻيءَ دنيا“ وغيره جو ڪوبه ذڪر ٿيل ڪونهي، بلڪ اِها هڪ لوڪ رسم (Folk ritual) آهي، جيڪا قديم زمانن کان نسل دَر نسل هلندي ٿي اچي، ۽ اچي اسان جي نسل تائين پهتي آهي ۽ شايد ڪي صديون اڳتي اڃا به ائين اُها هلندي ئي رهي! تنهنڪري اسين اِهو چئي سگهون ٿا ته اِها رسم لوڪ. ـ يَتِ اِتهاس جي رسمن مان هڪ رسم آهي بلڪ، اَڀئه نِندر ناٿ ٽئگور جي لفظن ۾ ماڻهن جي مَنَ لاءِ اِها ”ڌرتيءَ جي ساز سان ماڻهوءَ جي مَنَ جو سُر ملائڻ“ واري رسم آهي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ بنگال. ـــ جيڪي ٻئي دراوڙي تهذيب وارو ماضي رکن ٿا. ـــ ٻنهي ۾ صدين کان موجود آهي ۽ ساڳئي ئي اُدم ۽ اُتساهه سان اڄ به ادا ڪئي وڃي ٿي.

1 comment: