Saturday, January 19, 2019

فلاپ ڊائريڪٽر- همير گاد


فلاپ ڊائريڪٽر
همير گاد
چوندا آھن ته ڊائريڪٽر ڪيپٽن آف دي شپ هوندو آ، پر هي فلاپ ڊائريڪٽر ڪيپٽن آف دي شيپ آ.
فلاپ ڊائريڪٽر ان جي ڪري ڇو جو سندس اڄ تائين ڪو به ڊرامو ڪامياب ٿي نه سگهيو اٿس.


سندس پورو نالو هرو ڀرو خان آ، پر فلاپ ڊائريڪٽر جي نالي سان سڃاتو ويندو آ.
سندس پوري بور ڪيريئر ۾ ڪو هڪ به ڊرامو اهڙو نه آھي جنهن کي ٻاهر ڪنهن ڊراما فيسٽيول ۾ موڪلي سگهجي، ها البته سندس جا ڊراما جيل ۾ قيدين کي ٽارچر طور ڏيکاري سگهجن ٿا.
ڊرامن ۾ شروعات ايڪسٽرا اداڪار طور ڪيائين. ڊائلاگ ڊليوري اهڙي جو اهڙي ڊليوري ڪا ڊاڪٽر به نه ڪري سگهي.سندس ويجهن دوستن جو چوڻ آ ته پوري زندگيءَ ۾ ھن جي چهري تي اسان هڪ ئي ايڪسپريشن ڏٺو آ ان جي ڪري اسان هن کي پٿر خان چئي چيڙائيندا به آھيون. اداڪاريءَ ۾ گند ڪرڻ کان بعد ۾ هدايتڪاريءَ جو جن چڙھيس.جيڪو اڄ تائين چنبڙيو پيو اٿس.
هدايتڪاري هن جي خون ۾ شامل آ ۽ خون هن جي هدايتڪاريءَ ۾.
هدايتڪاريءَ ۾ سندس پهرين ڊرامي جو نالو“ زال گونگي مڙس ٻوڙو“ هو.
هرو ڀرو ڊرامن کان اڳ سينيما تي بليڪ تي ٽڪيٽون کپائيندو هو بعد ۾ جبل جي چوٽيءَ تي پنڪچر ڳنڍڻ جو دڪان کوليائين.
اڄ تائين هروڀرو جا ڊراما ڪنهن کي به سمجھ ۾ ناهن آيا...ايتري قدر جو هن کي پاڻ کي به نه.
پنهنجي ھدايتڪاريءَ ۾ اسٽيج ڊرامي اسٽارٽ ٿيڻ کان اڳ هي پهريان پاڻ مٿي جي سور جون ٽئبليٽ کائيندو آ ڊرامي ختم ٿيڻ کان بعد ۾ِ پبلڪ في سبيل الله ورهائيندي نظر ايندي آ.
مان ته چوان ٿو ڪنهن ايوارڊ تقريب ۾ هروڀرو کي ايوارڊ ڏيڻ جي بجاءِ سندس ڊراما برداشت ڪندڙ پبلڪ کي ايوارڊن سان نوازيو وڃي.
هروڀرو جو آواز اهڙو آ، ائين لڳندو ڄڻ ڪنهن موٽر سائيڪل کي بي خياليءَ ۾ ڪِڪ هنئي هجي.
منهن ايڏو وڏو اٿس “گاڊزيلا“ فلم جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ ٺھي ها ته ان ۾ ٽائيٽل رول پڪ سان هن کان ڪرايو وڃي آ.
هڪ ڀيري حجم کان شِيو ڪرائڻ ويو ته حجم منهن کي ڏسي چيس“سائين گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن لڳي ويندا اوهان تيستائين گهر وارن کان موڪلائي اچو.“
باليووڊ جي چاڪليٽي هيرو ۽ ڊائريڪٽر ديو آنند کان تمام گهڻو متاثر آ، جيئن ديو آنند پنهنجي ڊائريڪشن ۾ فلاپ فلمن جي لائن لڳائي ڇڏي هئي هروڀرو جو به هڪ ئي ڊريم آ اُن جو اهو رڪارڊ ٽوڙڻ.
سندس زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي خواهش وڏي پردي جي لاءِ پشتو فلم ٺاھڻ آ اها به بغير گانن جي.
کيس شايد اها خبر ناهي ته وڏي پردي جي لاءِ فلم ٺاهڻ ڪا راند ناهي، اگر راند هجي آ ته فلمون صرف سيالڪوٽ ۾ ئي ٺھن ها.
اڪثر ڊرامن جي ريهرسل دوران هر نئي اداڪار کي پيار سان سمجهائڻ جي بدران ان کي گاريون ڏيندو آ.
چنگيز خان به هڪ ڏينهن ۾ ايترا ڀيرا تلوار نه ڪڍي هوندي جيترو هڪ ڏينهن ۾ فلاپ ڊائريڪٽر گاريون ڪڍندو آ.
اڪثر پروگرامن ۾ گهٽ ويندو آ، پر جنهن به پروگرام ۾ ويندو آ ۵، ۶ پرفيوم پاڻ سان گڏ کڻي ويندو آ ته جيئن ڀرسان ويٺل آرام سان ويهي سگهن.ان جو سبب اهو ئي آ جڏھن برسات پوندي آ تڏھن وهجندو آ.
هڪ ڀيري اسٽيج ڊرامي جي ريهرسل دوران ڪنهن اداڪارا کيس “چاچا “چيو ته ان کي چيائين“چاچا نه چئو، آھيان نوجوان پر ڪڙاڙي جي ڪيسنگ چڙھيل آھي.“
سندس آئڊيل نصيبو لعل آھي.
ڪيترائي ڀيرا دوستن جي آڏو روئي چوندو آ “ڪاش مان به نصيبو لعل هجان ها.“
هڪ ڀيري ڪنهن صحافيءَ انٽرويو دوران سوال پُڇيس ته “ توهان جي ڪواليفيڪيشن ڇا آھي.؟“
ته ان کي جواب ۾ چيائين: فادر آف سيون چلڊرين.
ڪافي ڊراما ڪري چڪو آ ڊراما ئي هن جو آخري آرام گاھ آ.

(”ارادو“ اخبار ۾، تاريخ ۱۶ جنوري ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment