Sunday, January 20, 2019

زمين جي ورنن جا قسم - ولي محمد طاھرزادو


زمين جي ورنن جا قسم
ولي محمد طاھرزادو
#نئين نڪور ڌرتي يا زمين کي ”نهوَر“ ڪوٺين.
#اڳي پوکي وري ڇڏي ڏنل زمين کي ”کرڙ“ چون.
#بنا ريج واري زمين کي اروٺ، ڪرءُ يا اَريج،
#درياءَ جي ڀرواري ريٽ، پڪي زمين سڏين،
# ۽ چيڪيءَ زمين کي ٽاڪ يا رِپَ نالا ڏين.
# انهن کان سواءِ ٻيا قسم هيءُ آهن:
# بٺ، جنهن ۾ ڪو سلو نه اُڀري،
# قدرتي بيٺل گاهه واري کي ريل چون،
# ۽ جنهن ۾ ٿورڙو گاهه هجي، ته ان کي آڍوري ڪوٺين.


# دڙ، ٻِسر پُٺ وارياسي، بوب ڪلراٺي، ڪلراٺي اڇي ڦليءَ يا اُئي، ڪلر مٿان گجيءَ وانگي بيهندي آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهو ڪپڙا وڃي ڌوئندا آهن. جنهن مان گهڻو پاڻي وهائڻ سان هن کي مٺو ۽ آبادي لائق بنائي سگهجي ٿو
# ۽ ٻي ٿئي ڳاڙهو يا ڪارو ڪلر.
هن ۾ لوڻ تمام گهڻو هوندو آهي، تنهنڪري ڪَکَ وغيره ٿين، ٻي خاص آبادي ڪا نه ٿي سگهندي آهي. لاڙ ڀاڱي جي ڪا زمين مٺي ڪلراٺي آهي، جنهن ۾ ڪمند ۽ ساريون ڀليون ٿينديون آهن.
#پٿريلي يا ٽاڪرو زمين ته ڪا ڪوهستان جي آهي. ان ۾ جتي ريتائتي زمين آهي، ان ۾ برسات پوڻ تي جوئر جو فصل جام ٿيندو آهي.
#آباديءَ هيٺ آيل زمين، پاڻي نه ملڻ ڪري آبادي سڪي وڃي ته ان کي ورڻو ڪوٺين،
# پر ٻرنهه انهيءَ زمين کي چون جنهن کي ريج ڪرائڻ کان پوءِ ٻئي سال پوکڻ جي لاءِ ڇڏجي.
# مٿانهين زمين کي چاڙهه واري زمين ۽
#هيٺانهين کي جهڪاڻ يا جهول واري زمين،
# دوآبي واري زمين کي ٻيگهو يا ٻلهار زمين،
# ٻن ٽڪرين يا ڀٽن واري هيٺانهين زمين کي ماٿري يا وادي چون،
# جبلن مٿان سڌي زمين کي مٿانهون پٽ،
# ڳوٺ جي ڦِٽل زمين کي پڊُ ڪري ڪوٺين.
# بنجر، غيرآباد يا نوبتي زمين کي سڏين،
# بوڀر، سنهي مٽيءَ واري زمين جنهن ۾ مُرئي تائين پير اندر دٻجي وڃي.
# ارڇي جُوءِ، جتي گاهه ۽ مال جو ڪو چارو نه هجي،
# اوتاڙ اُچٽ، مٿانهين زمين،
# اُکرڻ، ريج سڪي ويل زمين،
# ائنٺو، هڪ ڀيرو آباد ڪيل زمين،
# ڀاڙت، ٿڪل زمين جنهن کي ڀاڻ جي ضرورت هجي،
# اوبٽ، هيٺ مٿانهين زمين،
# اوساءِ، چيرن ۽ ڦوڙن واري زمين جيڪا سڪڻ کان پوءِ ڦاٽي پوندي آهي.
# اوڌو وَٽو، سنئين سڌي زمين.
# سرڪاري طرح زمين جا ٽي قسم آهن:
# هڪڙي قبولي جيڪا مالڪن جي هٿ قبضي ۾ آهي، آباد ڪن ٿا ۽ ڍل ڀرين ٿا،
# ٻي ناقبولي ائين پيل سرڪاري زمين جا ڪنهن اڃا خريد نه ڪئي آهي، ۽
# ٽئين ”بندشي“ جيڪا سرڪار جي شرطن جي پورائي نه ٿيڻ ڪري نه مالڪ جي آهي ۽ نه سرڪار جي، جڏهن مالڪ شرط پورا ڪندو، ته سندس ٿيندي

(سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو)



No comments:

Post a Comment