Monday, July 13, 2015

ڀاڻ جا خالي ڪٽا - مٺل جسڪاڻي

ڀاڻ جا خالي ڪٽا
سيڙپ، محنت ۽ مهارت ٿوري، ججهي بچت
مٺل جسڪاڻي
روزگار اڄ جو اهم مسئلو آهي! شايد ئي ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ڪو بي روزگار نه هجي! اهڙي ماحول ۾، ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ضرورتن ئي سائنسدان ۽ محقق پيدا ڪيا آهن. ضرورتن ئي ماڻهن کي ماڻهپي مان ڪڍيو آهي. اهڙي ماحول، اهڙين حالتن ۾، آئون ڪنهن سٺي روزگار جي تجويز ته نه پيو ڏئي سگهان. ”جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت مثل، جتي ذريعا نه هجن، جتي سيڙپ لاءِ رقم نه هجي، جتي هنر جي کوٽ هجي، اتي ڇا ڇا ممڪن آهي، انهن گهڻن پهلوئن تي به ڪا خاص معلومات مهيا ڪرڻ، هن وقت منهنجو موضوع نه آهي. ان هوندي به، منهنجي ڪوشش آهي ته پڙهندڙن کي بظاهر انتهائي غير اهم پر، پنهنجي جاءِ تي تمام ٿوري سيڙپ، ٿوري محنت، ٿورو هنر گهرندڙ اهڙي ڪاروبار ڏانهن ڌيان ڇڪايان. ان جا مختلف رخ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان، جنهن جي نتيجي ۾، جيڪڏهن ٿورو به عقل سوايو استعمال ڪيو ويندو، ته منهنجي خيال ۾ ججهي بچت متوقع آهي.


اوهان کي عام توڙي خاص فصلن، ڀاڄين، ميويدار باغن، نمائشي ٻوٽن ۽ وڻن ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف نمونن جو هٿرادو ڪيميائي ڀاڻ جي ته خبر هوندي ئي. اها به خبر هوندي ته اڪثر ڀاڻ ۽ زرعي استعمال جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون، پهرين تمام سٺي خاصيت واري مضبوط پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ سيل ڪبيون آهن ۽ پوءِ ان ئي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ کي ڦاٽڻ يا ڪنهن به ٻئي متوقع نقصان کان بچائڻ، يعني ڀاڻ زيان ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ، ان کي نئين نڪور، هڪ ٻئي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ به بند ڪيو وڃي ٿو، ته جيئن ڀاڻ واري ڪارخاني مان ڀاڻ جي ايجنسي ۽ اُتان مختلف دُڪانن يا وري زميندارن جي گدامن کان هارين تائين پهچائڻ وارن مرحلن ۾ اهي ٿيلها ڦاٽڻ کان محفوظ رهن.
ڀاڻ، توڙي ٻيون به ڪيتريون ئي شيون، ساڳئي قسم جي ٿيلهن، يعني ڪٽن ۾ اينديون آهن، جن کي عام ٻولي ۾ ڪٽو (واحد)، ڪٽا (جمع) چيو ويندو آهي. اهي ڪٽا پلاسٽڪ مان ٺهيل هوندا آهن.
فصلن ۽ باغن ۾ ڀاڻ ڇٽجڻ کانپوءِ خالي ٿيندڙ ڪٽا، ردي وانگر ۱۰ رپيا  في ڪٽو وڪامندو آهي. جيڪي اهي ڪٽا وڪڻندا نه آهن، اهي انهن ڪٽن کي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ آڻيند آهن.
عام طور ڀاڻ جي خالي ٿيل ڪٽن ۾ مختلف ڀاڄيون، ميوا، اناج، يا ٻج وغيره وجهي، بارداڻي طور استعمال ڪري بازار موڪليو ويندو آھي. خالي ٿيندڙ بيڪار ڪٽا، کڙ، ڪتر، بوسو، بهه وغيره توڙي ٻين به ڪيترين ئي شين لاءِ بارداڻي طور ته استعمال ٿيندا آهن، پر ان کي ٻين به ڪيترن ئي ڪاروباري مقصدن يا ضرورتن پٽ-اندر استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڀاڻ جا خالي ڪٽا، ڪٿي ڪٿي، ڪيئن استعمال ٿين ٿا، ان بابت ڪجهه مثال ان نيت سان ته، اهي ڪٽا بهتر کان بهتر مقصد لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
عام غريب هاري، نوان خالي ٿيل ڪٽا، ڳنڍي، ٽوپي، کٽ ۾ اهڙي طريقي سان استعمال ڪندا آهن، جو کٽ عام واڻ واري کٽ کان وڌيڪ نرم ملائم بنهه آرامده ٿي پوندي آهي. جڏهن ته بنهه بيڪار ڪٽا ڪٽي، واڻ وٽي، انھن سان کٽون واڻبيون آھن، ته اهي کٽون به ويهڻ، سمھڻ جهڙيون ٿي پونديون آھن. ڪٽا، رسا ٺاھڻ جي ڪم به آڻيندا آھن. نوان ۽ مضبوط ڪٽا، گاھ پٺو کڻڻ لاءِ چادر طور استعمال ڪندا آھن. ڪي هاري، ڪٽا پاڻ ۾ ملائي، سبي، وڏو ترپال، پال تيار ڪري، ان کي اجهي طور، ويهڻ لاءِ، اناج يا ڪا ٻيءَ زرعي اپت ڍڪي رکڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.. اھو ترپال تڏي، تئونري وانگر ھيٺ وڇائي ويھڻ ۽ سمھڻ لاءِ به استعمال ڪبو آھي، ته لابارو ۽ راھ ڪيل زرعي اپت کي ڍڪي رکڻ لاءِ به ڪم آڻبو آھي. جڏھن ته اس کان بچڻ لاءِ ڇٽي ٺاھي ويھڻ، منھه، گھر جي ڇت ۾ به، ته گهر جي پردي طور دروازي تي پڻ ٽنگي ڇڏبو آهي. ڪجهه هاري ۽ مالوند ماڻهو، سياري ۽ برسات جي موسم ۾ ڳچي ۽ ٻانهن لاءِ ڪٽا ڪٽي، قميص، ڪوٽ طور پڻ استعمال ڪندا آھن. عورتون وري کير ڄمائڻ، ڌونئرو ڪرڻ لاءِ ماٽيءَ کي ويڙهينديون آهن، ته جيئن کير ڄمائڻ لاءِ گهربل گرمي پد برقرار رهي.
مالوند، ڪٽن مان رسا ٺاهي ڍور ڍڳا ٻڌندا آهن، ونگ طور استعمال ڪن، ٻڪرين ۽ رڍن سان گڏ پهرندڙ سندن کير پياڪ ڦرن کان کير بچائڻ لاءِ جهالنگ ٺاهي ٻڌندا آهن.
ڪٽن ۾ نه صرف ان وجھي چڪيءَ تان اٽو پينھائي کڻي اچبو آھي. ڪي انھن ڪٽن ۾ گاھ کڻندا آھن. ڪٽن ۾ بھ ڀري، ان کي ڌوئي صاف ڪري، مال کي کارائبو آھي. جڏهن گاهه جي ڀري لاءِ استعمال جهڙو نه رهندو آهي، ته ان مان سينهوڙو ٺاهي، ڀريل مٽ ۽ دلا کڻڻ لاءِ به استعمال ڪبو آهي. گهڻو خراب ٿي ويل، يعني ڇيهون ڇيهون ٿيل ڪٽا، موئارا ٺاھي، ٿانو ملڻ جي پڻ ڪم آڻبا آھن. شيشي ۽ چينيءَ مان ٺهندڙ ٿانءَ، توڙي ٻيون شيون محفوظ پيڪنگ ۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاءِ، ڪٽا پيڪنگ مٽيريل طور به استعمال ٿيندا آهن. اھڙيءَ ريت، جيڪڏھن هڪ هڪ استعمال ڳڻائبو وڃبو، ته ڀاڻ جي خالي ڪٽن جا ٻيا به ڪيترا ئي استعمال ڳڻائي وٺبا.
شاخن ۽ واهن جا بيلدار ۽ داروغا، انھن ڪٽن ۾ ڪک ڪچرو وجھي، واٽر ڪورس جو منھن بند ڪندا آھن. شاخن، واهن ۽ درياءَ ۾ پاڻي وڌڻ دوران بند لڙهڻ کان بچائڻ ۽ هوا جي ڪري ڪنارن کي ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاءِ پڻ، خالي ڪٽن ۾ واري، مٽي ڀري، پچنگ ڪئي ويندي آهي، بند مٿي ڪيا ويندا آهن، لڙهيل گهارا ٻڌڻ ۾ ڪم آڻبا آهن. ھاري ناري جھولي ٺاھي، بار کڻندا آھن.
خالي ٿيندڙ ڪٽا، سچ ته وڏي ڪم جا آھن. ان ڪري ھاري ۽ ڪمدار، ڪمدار ۽ منشي، منشي ۽ زميندار جي وچ ۾ اڻ بڻت جو سبب به بڻبا آھن.
ڀاڻ جي خالي ڪٽن مان ڪي ڪي عورتون سئي سڳي، پشم، ريشمي ڌاڳن ۽ گلن جي مدد سان انتھائي خوبصورت وھاڻا، وڇاڻا، رليون، رلڪا ۽ ٻيون شيون به ٺاھينديون آھن. وڃڻي کي مظبوط ڪرڻ لاءِ ان جو خوبصورت ڪور تيار ڪنديون آهن. ٻنيءَ يا اوطاق تي ماني کڻي وڃڻ لاءِ، يا دسترخوان طور استعمال ڪرڻ لائق به ٺاهينديون آهن. ھڪڙيون عورتون، صرف گھر جي استعمال لاءِ وھاڻا وغيره ٺاھين، ته ٻيون وري مٽن مائٽن کي تحفا ڏيڻ لاءِ ٺاھين، پر غريب گھراڻن جون عورتون، وھاڻا وغيره ٺاھي وڪڻنديون آھن، ته اهي ڪٽا ڄڻ ته گھريلو صنعت طور، آمدني جو ذريعو به بنجن ٿا.

ڀاڻ جا خالي ڪٽا، ٿوري سيڙپ، ٿوري محنت ۽ ٿوري مهارت جي نتيجي ۾، ڪنهن حد تائين ججهي بچت جو ذريعو بنجي سگهن ٿا. ان لاءِ ڀاڻ جي خالي ڪٽن مان ٺهندڙ استعمال جي شين ۽ نمائشي سامان کي متعارف ڪرائڻو پوندو، انهن لاءِ ڪاروباري مرڪز جوڙائڻا پوندا.

No comments:

Post a Comment