Sunday, January 12, 2014

ناياب جهنگلي جيوت - کاٽائو جاني

ناياب جهنگلي جيوت
سندس جاري نسل ڪشي ۽ تماشو ڏسندڙ سرڪاري ادارا
کاٽائو جاني
جيتوڻيڪ گلوبل وارمنگ سبب نه رڳو گذريل ٽن ڏهاڪن کان سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر جهنگلي جيوت جي واڌ ويجهه تي تمام گهڻو هاڃيڪار اثر به ٿيو آهي. ڪيترا ئي جانور ۽ پکي، دنيا ۾ ناياب ٿي رهيا آهن. جنهن ڪري جهنگلي جيوت جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن طرفان، دنيا ۾ جيڪي پکي پکڻ ۽ جانور ختم ٿي رهيا آهن، انهن ناياب پکين توڙي جانورن جي ريڊ ڊيٽا لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. انهي ريڊ لسٽ ۾ نه رڳو پرديسي پکي تلور شامل آهي، پر اسانجي ناياب ٿيندڙ مقامي جهنگلي جيوت ۾، هنج، ڪُونج، مور، هرڻ، روجهه وغيره شامل آهن. انهيءَ کانسواءِ جهنگلي جيوت، جيڪا اسان جي ڌرتيءَ جي نه رڳو سونهن ۽ سُندرتا آهي، پر فطرت جي رنگينيءَ جو نظام به انهيءَ جيوت سان جُڙيل آهي، ڪائنات جي خوبصورتيءَ جا رنگ جهنگلي جيوت کانسواءِ اڌورا ويران ۽ اداس هوندا آهن. ان ڪري هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي عروج واري دور ۾ به دنيا ۾ جهنگلي جيوت کي ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ انساني زندگيءَ جي ضرورت شمار ڪيو وڃي ٿو. جهنگلي جيوت جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ ۽ بچائڻ لاءِ 2 فيبروري 1972ع ۾ ايران جي شهر رامسر ۾ هڪ عالمي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن کي رامسر ڪنوينشن چيو وڃي ٿو، انهيءَ تي پاڪستان سميت دنيا جي 123 ملڪن صحيحون ڪيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ ناياب جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ 19 سائيٽن کي رامسر ايريا قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ ۽ رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽيءَ سميت 10 سائيٽ شامل آهن. رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽي، جيڪا 3 لک 20 هزار 436 هيڪٽر ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي ٿي، ۽ اها 1980ع کان وٺي وائلڊ لائيف سينچري پڻ قرار ڏنل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لاقانونيت جي بازار ۾ بربادي ۽ تباهيءَ جو اهڙو ته تماشو لڳل آهي، جتي هڪ طرف دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي بي قابو جِنَ عوام جو جيئڻ عذاب ڪري سُک چين برباد ڪري ڇڏيو آهي، اُتي بيرحم شڪاري، بندوقون اُڀيون ڪري ڍنڍن ۽ ڍورن تي سائبيريا، روس ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان آيل مهمان پکين جو جنهن طرح بندوقن سان آڌر ڀاءُ ڪري رهيا آهن.


