Tuesday, June 23, 2015

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار - ماڪن شاھ رضوي

نه ڪي آگم اُڀ ۾، نه ڪڪر ڪارونڀار!
اربع 22 اپريل 2015ع
ماڪن شاھ رضوي
ڇا ته اُهي محبوب ڏينهن هوندا هئا، جڏهن مينهن موڪون ٿي وسندا هئا. هونئن به سڄي سال ۾ مينهوڳيءَ جي سانوڻي مُند سُهاڳي رُت سڏبي آهي. صُبح جو سج اصل اُماڙي کڻي اُڀرندو هو ۽ پوءِ جيئن جيئن مٿي ايندو هو ته ڄڻ اُڀ مان ٽانڊا پيا وسندا هئا، پوءِ ڪنهن پپر ته ڪنهن بڙ جي ڇانوَ چڪاسي، وڻ ٽاريءَ تي ڳيرو گرميءَ کان گهٻرائجي گهو گهو ڪندو هو ته، ڪٿان پري کان تاڙو تنواريندو هو ۽ ٽپهريءَ کان ئي اُتر کان ڀريل ڀورا سليٽي ڪڪرن جا ڪارونڀار جُڙندا هئا. سج  وچين ڌاري پهتو ته اهي ڀريا بادل سُرمائي رنگ ۾ رنڱجي ويندا هئا، جنهن تي اڇي رنگ جا ننڍڙا ڪڪر ڊوڙندا، فطرت جي سونهن کي سوايو ڪرڻ لڳندا هئا ۽ اهڙي مست منظر ۾ ٻگهه پکين جو جوڙو جي انهن ڪڪرن سامهون اُڏامندي نظر آيو ته ڏاها چوندا هئا، بس اجهو ٿو مينهن اچي ۽ ٿيندو به ائين هو. اوچتو هوائن جا در کُلي پوندا هئا ۽ وڄ وراڪا ڏيندي ته گوڙ سان گڏ، وڏ ڦُڙي جي وسڪار شروع ٿيندي هئي، پوءِ اوهيرن پويان اوهيرا هوندا هئا. صُبح فجر ويل ڪي ساعتون مينهن ساهي ڏيندو ته ڀاڳيا چوندا هئا، ڏُهائي ويل ٿو ٽاري يعني مال جي ڏُهائي ڪري سگهبي هئي ۽ پوءِ وري اهي ئي اوهيرا، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار اُڀ تي جُهڙ ڇانيل رهندو، اهڙي حالت کي ”سَرلو“ چئبو هو.


سَرلو سارو ڏينهن، مون پريان جو نه لهي
مينهن وسي اُڪاڻو ته پَٽَ پوٺا، ڌاڃوري، کُنڀين ۽ کٽونبن سان سينگارجي ويندا هئا. مينهوڳي مُند ۾ آبپاشي کاتي وارا واهن ۽ شاخن جو پاڻي گهٽ ڪندا هئا، جيئن گهارا نه پون ۽ اهڙي ويل اسان هڪ جيڏا ڇوڪرا گڏجي واٽر ڪورس جي موڳن کي ”ڇاٻون“ ڏئي مڇي جهليندا هئاسين ۽ ان مڇيءَ جو ذائقو هاڻوڪن فش فارمن ۾ فيڊ کائي وڌندڙ مڇيءَ کان سؤ ڀيرا وڌيڪ لذيذ هوندو هو. وسندي مينهن ۾ ڇيلو يا گهيٽو ڪُهي، ان ۾ پُلاءُ رڌبو هو، جڏهن ته نج گيهه ۾ سُڳداسي چانورن ۽ زهريلي ڦوهارن کان بچيل ڀاڄين ۽ نج گرم مصالحن ۾ تيار ٿيل پُلاءَ جي سُرهاڻ ته ديڳڙيءَ جو ڍڪ کولڻ سان ئي پري پري تائين پکڙجي ويندي هئي. جانور جي جيرن ۽ بُڪين جو جُدا ٻوڙ، جنهن کي ”سلوئي“ سڏبو هو، سو ته پُلاءَ کي ويتر جيئاري سوادي ڪري ڇڏيندو هو.
ڏُٿ جو ذائقو ته اڃا به جُدا، ڇا لَلُر، ڇا مريڙو، ته ڇا کُنڀين جا ٻوڙ، مينهن وسي اُڪامندو هو ته ٻنين ٻارن ۽ پوٺن تي دُٻا دُٻا پلرُ پاڻي ۽ انهن وٽ ”سوڪاري“ (سُڪي زمين جو ٽُڪر) ڏسي ڪچهريون مچائبيون هيون. خان صاحب غلام حسين ڪلهوڙو يڪتاري تي پهاڙي ۽ دُرگا راڳڻين ۾ مٺي ۽ سُٺي آواز ۾ ڪلام ڳائيندو هو.
مينهن وسي ڪيا، ملڪ جي ساوا،
جهانگين جُوءَ ۾، ڪيئڙا جاوا،
گوڙين جا گهمسان، بادل بر مٿي برسن،
عمر! ڪرين انصاف، دلڙيون دم نه ٿيون ترسن.
ماٺار جي ماحول ۾ هن مسافر راڳيءَ جو آواز، واڍوڙيل پکيءَ جي ڪوڪ بڻجي، پري پري تائين پڙلاءُ پکيڙي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري مولودي امير بخش ۽ غلام حيدر لنڊ گڏجي مولوي حاجي احمد ملاح جو ڪلام بنهه نرالي رمز سان ڳائيندا هئا.
هليا ڏُٿ تي سندم ڏوٿي، وٺو آکاڙ جي چوٿي،
وڄون ورنديون ڏسان هوٿي، بهاري رنگ بنايا ڪي،
اکين آرو ٻڌو اڄ پُڻ، اباڻا ياد آيا ڪي.
ڏاها چوندا هئا ته جي جمعي ڏينهن کان مينهن پوندو ته پورو هفتو وسي، ٻئي جمعي تي ”ڍو“ کڻندو يعني ٻئي جمعي تي بند ٿيندو. هونئن به عام چوڻي هوندي هئي؛ ”ڄيٺي مينهن ۽ پوڻيٺي جا پُٽ، ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ٿيندا آهن.“ ڇو ته ڄيٺ مهيني ۾ وسندڙ مينهن ڌرتيءَ جي دل ٺاري ڇڏيندو ۽ هاري ان وٽ تي ٻني کيڙي ڇڏيندا ۽ پوءِ ان کيڙيل ٻنيءَ تي جيترا مينهن پوندا، اوترو فصل ڀلو ٿيندو هو. هاڻي نه مُندائتا مينهن، نه اها سُرهي سيج، نه پاسي ۾ پرين، مُندون ئي مٽجي ويون، نه ته مُند تي ننڍڙا ٻار ڪپڙي جي جهولي جهلي گهر گهر وڃي، سُريلي انداز ۽ آواز سان ”ڪارڙو ڪمارڙو، اَن پاڻي ڏي ته مولا مينهڙو وسائي“ ۽ پوءِ گهرن مان مليل ٻُڪ ٻُڪ يا لپ لپ اَن وٺي، انهن ۾ ڳُڙ وجهي، ڪُهر رڌي ورهائيندا هئا ته شام کان اڳ مينهن اچي ڪڙڪندو هو، پر مُندن ۾ مينهن تي به ڪهڙي ميار جو ماڻهو ئي اهي ناهن رهيا، نه ته هاڻي جي ماڻهن کي ”موگهن“ جي سڃاڻپ.
موگهون مينهن پسائيون، سري ٿيو سيلهو

نه چنڊ کي آيل پڙ جي خبر، نه تتر کرڙي جي ڄاڻ، پر جتي ننڍڙا معصوم ٻارڙا بيگناهه اغوا ٿي ڪُسجي وڃن، جتي نياڻي سياڻي جو حياءَ به ڳولئي نه لڀي، جتي انسانيت جي جيئري لتاڙ چند ڏوڪڙن لاءِ ٿئي، جتي ڏاڍو هيڻي تي جبر ۽ ظلم ڪرڻ جون سڀ حدون اورانگهي وڃي، جتي پوڙهي ماءُ کي ڪاري چئي ماري مخالف تي ڪيس داخل ڪجن يا کيس مارڻ جو سبب پيدا ڪجي، جتي راهه ويندڙ واٽهڙو ماريا وڃن، جتي ماڻهو ماڻهو کي ڍڳي ڍور جيئن چورائي ڳري ڀُنگ وٺي، جتي راڄ ڌڻي خود راڄن تي ٽانڊا رکي ڇڏين، جڏهن رت جي رشتن ۾ ڌن دولت ديوار کڙي ڪري ڇڏي، جتي مٽيون مائٽيون دليون ۽ دوستيون به دولت جي ترازو ۾ توري قائم ڪجن، جتي سچ چوڻ ڏوهه ۽ ڪوڙي خوشامد کرو سِڪو هجي، جتي مهمان اچڻ تي ميزبانن جا مُنهن ڦِٽي وڃن، جتي راتيون جاڳن ۽ ڏينهن سُمهن، جتي انصاف جي ڳولا ۾ هلندي رُلندي حياتيون ختم ٿي وڃن، جتان ماڻهپو، محبت، محنت ۽ مروت موڪلائي وڃن، پوءِ اُتي مينهن ڪيئن وسندا؟ پيار جا پيوند ڪيئن جُڙندا؟ هاڻي ته چيٽي چانڊوڪين ڏسڻ لاءِ به ماڻهن وٽ وقت ڪونهي. شهرن جي خاموش قبرستانن تي چانڊوڪي پکيڙيندڙ چنڊ چُپ چاپ ڏسي ٿو ته جيئرا ماڻهو مُئل ماڻهن جون قبرون کوٽي ڪفن، ڏند ۽ وارا ڪيئن ٿا چورائي وڃي وڪڻن، ڪيئن ٿا بيمار گڏهه ۽ ڪُتا ڪُسجي ۽ گند جي ڍير تان مُئل ڪڪڙيون کڄي ۽ رڌجي ماڻهن جي خوراڪ بڻجن؟ ڪو به ناهي ڪير به ناهي، جو وڏي واڪ چوڪ تي بيهي، انسانيت کي سڏي.

No comments:

Post a Comment