Thursday, May 30, 2019

گلوڪاره ۽ اداڪاره شيرين - ھمير گاد


گلوڪاره ۽ اداڪاره شيرين
(مزاح)
انٽرويو: ھمير گاد
صحافي: سڀ کان پهرين اهو ٻڌايو ته اوهان هن فيلڊ ۾ ڪيئن آيا؟
شيرين: رڪشي ۾ چڙھي آئي هيس، ۽ هن وقت ماشاءَ الله سان پنهنجي ڪار آ. تمام ٿوري عرصي ۾ گهڻو ڪجھ حاصل ڪيو آ.
صحافي: اوهان ڪيترو پڙھيل آھيو.؟
شيرين: ٽانگا اسٽينڊ تائين،ڪڏھن ڪڏھن مليل چيڪ به پڙھي ويندي آھيان.
صحافي: مون اوهان کان اوهان جي تعليم پڇي آھي؟
شيرين: اڇا ائين چئو نه، مون ايم- اي ڪئي آھي.


صحافي: ايم-اي ڇا ۾ ڪئي اَٿَو؟
شيرين: مئٽرڪ ۾.
صحافي: بور ٿيندا آھيو ته ڇا ڪندا آھيو؟
شيرين: انهن اداڪارائن جي گلا ڪندي آھيان جيڪي منهنجيون ڪاميابيون ڏسي سڙنديون آھن.
صحافي: اوهان جا فينز اوهان کي تنگ ڪندا آھن؟
شيرين: تمام گهڻو، منهنجو هڪ فين ته پنهنجو نڪاح نامو کڻي آيو چيائين هن تي آٽوگراف ڏيو.
صحافي: اوهان کي ايس ايم ايس ڪهڙا پسند آھن.؟
شيرين: ايزي لوڊ وارا.
صحافي: پسنديده فلم؟
شيرين: فيوجي فلم.
صحافي: اڇا اهو ٻڌايو فنڪار ڪهڙو پسند آھي؟
شيرين: ظالم لوهار.
صحافي: پسنديده ڪلام؟
شيرين: پنهنجي پهرين البم ۾ ڳايل ”ساري رات تنهنجي ياد ۾ ننڊ ناهيان ڪندو، خوابن ۾ به صرف تون ٿي نظر اچين.“
صحافي: ڪهڙي ڄَٽ جي شاعري آ، جڏھن ننڊ ئي ناهي ڪندو ته خواب ڪٿان ڏسندو آ.
شيرين: اها شاعري الموت ميڊيڪل اسٽور واري جي آ.
صحافي: رياض ڪندا آھيو؟
شيرين: ها، رياض ڪڏھن ڪڏھن پاڻ ئي ايندو هو. منهنجي استاد مرحوم جو نالو رياض آ.
صحافي: اوھ.... ڪيئن ڊيٿ ٿي اوهان جي استاد جي؟
شيرين: ماکيءَ ۾ کنڊ وجهي کاڌائين. ان کان پوءِ ھن جي ڊيٿ ٿي وئي.
صحافي (حيران ٿي): ماکيءَ ۾ کنڊ.... پر ماکي ته اول ئي مٺي هوندي آ.
شيرين: الاءِ چون پيا ماکي استاد کي ڦِڪي لڳي هئي، ان جي ڪري.
صحافي: موسم ڪهڙي پسند آھي؟
شيرين: شادين جي.
صحافي: ڪَلر ڪهڙو پسند آھي؟
شيرين: ڪلاسڪ ڪلر ليب.
صحافي: اوهان جي اڪثر ڪلامن ۾ ولگر شاعري ھوندي آھي. اوهان اهڙي قسم جي شاعري ڇو ڳائيندا آھيو؟
شيرين: اصل ۾ مان صرف انهن شاعرن جي شاعري ڳائيندي آھيان، جن جي جهالت ۾ ماسٽرز ٿيل هوندي آھي.
صحافي: ۽ ٻُڌندا به اِهڙا ئي آھن..
شيرين: ڇا چَيوَ؟
صحافي: ڪجھ نه.... اڇا اهو ٻڌايو، نوان شوقيه ڊائريڪٽر اوهان ڏي اسڪرپٽ پاڻ کڻي ايندا آھن يا اوهان کي تڪليف ڏيندا آھن.
شيرين: مان نون ڊائريڪٽرن سان گهٽ ڪم ڪندي آھيان. هڪ ته انهن مان گهڻن کي تجربو ئي ڪونهي. هڪ شاٽ پنج دفعا ٿا وٺن، منهنجو ان ۾ ٽائيم ٿو برباد ٿئي.
صحافي: پهريون ڀيرو ڪڏھن رُنا هُيئو.
شيرين: گذريل سال.
صحافي: ڇو رُنا هُيئو، ڪنهن ايزي لوڊ ٽائيم تي نه پهچايو ڇا؟
شيرين: نه، اصل ۾ منهنجي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ مهنجي موبائل کڻي ڀِت ۾ هنئي هئي.
صحافي: پر ڇو؟
شيرين: موبائل ۾ جيڪا گيم هو کيڏندو هو، مون اها ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي. ان جي ڪري هن کي ڪاوڙ لڳي.
صحافي : ڇا واقعي موسيقي روح جي غذا آھي؟
شيرين: ماڻھو ته وهنجڻ وقت به ڳائن ٿا، سو موسيقي صرف روح جي غذا ئي نه پر موسيقي روح جو غسل به آ.
صحافي: ڪا اهڙي ڳالھ يا ڪو اهڙو واقعو، جيڪو اوهان کي هميشه ياد هجي ۽ اوهان کان وسريو نه هجي؟
شيرين: ها مون کي ياد آ مون هڪ فنڪشن ۾ ۷ ڪلاڪ نان اسٽاپ ڳايو هو. منهنجي مِٺي آواز جي سحر ۾، ماڻھو ايترو ته گُم ٿي ويا جو خبر ئي نه پئي ته پروگرام مان ڪڏھن اُٿي گهر هليا ويا.
۽ مان ته پنهنجي گناهگار اکين سان آرگنائيزر کي پنهنجا وار پَٽيندي به ڏٺو.
صحافي: شاديءَ جو ڪڏھن ارادو آھي؟
شيرين: جڏھن به شادي ڪيم، سڀني کي خبر پئجي ويندي.
صحافي: ڪنهن مارننگ شو ۾ لائيو ڪندئو ڇا؟ اڇا اهو ٻڌايو، شاديءَ لاءِ ڪو آئيڊل ته اوهان جو هوندو؟
شيرين: ها جيڪو سمپل هجي.
صحافي: سمپل مطلب؟ ڪهڙو جيڪو گوڏ ۽ چادر پائي گُھمي.
شيرين: بس! جيڪو منهنجي ها ۾ ھا ملائي، انڪار نه ڪري.
صحافي: اوهان جي مهرباني، اوهان پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي، اسان وٽ آيا.
شيرين: اوهان جي به مهرباني جو اوهان مون کي گهرايو.
صحافي: بس! جنهن اوهان کي گهرايو آ، الله ان کي جلد گهرائيندو.

(روزانه هلال پاڪستان ۾ تاريخ (۲۵-۵-۲۰۱۹) تي ڇپيل ۽ ھمير گاد جي فيسبڪ وال تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment