Thursday, May 30, 2019

جمن جو انٽرويو - ھمير گاد

جمن جو انٽرويو
ٽيلي فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن جي مشھور ڊائريڪٽر جمن جو روزنامه “پريشان“ کي ڏنل يادگار انٽرويو.
ھمير گاد


صحافي: توهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو.
جمن: مون کي جمن چوندا آھن. منهنجو جنم ڳوٺ “وڏو سڪيلڌو“ ۾ بابا جي ڀرسان واري کَٽ تي ۲۹ فئبروري تي وڏي مشڪل سان ٿيو. منهنجي تعليم مان ۷ درجا پاس آھيان، ننڍپڻ کان ئي تعليم سان ديوانگيءَ جي حد تائين عشق رهيو. هر سال فيل ٿيندو هُيم جنهن جي نتيجي ۾ تعليمي رڪارڊ شاندار رهيو.
صحافي: توهان جو پهريون اسٽيج ڊراموڪهڙو هو.؟
جمن: منهنجو پهريون اسٽيج ڊرامو “وائڙو“ هو جيڪو پنج ڏينهن ڏيکاريو ويو هو ۽ ان ڊرامي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو هو.


صحافي حيران ٿي: پنج ڏينهن ڏيکاريو ويو هو؟ ڪٿي.؟
جمن: ڪيبل تي.
صحافي: ڊائريڪٽر ٿيڻ جو شوق اوهان کي ڪيئن ٿيو.؟
جمن: اصل ۾ مان ڊائريڪٽر ٿيڻ کان اڳ ۾ واڙي تي مينهون ڏُھندو هُيم، اُتي هڪ ايڪسٽرا اداڪار ڪڏھن ڪڏھن کير وٺڻ ايندو هو ان هڪ ڏينهن مون کي چيو تنهنجو دماغ ڏاڍو تيز آ تون هتي ڇاٿو ڪرين هل ته مان توکي تنهنجي نئين منزل ڏيکاريان. بس پوءِ ان ڏينهن کان مون اهو ڪم ڇڏي ڏنو اڄ ڪلھ هن فيلڊ ۾ باقائدا گند ڪري رهيو آھيان.
صحافي: اڇا، معنىٰ اوهان پهريان مينهون ڏُھندا هيئو. مون کي ان تي هڪڙي ڳالھ ياد آئي ته آمريڪا وارن سائنسي تحقيق کان پوءِ اهو ثابت ڪيو آ ته موسيقي ۽ شاعري ٻڌڻ کان پوءِ مينهون گهڻو کير ڏينديون آھن.ڇا واقعي اهو سچ آھي.؟
جمن: الائي مون کي ان جي خبر ناهي مان ته مينهن کي ڪڏھن ڪڏھن ليمون پياريندو هُيم ان کانپوءِ مينهن ايترو کير ڏيندي هئي جو ڇا ٻڌايانوَ.
صحافي: پيار ڇا آھي.؟
جمن: ملاوٽ... پيار جو صرف نالو وڃي رهيو آ. ھاڻي ته نه اهو پيار رهيو آ ۽ نه ئي سچا عاشق. سچا عاشق هاڻي اوهان کي ڪتابن ۾ ملندا يا ته قبرستان ۾.
صحافي: ڪڏھن عشق ڪَيوَ.؟
جمن ٿڌو ساھ ڀريندي: هاءِ هاءِ..نه پڇ. ڪنهن دور ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو هو، هڪ ڀيري خط ۾ لکيومانس “مان تنهنجي عشق جي مرض جي دوا آھيان“. بس پوءِ ته ان ڏينهن ڊريڪولا جي وڏي ڀيڻ الائي تَپي ويٺي هئي جواب ۾ لکيائين “ تنهنجي ڊيٽ ايڪسپائر ٿي چُڪي آ“