انڌير ته اهو آهي ته، هرسال نه رڳو وائلڊ لائيف کاتي جي عملدران سان جٽ ٿي، ظالم مارِي، سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن تي هر سال ايندڙ ناياب نسل جي مهمان پکين جي نسل ڪشي ڪري  رهيا آهن، پر حيرانگيءَ جي حد ته اها آهي ته، وفاقي حڪومت هر سال عرب شهزادن کي انهيءَ ايريا ۾ لاڳو قانون جي پاڻ حڪومت خلاف ورزي ڪندي تلور جي شڪار لاءِ باقائده پرمٽ جاري ڪندي رهي ٿي. دنيا جي حيرانگي ۽ دنگ رهڻ لاءِ اڃا اها ڪا پراڻي نه پر ڪالهوڪي ڳالهه آهي، رڻ ڪڇ واري ساحلي پٽيءَ ۾ دبئي جو عرب شهزادو هفتي اندر 25 بازن ذريعي 82 تلور پکين جو شڪار ڪري واپس پنهنجي ڏيهه موٽي ويو آهي، وائلڊ لائيف کاتي ٿرپارڪر جي عملدارن جي پروٽوڪول ۾ دبئي جي عرب شهزادي ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ جت ترائي ويجهو ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاري تل ڀرسان خيما کوڙي، پنهنجي ڏيڍ سئو ماڻهن تي مشتمل ملازمن ۽ 80 گاڏين جي وڏي قافلي سان پهچي، وڏي ڪئمپ قائم ڪري، ست ڏينهن ترسي، سائيبريا کان آيل مهمان پکي تلور جو شڪار ڪيو. چيو وڃي ٿو ته، عرب شهزادي پاڻ سان گڏ آندل 25 خونخوار شڪاري بازن ذريعي تلور جو شڪار ڪيو. جهنگلي جيوت کاتي جا عملدار پاڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري رهيا آهن ته، عرب شهزادي کي ڏهه ڏينهن اندر هڪ سئو تلور شڪار ڪرڻ جي پرمٽ مليل هئي، پر هن ڀيري تلور گهٽ هجڻ سبب هن ست ڏينهن ترسي 82 تلورن جو شڪار ڪيو، جيتوڻيڪ هونئن ته جهنگلي جيوت جي بچاءُ لاءِ جوڙيل سنڌ حڪومت جو جهنگلي جيوت کاتو اڃان تائين ناياب ٿيل ۽ نسل ڪشيءَ واري ريڊ لسٽ ۾ شامل پکين ۽ جانورن جي شڪار جون پرمٽون به جاري ڪندو رهي ٿو، ڪامورا شاهي کان ڪير پڇڻ ۽ روڪڻ وارو ناهي ته، توهان جي ملڪ ۾ جڏهن مور، هرڻ، تتر وغيره جو نسل ناياب ٿي رهيو آهي، ته پوءِ توهان ڪيئن اکيون پوري اڃان تائين بيدرديءَ سان شڪار جون پرمٽون جاري ڪري رهيا آهيو؟  حالانڪه تلور ۽ ٻين ناياب پکين جي دنيا ۾ گهٽ ٿيڻ ۽ انهي جي نسل ڪشي ٿيڻ تي جهنگلي جيوت جا عالمي ادارا ڪافي عرصي کان فڪر مند آهن، انهي ڪري ٿر ۾ هن سال تلور جي آمد گهٽ ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه انهي ڪري به ڪونهي، جو چيو وڃي ٿو ته، دنيا جي هن ڊگهي ڳچيءَ واري خوبصورت تلور پکيءَ جو گوشت ذائقيدار ۽ طاقتور هجڻ ڪري شڪارين لکين تلور ماري کائي کپائي فنا ڪري ڇڏيا آهن.

