Friday, July 10, 2015

مَنَ گهُري مُشتاق سَان - آدرش

مَنَ گهُري مُشتاق سَان
آدرش
***
ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو فن مزاح لکڻ آهي. اهڙو مزاح جنهن ۾ انسان جا احساس اهڙي نموني سرجيل هجن، جنهن ۾ سچ هجي ۽ اهڙو مزاح هجي جو ماڻهو مرڪي پئي. ترڪيءَ جي چوڻيءَ وانگر ”ڀوڳ ۽ سچ ٻڌائي رهيو آهين.“
سنڌي ادب ۾ ”ڪروڙ پتي“ مزاحيه ادب لکندڙ اهو ليکڪ آهي، جنهن مزاح جو بنياد رکيو. علي احمد بروهي صاحب سٺو مزاحيه ادب لکيو. هو تقرير جو به بادشاھ هو ۽ پيو وندرائيندو هو. هن جو وڏو ڀوڳ هڪ غير سنڌي فاشسٽ تنظيم ۾ شموليت به هيو.
حليم بروهي صاحب جو مزاحيه ادب ۾ اوچو مقام آهي. شخصي حوالي سان به هو ارڏو ۽ سچو ماڻهو هو. امتياز ابڙو پڻ مزاح لکي پاڻ ۾ ملهايو، پر هن جي اسلوب تي اردو مزاحيه ليکڪ ڊاڪٽر يونس بٽ جو پاڇو آهي.
***


اردو ادب ۾ ڪنعيا لال ڪپور مزاحيه ادب جو بنياد رکندڙ آهي. پطرس بخاري جنهن جو اصل نالو احمد شاھ بخاري هو. هن جي مضمونن جو اڪيلو ڪتاب ”پطرس ڪي مضامين“ ڪلاسيڪ جي حيثيت رکي ٿو. هن جي نالي تي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۽ هڪ روڊ منسوب آهي. ان روڊ تي نالي رکائڻ لاءِ اردو ليکڪن عملي قدم کڻي پطرس بخاري جي نالي، منظور ڪرايو هو. ان روڊ تي اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ مقتدره قومي زبان جي دفترن کانسواءِ هڪ مشهور اسپتال به آهي.
***
اردو ليکڪن علمي وک کڻي هڪ مزاحيه ليکڪ جي نالي سان اسلام آباد جهڙي شهر ۾ هڪ شاهي روڊ منسوب ڪرايو. اسان سنڌي ليکڪ مهان اديبن جي نالي روڊ ته ڇا ڪو قبر جي ڪتبو نه هڻائي سگهيا آهيون. تنوير عباسي اسلام آباد ۾ دفن آهي. هن جي تربت جي ڄاڻ، هن جي وني ۽ پٽ کي به شل هجي. باقي يونيورسٽيءَ ۾ چيئر قائم ڪري، سيمينار ۾ اُڀ ڏاريندڙ تقريرون ڪنداسون ”ائلِي ڙي! تنوير صاحب مون تي ساھ صدقو ڪندو هو.“ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي، جعفر جهڙيون رڙيون ڪري، اُبتا سبتا لقب القاب ڏئي، قورما کائي، بجيٽ جي اڌ رقم سيمينار تي خرچ ڪري، اڌ رقم ناسي ٻٽونءَ ۾ کڻي، گهر اينداسون ته ٻارڙا تاڙيون وڄائي چوندا ”ابو کٽي آيو خير سان، هو جمالو!“
***
اردو ۾ مزاحيه ادب سرجيندڙن ۾ شفيق الرحمان، مشتاق احمد يوسفي، ابن انشا، ضمير جعفري، ڪرنل محمد خان، محمد خالد اختر ۽ ڊاڪٽر يونس بٽ سگهارا ليکڪ آهن.
ابن انشا هڪ سٺو شاعر به هو، هن سفرناما به چٽ پٽا لکيا. محمد خالد اختر، چاچا عبدالباقي جو ڪردار سرجي مزاحيه ڪهاڻيون لکيون پر چسُ ڪونه اٿن. هن ڪهاڻيون ۽ جيڪي سفرناما لکيا آهن سي نثر جو اعليٰ نمونو آهن. هن جا ٻه ٽي لکيل ناول به متاثر ڪندڙ ڪونه آهن.
مزاحيه اردو شاعريءَ ۾ چڱا شاعر آهن. سنڌيءَ ۾ ڪو سُجهي ئي ڪونه ٿو، سواءِ هڪ شاعر جي. اهو آهي کجين واري شهر جو ”مير صوبدار سعيد“. ماڻهو به ڀلو ته مزاحيه شاعر به سٺو، سدوري جي شڪل به شينهن ڇاپ گوريءَ جهڙي.
هن جو هڪ شعر آهي ته :
سُٿڻ لاهي پاتم چڍي
اها ڳالهه ڪنهن ڏَسِي.
***
هاڻوڪي دؤر ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ڏاڍو سٺو مزاح لکندڙ آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾، جڏهن يونس لاهور ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته هن نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو. هن سان خط و ڪتابت ٿيندي هئي. لاهور وڃڻ ٿيو هو ته شاعر دوست اعجاز رضويءَ سان، هن سان ملڻ لاءِ، هاسٽل تي ويا هياسون. ٻه ٽي ڪلاڪ چانهن جي ڪوپ تي سٺي ڪچهري ٿي هئي.
ڊاڪٽر يونس بٽ ٽيلي ويزن لاءِ سٺا مزاحيه ناٽڪ لکيا. هن جا سورهن کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. اڄ ڪلهه ”جيئو“ ٽي وي تي مزاحيا  سلسلو ”هم سب اميد سي هين“ لکڻ سان گڏ ان کي ڊائريڪٽ به ڪري رهيو آهي.
***
ابن انشا هڪ سٽ لکي هئي ته ”اسان عهد يوسفي جي دؤر ۾ جي رهيا آهيون“ اها سٽ هن مشتاق احمد يوسفيءَ جي مزاحيه لکڻين جي حوالي سان لکي هئي.
مشتاق احمد يوسفي مزاح سرجيندڙن ۾ ڏاڍو برجستو ليکڪ آهي. هن جا ٻه ڪتاب ”زرگزشت“ ۽ ”آبِ گم“ شاندار ڪتاب آهن. يوسفي صاحب الائيڊ بئنڪ ۾ پريزيڊنٽ هو، جتان ئي رٽائرمينٽ ورتي هيائين.
ڪراچيءَ ۾ رهندي هڪ ڏينهن هن ڏانهن لڙي ويو هيم. ڏاڍي محبت ڏني هيائين. ٻچن سان گڏ ويهاري، منجهند جي ماني کارائي هيائين. پنهنجي لائبريري ڏيکارڻ کانپوءِ پنهنجو ڪتاب ”خاڪم بدهن“ تحفي طور ڏنو هيائين. يوسفي صاحب جا ڪل پنج ڪتاب شايع ٿيل آهن.
***
مشتاق احمد يوسفي صاحب جي ڪتاب مان چونڊ ڀليون ڳالهيون. سنڌي ويس ۾ پيش آهن.
* صبح ان وقت ناهي ٿيندو، جنهن مهل سج اُڀري. صبح ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ماڻهو ننڊ مان اُٿي.
* هڪ ڏينهن هڪ شخص سومهڻيءَ جي نمازپڙهي، خدا کي ٻاڏائيندي، پريشانيون دور ڪرڻ لاءِ دعا گهري رهيو هوس ته هڪ نئين پريشاني ياد پيس ته جلاليءَ ۾ اچي ويو. دعا ۾ ئي چوڻ لڳو“ تو اڳليون پريشان ڪهڙيون دور ڪيون آهن جو هيءَ دور ڪندين.“ ان رات مُصلو جو ويڙهي رکيائين ته  وري ان جي ويجهو نه ويو.
* اسان وٽ بي اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ته پرائمري ماستر ٿيندو آهي، پر جي بي اي ۾ ناپاس ٿئي ته فوج ۾ ڪئپٽن.
* يورپي ماين لاءِ اسان جو مشاهدو آهي ته ڪهڙا به لٽا ڪپڙا پائن، ڀليون لڳنديون، ڪجهه به نه پائن ته فلم هٽ ٿي ويندي.
* ڪمبوه مرد ۽ غزل لکندڙ شاعر کان پردو ڪرڻ ضروري آهي ڀل اهو مئل ڇو نه هجي.
* ڪراچيءَ جي هڪ طوائف کان گانو ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو. الا! هن جو اُچار، هن  جي چال چلت کان به وڌيڪ خراب نڪتو.
* رنڊيءَ کي ٿاڻي تان اين او سي ان ڪري وٺڻي پوندي آهي ته پوليس کي صفا پڪ ٿئي ته هوءَ ڌنڌي تي وڃي رهي آهي، واعظ ٻڌڻ يا سياست ۾ بهرو وٺڻ لاءِ ڪو نه وڃي رهي آهي.
* شينهن، هوائي جهاز، گولي، ٽرڪ ۽ پٺاڻ ريورس گيئر ۾ هلي ئي نه سگهندا.
* فقير جي گار، عورت جي ٿڦ ۽ مسخري جي ٽوڻي تي خار نه کائڻ گهرجي.
* جيڪو ملڪ جيترو غريب هوندو اُتي اوترو ئي پٽاٽي ۽ مذهب جو واهپو هوندو.
* دفنائڻ مهل سڀ ئي ڏکويل هوندا آهن، سواءِ ميت جي.
* ڪجهه ماڻهو پنهنجي پيدائشي بزدليءَ سبب سڄي عمر گناهن کان بچل رهندا آهن.
* جبل ۽ اڌڙوٽ زائفان اصل ۾ آئل پينٽنگ وانگر هوندا آهن. انهن کي پريان کان ڏسڻ گهرجي.
* حقيقت ۾ زندگي ۽ موت ۾ ڪو فرق ڪونهي. گهٽ ۾ گهٽ ايشيا ۾.
نامياري چترڪار پڪاسو کي ڪنهن همراھ چيو ”اڙي سائين! تنهنجون تصويرون ته ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اينديون هونديون، پر پنجاھ ڪروڙ ماڻهو اها ڳالهائيندا آهن.“
* مڙس نڪ ڪپڻ لاءِ ڦريو، زال چويس نٿ گهرائي ڏي.
* عرض ۽ غرض ۾ ڇا جو شرم!
* پروردگار! مون کي ڪافرن وانگر مرڻ ۽ مسلمانن وانگر  جيئڻ کان بچاءِ.
* گناھ جو ذڪر، گناھ جي عمل کان وڌيڪ مزيدار هوندو آهي.
* جنهن جي ڇت جيڏي وڏي هوندي، ان مٿان برف به ايڏي ئي ڪرندي.
* اسان وٽ جيڪي پڙهائيءَ ۾ ڏڏ هوندا آهن، سي فوج ۾ ويندا آهن ۽ جيڪي فوج ۾ ميڊيڪلي ان فٽ ٿيندا ته پروفيسر ٿي ويندا آهن.
* ڏاڙهي تيستائين برداشت ڪرڻ لائق آهي جيستائين ڪاري آهي.
* ڪراڙپ ۾ ماڻهوءَ جي شهوتي قوت زبان ۾ اچي ويندي آهي.
* جيستائين پٽڪو مٿي تي آهي، ماڻهو پاڻ کي اگهاڙو ۽ بي حياءُ محسوس نه ڪندو آهي، ان ڪري ئي انگريز عورت کي ڏسي ٽوپلو لاهيندو آهي.
* جوان ڇوڪريءَ جي کُڙين ۾ به اکيون هونديون آهن.
* جڏهن ليڊر خود غرض، عالم ٺاهه ڪندڙ، عوام ڊنل ۽ حاڪم جي رضا تي راضي رهندڙ، دانشور چاپلوس ۽ ادارا کوکلا ٿي وڃن ته جمهوريت آهستي آهستي آمريت کي واٽ ڏيکاريندي ويندي آهي.
* ٽئين دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي حالتن تي نظر ڊوڙايو، ڊڪٽيٽر پاڻ نه ايندو آهي، سڏيو ۽ آندو ويندو آهي.
* وقت گذرندي ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي پر هر چهري تي هڪ داستان لکي ويندو آهي.
* امير صاحب مرزا غالب جي شاعريءَ جو متوالو هو. ڪنهن شخص هن اڳيان غالب جو شعر غلط پڙهيو. ٻانهون کنجي چوڻ لڳس؛ ”ميان! هي ڪو قرآن يا حديث آهي جو جيئن وڻئي تيئن پڙھ.“
* چينين جو منهن، عمر کان بي نياز هوندو آهي ۽ انگريزن جو جذبن کان.
* بئنڪ وارو سٺي وقت جو ساٿي هوندو آهي. موسم سٺي هوندي ته اوهان کي زوري ڇٽي ڏيندو. جيئن ئي مينهن ڪڻيون پيون ته ڇٽي اوهان کان کسي ڇڏيندو.
* وياج ۽ ڪينسر کي وڌڻ کان ڪو ئي به روڪي نه ٿو سگهي.
* چُنيوٽي يا ميمڻ چريو ٿئي ته به ٻين جي پڳ لاهي پنهنجي گهر ڦٽي ڪندو.
* دولت، سياست، عورت ۽ عبادت ڌيان گهرندا آهن، خيال مٽيو ته منزل کوٽي.
* انگريزيءَ جا گار صفا ڦڪي هوندي آهي، اها ته ماڻهو پاڻ کي به ڏئي سگهي ٿو.
* ڀيروي ۽ چاپلوسي سدا بهار راڳڻيون آهن.
* کدڙي سڄي ڪمائي، مڇ ڪوڙائڻ ۾ وڃائي.
* ميندي لڳل مڇن واري کي زائفان ۽ ڌاڙيل ليکندا ئي ناهن.
* مسلمان ڪنهن به جانور کي جيئرو نه ڏسي سگهندا آهن، سواءِ سوئر جي.
* پٽڪو ته ان ڳالهه تي آهي جو جنهن ۾ رس آهي، ان تي وس ناهي. وري جنهن تي وسُ آهي، ان ۾ چَسُ ناهي.
* هر انسان سان گڏ شيطان پيدا ٿيندو آهي.
* ظلم ظالم ۽ مظلوم، ٻنهي کي بڇڙو ڪندو آهي.
* وڇونءَ جو زهر پُڇ ۾، ڏينڀوءَ جو ڏنگَ ۾، چرئي ڪتي جو ڄڀ ۾ هوندو آهي. انسان اهو جانور آهي جنهن جو زهر هن جي دل ۾ هوندو آهي.
* خالي ٻوري ۽ شرابيءَ کي ڪير سڌو بيهاري سگهندو؟
*داغ ٻن شين، دل ۽ جوانيءَ تي ٺهندو آهي.
* جنهن وڌي وڃي ڪري ڪلف ڀڳو، جاءِ اُن جي ٿي ويندي.
*مرزا عبدالودود سنڌي پهرئين ڪتاب جا سبق پڙهي چوڻ لڳو؛ ”ماکي ته سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪو فرق نظر نه آيو. سنڌيءَ جي نقطن کي اُبتو ٽنگيو وڃي ته اردو ٿي پوندي.
* زال گذاري ورهيه ٿي ويس. هڪ همراھ ٻي شاديءَ جي صلاح ڏنس ته چوڻ لڳس: ”من! کنوڻ ساڳئي هنڌ تي ٻيهر ناهي ڪرندي.“
* اورنگزيب عالمگير راجپوت سردارن کي مهم تي هڪ ڏورانهين ڏيهه موڪليو، ورهيه وهامي ويا. چانڊوڪي راتيون آيون ۽ ويون. سانوڻ آيا. نيڻ کي ڇلڪائي ويا. ڪڪ ٿي نيٺ هڪ ڏهاڙي، برھ جي ماريل ٺاڪراڻين بادشاھ کي هڪ دوهو ٺاهي پيش ڪيو.
”پرين سون وٺڻ ويا ۽ اسان جو ملڪ سونو (ويران) ڪري ويا. اسان کي نه سون مليو نه ئي پرين مليو، وارئي چاندي ٿي ويا.“
*عام ماڻهوءَ جي سڃاڻپ اها آهي ته هو ٽن موقعن تي نظر جو مرڪز بڻبو آهي. ڇٺي، نڪاح ۽ دفنائڻ مهل.
*هڪ شخص فرينچ ليکڪ مارسل پرائوسٽ کان پڇيو؛ ”سائين! فوجي تاريخ ۾ اوهان کي ڪهڙي واقعي متاثر ڪيو؟“ هن ٺهه پَهه وراڻيو، ”فوج ۾ منهنجي ڀرتي.“
*ٻڍائپ جي شادي ۽ بئنڪ جي چوڪيداريءَ ۾ ڪوئي فرق ناهي.
*قبر کوٽڻ وارو هر ميت تي ڳوڙها وهائي ها ته روئي روئي انڌو ٿي پوي ها.
*ڌيءَ ڪيڏي به سياڻي ۽ سُلڇڻي هجي، ماءُ جي ڇاتيءَ تي جبل وانگر هوندي آهي.
* جانورن ۾ ڪتو ۽ گهوڙو، انسان جا پهريان ۽ اهڙا پڪا سنگتي آهن، جن هنن ڪاڻ جهنگ کي ڇڏي ڏنو.
* گهوڙو تڏهن بزدل ٿي ويندو آهي، جڏهن هن تي سوار ڪو بزدل هوندو آهي.
* ان سان ڪو فرق ڪونه ٿو پئي ته ٻلي اڇي آهي يا ڪاري. ڏسڻو اهو آهي ته هيءَ ڪوئو ڦاسائي سگهي ٿي يا نه.

* ماڻهو اوترو ئي اڪيلو هوندو آهي جيترو هو محسوس ڪندو آهي.

No comments:

Post a Comment