۽ ان ڇوڪريءَ بعد ۾ ان ٽپاليءَ سان شادي ڪري ڇڏي جيڪو خط ان تائين پهچائيندو هو.
صحافي: ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ توهان وٽ ڪهڙي وصف آھي.؟
جمن: ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ ٻن ڳالهين جي گهڻي ضرورت هوندي آھي. (۱) چمچا گيري (۲) شارٽ ڪٽ
صحافي: پسنديده شاعر؟
جمن: جنهن جي شاعري ٻڌي نه هجي.
صحافي: پسنديده ڪتاب.؟
جمن: جنهن ۾ صرف تصويرون هجن.
صحافي: پسنديده ڊش.؟
جمن: جيڪا صاف هجي.
صحافي: واندڪائي ۾ ڪهڙو ڪم ڪندا آھيو.؟
جمن: چوري ڪندو آھيان. ٻين ملڪن جون فلمون جيڪي ڊب ٿي هتي اچن ٿيون انهن کي ڏسي ان جون اسٽوريون چوري ڪري ٽيلي فلمون ٺاهيندو آھيان.
صحافي: توهان پرايون اسٽوريون چوري ڪري ان تي ٽيلي فلمون ٿا ٺاهيو، اوهان کي شرم نه ٿو اچي.
جمن: ان ۾ شرم ڇاجو هاڻي ته عادت پئجي وئي آ. جڏھن اسان جا اديب ٻين جا مواد چورائي پنهنجي نالي سان ڪتاب ٿا ڇپرائن انهن کي ئي شرم نه ٿو اچي ته مون کي ڇو شرم اچي. اڄ ڪلھ اسان جا ھاجمولا ڊائريڪٽر هالي ووڊ فلمن جا پلاٽ چوري ڪري ان تي اسٽيج ڊراما ٿا ڪن ۽ ليکڪ ۾ نالو وري پنهنجو ٿا ڏين ڇا انهن کي ٿورو به شرم آيو..؟ هونئن به هتان جي ڊائريڪٽرن سان منهنجي لڳي ئي نه..مون کي ته پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو وڏو ڊائريڪٽر نظر ئي ڪونه ٿو اچي. مون کي ته هڪ ڀيري هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر جيمز ڪيمرون “ ٽائيٽنڪ“ فلم سنڌيءَ ۾ ٺاهڻ جي آفر ڪئي هئي پر مون مجبورن ان کي جواب ڏئي ڇڏيو.سنڌيءَ ۾ فلم جو نالو هو “ٽائيٽ نَڪُ“ يعني مضبوط نَڪ.
صحافي (حيران ٿي): جيمز ڪيمرون اوهان کي آفر ڪئي هئي، وڏي ڳالھ آ اها ته اسان کي اڄ خبر پئي آ. پر ڪهڙي سبب جي ڪري اوهان هن کي جواب ڏنو.؟
جمن: سبب ڪو خاص نه هو بس ڪابه اداڪارا ڪيٽ ونسليٽ واري ڪردار لاءِ راضي نه ٿي.
صحافي: زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو.
جمن: هڪ ڀيري ڪنهن ايوارڊ فنڪشن ۾ حق منهنجو هو ايوارڊ وري هڪ سينيئر ڊائريڪٽر کي ڏئي ڇڏيائون مان به گهٽ ڪانه ڪئي، ٻئي ڏينهن تي سڀني فلاپ ۽ برباد اداڪارن کي گڏ ڪري سُڪي پُل تي گوڏ پائي تاريخي احتجاج ڪيو هو.
صحافي: معنىٰ توهان کي ايوارڊ ملي ته سهي آ پوءِ سڀ اوهان جا يار آھن، باقي جيڪڏھن اوهان جي ڪنهن سينيئر کي يا اوهان کان سٺو ڪم ڪندڙ کي ايوارڊ ملي ته اُتي سڀ غدار آھن، اُتي وري احتجاج ٿا ڪريو اھو به وري گوڏ پائي. لڳي ٿو بي شرميءَ ۾ باقائدا ڪورس ڪيو اٿو.
جمن: ڏسو ڳالھ بي شرمي ۽ بي حيائيءَ جي ناهي ڳالھ آ ناانصافيءَ جي. مون سان نا انصافي ٿي هئي، تون منهنجي چمچن کان پڇا ڪري ڏس سڀ چوندا منهنجو ڊرامو سڀ کان ڀلو هو نمبر ون هو... جيڪڏھن مون سان ٻيھر ان قسم جي ناانصافي ٿي ته مان پيمپر پائي احتجاج ڪندم. ۽ پاڻ تي هڪ دفعو ٻيهر ماڻھو کلائيندم.
صحافي: کائڻ ۾ ڇا پسند آهي؟
جمن: شگر فري واڱڻ تمام گهڻو پسند آھن.اهي وڏي شوق سان کائيندو آھيان.
صحافي: مون ٻڌو آ ته اوهان کي تاريخ سان به گِھري دلچسپي آ، تاريخ مان توهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ته جڏھن اڪبر بادشاھ امر ڪوٽ ۾ ڄائو هو ته ان وقت ٽائيم ڪيترو ٿيو هو.؟
جمن (ڪاوڙ مان ): نَئين مان چريو ٿيو آ يا اول به جَهٽڪا آيا اٿئي. مون ان تاريخ جي ڳالھ نه ڪئي هئي مون ته ڪئلينڊر واري تاريخ جي ڳالھ ڪئي هئي.خبر ناهي ته اوهان کي اها غلط خبر ڪنهن ڏني.
صحافي: توهان جيترو ٻاهران ڪارا آھيو، ڇا اندران به ائين آھيو.؟
جمن: اهڙي ڳالھ ناهي اندران ۽ ٻاهران ان جي ڪري ڪارو آھيان ڇوته مونکي ننڍي هوندي پولئي جي ڦُڙن جي بدران ڪوئلي جو شربت جام پياريو ويو هو. جيڪڏھن ڪوئلي جو شربت نه پياريو وڃي ها ته اڄ مان خوبصورتيءَ ۾ ايف ايم تي وڃان ها.
صحافي: ايف.ايم...مطلب ريڊيو.
جمن: نه، فادر مڌر.
صحافي: توهان هن وقت تائين جيڪي اسٽيج ڊراما ۽ ٽيلي فلمون ٺاهيون آھن انهن ۾ ماڻهن کي ڪو پيغام ڏنو اَٿَو، ان جو ماڻھن تي ڪوئي اثر به ٿيو آ يا نه.
جمن: بلڪل اثر ٿيو آ ، منهنجو هڪ اسٽيج ڊرامو ڏسڻ کان پوءِ هڪ همراھ سڌو ڪوما ۾ھليو ويو.
صحافي: ڪوما ۾....پر ڇو.؟
جمن: ڊرامي ۾ اداڪارن جي اوور ايڪٽنگ ڏسي.
صحافي: توهان کي هيروئن ڪهڙي پسند آ.؟
جمن: افغانستان واري.
صحافي: مون ان هيروئن جي ڳالھ نه ڪئي، فلمي هيروئن جو ٿو پڇان.
جمن: مون کي پشتو فلمن جون هيروئن ڏاڍيون وڻنديون آھن.
صحافي: پر پشتو فلمن ۾ ته هيروئن جو چهرو ئي ڪونه ڏيکاريو ويندو آ.
جمن: تڏھن ته پسند آھن.
صحافي: آخر ۾ ڪو پيغام.
جمن: پيغام بس اهو ئي آ ته زندگي تمام ٿوري آ، جيترو ٿي سگهي منهنجون ٽيلي فلمون ۽ اسٽيج ڊراما ڏسي ان کي سٺي نموني سان برباد ڪريو.

(”ارادو“ مئگزين جنوري ۲۰۱۹ع جي پهرين شماري ۾ منهنجو ڇپيل مزاحيه انٽرويو.)

No comments:

Post a Comment