جيتوڻيڪ جهنگلي جيوت کاتي طرفان 1974ع ۾ ٿر جي رڻ ڪڇ واري ساحلي پٽيءَ ۾ آيل مهمان پکي تلور جي هڪ سروي پڻ ڪئي ويئي هئي، جنهن رپورٽ مطابق، انهيءَ وقت 41 سئو تلور پکي رڻ ڪڇ جي ساحلي پٽيءَ ۾ آيل هئا، جڏهن ته هن سال گهٽ ۾ گهٽ تلور جي ٿر جي رڻ ڪڇ واري ساحلي پٽيءَ تي آمد ٿي آهي، اها تلور جي گهٽ آمد ڪنهن جي لاءِ ڳڻتي ۽ فڪرمنديءَ جي ڳالهه انهيءَ ڪري به ڪونهي، جو مقامي جهنگلي جيوت مور،  تتر، نيل گائي، روجهه ۽ هرڻ اسان وٽ ناياب ٿي وڃڻ باوجود انهيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ اپاءُ وٺڻ ته ڇڏيو پر اڃان تائين وائلڊ لائيف کاتو شڪارين کي 200 روپيا پرمٽ عيوض هر آچر ڏينهن تي 20 تتر شڪار ڪرڻ جي پرمٽ جاري ڪري رهيو آهي، ۽ پوءِ انهيءَ تتر شڪار جي پرمٽ جي آڙ ۾ گڏوگڏ ٻين ناياب نسل جي جهنگلي جيوت جو بنا پرمٽ جي شڪاري شڪار ڪرڻ جو موقعو هٿان ناهن وڃائيندا. انهيءَ کانسواءِ هڪ سروي رپورٽ مطابق، دنيا ۾ پکين جي مختلف موسمن ۾ پنهنجي رهائش وارا علائقا بدلائڻ لاءِ ست رستا شمار ڪيا وڃن ٿا، جنهن ۾ چوٿون نمبر رستو انڊس گرين روٽ سڏيو وڃي ٿو، ان رستي تان سياري جي مند ۾ سائيبيريا کان ڊگهي ڳچيءَ وارا پکي سنڌ ۾ اچن ٿا، انهن پرديسي پکين جي خوراڪ جي گهٽتائي ۽ موسم جي سختيءَ کان بچڻ لاءِ لڏپلاڻ سبب هنن جو نسل خطري هيٺ اچي ويو آهي. جهنگلي جيوت جي نسل ڪشيءَ جي انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي اهم مسئلي کانسواءِ ٿر جي مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، عرب شهزادي جي هيڏي وڏي قافلي سان تلور جي شڪار واري ڪئمپ دوران ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڏو ڏهڪاءُ ۽ خوف پکڙيل هجي ٿو، ڳوٺن مان کوهن ڏانهن پاڻي ڀرڻ ۽ جهنگ ۾ مال مويشي وغيره چاريندڙ ڌنارن جو جهنگ ۾ اچڻ وڃڻ پڻ انهيءَ شڪار واري علائقي ڏانهن بند هجي ٿو، جڏهن ته مقامي ڳوٺاڻن جي سخت مخالفت باوجود علائقي ۾ قائم ٿيندڙ شڪاري ڪئپمن سان پرامن علائقي ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ کانسواءِ عرب شهزادو ته تلور جو شڪار ڪري تلهار ايئر بيس تي دبئي کان آيل خاص جهاز ذريعي پنهنجي ڏيهه روانو ٿي ويو. پر عرب شهزادي جي ملازمن جون ٿر جي ساحلي پٽيءَ جي مختلف 8 ڳوٺن ڀرسان تلور جي تحفظ ۽ حفاظت ڪرڻ جي حوالي سان غير قانوني طور تي گذريل ٽن مهينن کان ڪئمپون قائم ٿيل آهن، جيڪي اڃان ٻه مهينا فيبروري تائين قائم رهنديون،  مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، انهن ڪئمپن ۾ مقامي ماڻهو ملازم هجڻ باوجود اهي ٿر جي ناياب جهنگلي جيوت مور، هرڻ، تتر، نيل گائي وغيره جو شڪار پڻ ڪن ٿا. جنهن ڪري ٿر جي ڳوٺن ڀرسان غيرقانوني طور تي قائم ٿيل ڪئمپون ختم ڪيون وڃن. پر لاقانونيت جي راڄ ۾ پکي پکڻ لاءِ جياپي جو حق گهرڻ واقعي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جيان لڳي ٿو، پر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل پاران پڻ ڪيترا ئي ڀيرا اڳي ٺهراءُ پاس ڪري عرب شهزادن کي ٿر ۾ تلور جي شڪار جي پرمٽ نه ڏيڻ جي حڪومت کان گهر ڪئي ويئي، پر انهيءَ طرف حڪومت طرفان ڪوبه ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

No comments:

Post a Comment